سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2011۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ڪتاب:چار درويش
    امام بخش ”خادم“


    ڇپائيندڙ پاران

    ڪنهن به سماج/ قوم جي مهان ۽ معتبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي، ته اهو سماج/ قوم علمي ڪمن ۽ مطالعاتي سرگرمين ۾ اڳڀري هجي. ڇاڪاڻ جو اهڙيون سرگرميون ئي ڪنهن به معاشري کي بُري ۽ ڀلي جي وچ ۾ تميز سيکارين ٿيون.... ۽ اهڙي تميز ئي قومن کي عظمت بخشي ٿي. اجتماعي سطح تي علمي ۽ مطالعاتي ذوق کي سگهاري بنائڻ لاءِ پڻ ضروري آهي، ته قوم جي نئين نسل کي انهيءَ ڏس ۾ متحرڪ ۽ متوجهه ڪجي. ظاهر آهي ته نئين ٽهيءَ ۾ پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جي عادت وجهندي، کيس ابتدائي مرحلي ۾ ڏکين ۽ گهرين تحريرن سان متعارف ته ڪو نه ڪرائبو! بلڪه کيس شروعاتي دور ۾ اهڙين آسان پرسبق آموز لکڻين کان واقف ڪبو، جيڪي پنهنجي سادي پر سحر انگيز اسلوب سان دلين تي نقش ٿينديون وينديون ۽ اجتماعي سطح تي اخلاقي تربيت سان گڏ، مطالعي لاءِ پڻ اُتساهه پيدا ڪنديون.
    گذريل صديءَ جي، سنڌ ۾ اهڙي اعليٰ ڪارج پيدا ڪرڻ ۾ جتي ٻين داستانن، قصن، ڪهاڻين، ناولن ۽ تحريرن مڃتا ماڻي آهي، اُتي زير مطالعه تصنيف ”چار درويش“ جي اهميت کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ سموئيل اخلاقي تربيت جا گوهر، قصه خوانيءَ جا جوهر ۽ مقصديت جا موتي اهڙي دلفريب انداز ۾ پوئيل آهن، جو ڪو به نئون پڙهندڙ گهڻي قدر ”چار درويش“ کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پرو ڪرڻ جي خواهش رکندو. اهڙيءَ طرح هيءَ تحرير ڪنهن به سيکڙاٽ کي وڌيڪ مطالعي تي اُتساهيندي، منجهس آخرڪار سنجيده ۽ گهري فڪر سان سلهاڙيل بامقصد ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهي ٿي.
    ”چار درويش“ جيتوڻيڪ بنيادي طرح فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، پر اُن جي لکندڙ بابت محققن ۾ اختلاف آهي. مختلف محققن گهٽ ۾ گهٽ چئن مختلف صاحبن کي هن تحرير جو ليکڪ ڳڻايو آهي، پر اوهان جي مطالعي هيٺ هي ڪتاب اردوءَ ۾ نامياري ليکڪ ”مير امن“ جي اردو ترجمي تان سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو ويو آهي. اها حقيقت آهي ته ”چار درويش“ ترجمي جو به ترجمو آهي، پر جيئن ته اهو ترجمو حاجي امام بخش ”خادم“ جهڙي علمي شخصيت جي هٿن کي ڇُهي پڙهندڙن تائين پهتو آهي، تنهن ڪري اهو ترجمو لڳي ئي نٿو. حاجي صاحب شڪارپور جي انهيءَ بدوي خاندان جو بزرگ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي لطف الله بدويءَ جهڙا معلم، محقق ۽ مترجم ڏنا. شايد اسان منجهان گهٽ ماڻهن کي پتو هوندو ته حاجي اام بخش ”خادم“ صاحب اهلِ علم ۽ اهلِ دل هجڻ سان گڏوگڏ لطف الله بدوي جهڙي نامياري شخصيت جا والد بزرگوار پڻ هئا.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1895ع ۾ شڪارپور جي مشهور پبلشر پوڪرداس ڇپرايو، پر بعد ۾ ٻين ڪيترن ادارن ۽ شخصن بنا احتياط اُن کي بار بار ڇپرائي اصل متن کي اڻ وڻندڙ اضافن سان گدلو ڪري ڇڏيو. 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري جناب محمد ابراهيم جويي صاحب جن هن ڪتاب کي نئين سر سنواري سُڌاري بورڊ طرفان ان جو مستند متن تيار ڪرائي ڇپائي پڌرو ڪيو. ڇپجڻ کان پوءِ ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ سنڌ جا ڪئين ٻالڪ هن دلپذير تحرير مان لاڀ پرائي، نه رڳو جوان ٿيا پر عالم، اُستاد ۽ سياستڪار پڻ بڻيا. ڪتاب جي اهڙي اهميت هوندي به اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ابتدائي مطالعاتي ذوق ۾ مدد ڏيندڙ هن ڪتاب جو گذريل 45 سالن ۾ بورڊ طرفان ٻيو ڇاپو پڌرو نه ٿي سگهيو آهي.
    ”چار درويش“ جي قصي جي پراڻي مقبوليت ۽ انهيءَ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، مئنيجر ڪتاب گهر سنڌي ادبي بورڊ جي سفارش تحت، هن ڪتاب کي ٻيهر پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. اُميد اٿئون ته نئين دور جي پڙهندڙن خصوصاً ثانوي درجن جي ٻارڙن لاءِ هيءُ ڪتاب نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.
    ڄام شورو، سنڌ
    10 جنوري 2005ع انعام الله شيخ
    بمطابق سيڪريٽري
    28 ذوالقعد 1425 هجري سنڌي ادبي بورڊ

