• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻهو مهيني جو نه پر سال جو راشن گڏ ڪن؟

نثارابڙو

نائب منتظم
ماڻهو مهيني جو نه پر سال جو راشن گڏ ڪن:ذوالفقار مرزا

ڪراچي(رپورٽ: ضياءَ قريشي)سنڌ جي سينئر وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي ۽ ڪو به حلالي پٽ پنهنجي ماءُ کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏسي سگهي. اهڙو اظهار هن صدر آصف علي زرداري پاران سنڌ ڪابينا کي اسلام آباد گهرائڻ واري حڪم تحت اسلام آباد روانگي کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن الطاف حسين پاران راشن مهيني جو گڏ ڪرڻ واي ڏنل بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته هڪ مهيني جو سامان نه پر هڪ سال جو راشن گڏ ڪرڻ گهرجي. عقلمندي به انهيءَ ۾ آهي ڇو ته روز روز مهانگائي وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي سنڌ ٺاهيو ۽ پاڪستان ٺاهڻ وارو به سنڌي هو ۽ پاڪستان کي اسان سنڌي بچائينداسين. پر سنڌ جي حفاظت ڪرڻ به سنڌين جو فرض ٿئي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري پارٽي جو قائد آهي، هن جيڪو به فيصلو ڪيو اسان کي قبول هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته صدر زرداري جي صدارت هيٺ ايندڙ اجلاس ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اڳڀراِئي ٿيندي. صدر زرداري جي هدايت تي سنڌ ڪابينا جا سمورا ميمبر مختلف هوائي اڏامن ذريعي اسلام آباد راونا ٿي ويا آهن]
روزانه عبرت حيدرآباد

++++++++++++
رب العالمين سنڌين کي ايتري جرات ۽ طاقت ڏي جو هو سنڌ جي مسئلن ۽ انجي خودمختياري کي سمجهي سگهن ۔۔۔ سنڌين پاڪستان ٺاهيو ۽ هميشه انکي بچايو آهي پر پوءِ به ناانصافيون سنڌين سان، پوءِ به بيروزگاري، بد امني ۽ جهالت سنڌ ۾ ۔۔۔؟ اهڙن سوالن جو جواب ڪير ڏيندو ۔۔۔؟؟؟؟؟
 
جواب: ماڻهو مهيني جو نه پر سال جو راشن گڏ ڪن؟

سائين نثار سلام

سنڌ سنڌين جي آهي۔ ذوالفققار مرزا چيو آهي ته سنڌ کي به اسان ئي بچائينداسين۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پ پ پ جو اڳلو قدم ڪهڙو آهي۔ الطاف جي تقرير مان لڳي رهيو هو ته ايم ڪيو ايم گهڻو پريشان ۽ وکريل آهي۔ ان جا سبب ڪهڙا آهن ؟؟ شايد هنن کي اندروني طور سان آپريشن جا ڪي اشارا مليا آهن يا وري مهاجر قومي موومينٽ جو سياست ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ سندن لاء مسئلو آهي۔ ڇو ته هو ڪنهن ٻي ڌر کي اردو آبادي لاء سياست ڪرڻ نه ٿا ڏين۔
 
جواب: ماڻهو مهيني جو نه پر سال جو راشن گڏ ڪن؟

ادا سليمان ممڪن پي پي پي جا ڪجهه نوجوان ۽ اڳواڻ سنڌي جذبو رکندا هجن پر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته پي پي پي سميت سنڌ جون سڀ وفاقي پارٽيون سنڌ جي مفادن تي راند کيڏي رهيون آهن ۽ سنڌ جي بدحاليءَ جو ڪارڻ ٿي رهيون آهن ۔۔۔

پر الطاف جي ان بيان مان خونريزيءَ جي بوءِ اچي ٿي ته هو وري ڪو ممڻ مچائيندا پر ان ڇتي ڪتي کي ڪير جهليندو؟۽ ڪيتري عرصي ۾ اهي ڪتا جهل ڏيندا اها ته خبر ناهي پر ان عرصي ۾ ڪيترائي مسڪين ماڻهون پنهنجيون جانيون وڃائي ويهندا ۔۔۔

پي پي پي وارن جي سياست جي خبر ئي نه ٿي پوي ۔۔۔ هڪ پاسي الطاف کي ٻٽا ڀاڪر ته ٻي پاسي حقيقيءَ جو جن بوتل مان ڪڍيو پيو وڃي ۔۔۔ حقيقي وارن کي طاقتور ڪرڻ سان ڪهڙي ڀلائي ملندي؟ اها ڳاله به جيڪڏهن ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ته اسانکي به سمجهائي ۔۔۔ پاڪستان جي سياست ۾ هڪ پارٽيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ دهشتگرد ڌڙا پئدا ڪري سنڌين جي ڳيچيءَ وڌا وڃن ٿا ۔۔۔ اها ساڳي راند ضياء الحق ڪري ويو ۽ هاڻ پي پي پي وارا پيا ڪن ۔۔۔

الله خئير ڪري سنڌ ۽ سنڌين جو ۽ سنڌ جي شهرن جو ۔۔۔ آمين
 
جواب: ماڻهو مهيني جو نه پر سال جو راشن گڏ ڪن؟

سائين جي ايم سيد پاڪستان کي سنڌ جو دشمن قرار ڏنو ۽ پاڪستان کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلائي....پاڪستان جو ٺھڻ ئي....بھتر آھي....ھن مُلڪ ڇا ڏنو آھي سندين....کي...جيڪڏھن ڪجھ ڏنو به آھي ته ان کان به وڌيڪ سنڌ مان کاڌو آھي.
اڄ........لڏي آيل مهاجر به سنڌين کي غلام جھڙا لقب ڏئي رھيا آھن.....پاڻ کي بي وس محسوس ڪري رھيا آھيون.
بي وسيء جو سبب خود اسان پاڻ ئي آھيون.....جي ايم جي رسيءِ کي پڪڙڻ وارن رسي ئي ٽوڙي ڇڏي آ.
 
Back
Top