Sindhi Media
سينيئر رڪن
اي سنڌي باشعور ۽ غيرتمند سڏائيندڙ سپُوتو! هوش ۾ اچو، گهر جا پاڻ ڀيدي نه ٿيو، گهر جا مسئلا ۽ قصا ٻاهرين سان ملي نبيرڻ ڇڏيو، ذاتي انا پرستي، خود نمائي جي ازل کان وڪوڙيل بيمريءَ مان نجات وٺو ڌارين کان مليل خوشفهميون، ذاتي اختلافن ڪري ڌارين جي پُڇن ۾ لٽڪڻ ڇڏيو ۽ پاڻ ۾ ئي ڪس ڪثر کائي هڪ ئي پليٽ فارم تي مُتحد ٿي وڃو ان ۾ ئي توهان ۽ توهان جي سُنڌو ديش جي بقا ۽ ڀلائي آهي. تاريخ مان سکي سبق حاصل ڪريو، مير صادق ۽ مير جعفر جي ڪردارن کي نه دُهرايو ياد رکو ڪو به ڌاريون توهانکي اقتدار ۾ رکڻ سوا پنهنجي فائدي جي نه چاهيندو، ڪتاب، ميڊيا، اخبارون شهرن ۽ ڳوٺن جون حالتون ڏسي سکو سڀ سنڌ دُشمن هڪ ئي آهن ۽ صرف توهانجا ۽ توهانجا اجتماعي دُشمن ڪڏنهن سياست جي نالي تي، ڪڏنهن مذهب جي نالي تي، ڪڏنهن قوميت جي نالي تي ۽ جي ڇڙ وڃڙ آهيو ته صرف توهان، جنهن جي ڪري توهان نه ادارن ۾ آهيو نه اقتدار ۾ هوندي به اقتدار ۾ سڀ وسيلا نوڪريون ۽ ٻيو ڪُجه ڌارين جي حوالي ڪري وري به توهان کي ئي معود الزام ٺهراجي پيو ته به نٿا سکو؟ ڀنگ جي نشن مان ، اوطارن مان نڪري اچو متان پوءِ پڇتايو ۽ انگريزن جي ڪتابن ۾ واديءَ مهراڻ جا باسي ته هُجو پر وجود نه وڃائي ويهو.