     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    لک ٿورا ۔۔۔ هن ڪتاب بابت ٻڌو آهي ته نصيحت آموز ۽ مزيدار ڪتاب آهي ۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي، وقت سر پيو پڙهبو ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    ادا تمام بھترين..ونڊڻ جي مھرباني...ڊائونلوڊ ڪري ٿا وٺون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    ادا براء مهرباني پاڻ به پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    مون وٽ هي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪونه پيو ٿي۔

    مهرباني ڪري لنڪ چيڪ ڪيو ؟ يا هي صرف مون وٽ مسئلو آهي۔

    .....................................

    مون وٽ هي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪونه پيو ٿي۔

    مهرباني ڪري لنڪ چيڪ ڪيو ؟ يا هي صرف مون وٽ مسئلو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    مون کي ياد آهي ته ڪافي وقت اڳ ڳوٺ جا بزرگ ۽ سگهڙ ٽپهري کان پوءِ وڏي شدت سان چاچي ولو جي ڇپر هوٽل تي منهنجو انتظار ڪندا هئا ۔۔ جنهن جو سبب هيو اهو ڪتاب ”چار درويش“۔۔ پوءِ ان ۾ موجود ڪهاڻيون جو ٽوِسٽ هو الائي منهنجي پڙهڻ جو انداز جو هُو ڪن ڏئي ٻڌندا هئا۔۔
    ۽ سهي ڳالهه ته اها آهي ته مون کي پڻ اهو ڪتاب پڙهي ٻڌائڻ ۾ ايترو ئي مزو ايندو هو جيترو ٻڌندڙ کي ايندو هو۔۔۔


    تمام بهترين ۽ مسلم تاريخي واقعن سان ڀريل ڪتاب موڪلڻ تي لک لائق

    ادا سليمان لنڪ درست آهي۔۔ توهان هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪريو۔۔۔ ۽ ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪري ٻيهر اپلوڊ ڪري موضوع ۾ اهڙي طرح لڳايو جو سڌو سئون پڙهي سگهجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    ادا مهرباني تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي ونڊ جي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مون وٽ به لوڊ ڪون ٿو ٿئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    جن دوستن وٽ هي ڪتاب ڊائونلوڊ ٿيڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي اهي ڀلا هن لنڪ تان ڪوشش ڪري ڏسن
    http://www.4shared.com/account/dir/-2LKmj4s/_online.html#dir=107680759

    .....................................

    ادا رشيد سمون صاحب ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي۔پر هاڻي هڪ ڪم ڪري سگهو ٿا وقت ڪڍي ته ان ئي لهجي ۾ هن ڪتاب جا ڪجهه حصا اوهان پنهنجي آواز ۾ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪيو۔اهي ڪهاڻيون ائين ڪنهن جي واتان ٻڌڻ جو واقعي پنهنجو مزو آ۔اميد ته منهنجي صلاح تي غور ڪندءو۔ خوش رهو آباد رهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    مهرباني ادا

    مان ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري ورتو آهي ۽ فائل کي سنڌ سلامت تي سڌو سنئون ڏيکارڻ واري لنڪ پڻ لڳائي اٿم۔ انکانسواء هن موضوع کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر واري سيڪشن ۾ پڻ موڪليو اٿم۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    زبردست ونڊ آهي ادا ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر

    ادا تمام بهترين ڪتاب آهي مان به ان ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪري ورتو آهي

    مزي مزي سان پيو ان ڪتاب کي پڙبو

    لک ٿورا ادا فهيم توهان جا جو توهان اسان لا۽ اهڙو انمول ڪتاب پيش ڪيو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا لنڪ درست ڪريو!
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    درست ٿي چڪو۔۔۔ :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جي ادا بلڪل هاڻي ڊائونلوڊ ٿي ويو، مهرباني۔۔۔
     
  15. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا واقعي تمام پيارو ڪتاب آهي ، ننڍپڻ ۾ منهنجو به پڙهيل آهي ، وري به پڙهڻ جي ڪوشش ڪبي لک قرب
     
  16. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بهترين ڪتاب آهي
     
  17. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
  18. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    جواب: سنڌي ادب جو ناياب ڪتاب چار درويش _ پي۔دي۔ايف ۾ ڊائون لوڊ لاء حاضر
    سائين لک ٿورا اوهان جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو