نثارابڙو
نائب منتظم
ماڻهو مهيني جو نه پر سال جو راشن گڏ ڪن:ذوالفقار مرزا
ڪراچي(رپورٽ: ضياءَ قريشي)سنڌ جي سينئر وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي ۽ ڪو به حلالي پٽ پنهنجي ماءُ کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏسي سگهي. اهڙو اظهار هن صدر آصف علي زرداري پاران سنڌ ڪابينا کي اسلام آباد گهرائڻ واري حڪم تحت اسلام آباد روانگي کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن الطاف حسين پاران راشن مهيني جو گڏ ڪرڻ واي ڏنل بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته هڪ مهيني جو سامان نه پر هڪ سال جو راشن گڏ ڪرڻ گهرجي. عقلمندي به انهيءَ ۾ آهي ڇو ته روز روز مهانگائي وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي سنڌ ٺاهيو ۽ پاڪستان ٺاهڻ وارو به سنڌي هو ۽ پاڪستان کي اسان سنڌي بچائينداسين. پر سنڌ جي حفاظت ڪرڻ به سنڌين جو فرض ٿئي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري پارٽي جو قائد آهي، هن جيڪو به فيصلو ڪيو اسان کي قبول هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته صدر زرداري جي صدارت هيٺ ايندڙ اجلاس ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اڳڀراِئي ٿيندي. صدر زرداري جي هدايت تي سنڌ ڪابينا جا سمورا ميمبر مختلف هوائي اڏامن ذريعي اسلام آباد راونا ٿي ويا آهن]
روزانه عبرت حيدرآباد

++++++++++++
رب العالمين سنڌين کي ايتري جرات ۽ طاقت ڏي جو هو سنڌ جي مسئلن ۽ انجي خودمختياري کي سمجهي سگهن ۔۔۔ سنڌين پاڪستان ٺاهيو ۽ هميشه انکي بچايو آهي پر پوءِ به ناانصافيون سنڌين سان، پوءِ به بيروزگاري، بد امني ۽ جهالت سنڌ ۾ ۔۔۔؟ اهڙن سوالن جو جواب ڪير ڏيندو ۔۔۔؟؟؟؟؟