ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڇا اسان جي قومپرستن کي ايوانن تائين اچڻ گهرجي
ڌرتي ڌڻي ڌرتي جي قانون ٺهڻ وقت ايوان کان ٻاهر آهن هاڻي جي اسان جي ڌرتي جو قانون ٺهندو ته ڪهڙو هوندو اهو ئي هوندوجيڪو اسان جو غير ٺاهيندو . آءٌ هن وقت هي موضوع ڇو لکي رهيو آهيان شايد ان الاءِ جو اڄ مونکي ان جي شديد ضرورت محسوس ٿي ٿئي . آءٌ سائين جي ايم سيد جي فيصلي کي جي غلط چوان ته ڪئي وات کُلي ويندا ڪئي قلم هلي ويندا الائي ڪيڏانهن جو بحث الائي ڪيڏانهن هليو ويندوماڻهون چوندا ميان منهن ته ڏسو ڇا پيو ڳالهائي. ليڪن آءٌ اهو چوڻ جي حق بجانب آهيان ته ان وقت سائين رهبر ِ سنڌ جي ايم سيد جيڪو فيصلو ڪيو هو سو 100 فيصد صحيح هو . اڄ هوا ڪنهن ٻئي طرف کان پئي گهلي اڄ اسان جنهن طرفان کان گهريل آهيون اوڏانهن پنهنجن پراون ٻنهي جي گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهيون. اسان جي مثال ته ان اوزار جيان ٿي وئي آهي جنهن جي مُڏي ٿيڻ تي مالڪ ئي ان کي غصي مان اڇلائي ڇڏيندو آهي . اڄ لندن مان ويهي اسان جي ڌرتي تي حڪم نامه لکرائيندڙ اڄ اسان کي هندن جو غلام سڏيندڙ اهو کليو ان لاءِ ڪري ۽ چئي رهيو آهي جو ان کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ هيٺين توڙي مٿين فلور تي اسان جو ڪو نمائدو ڪونهي . اسان پيپلز پارٽي کي ته ڏوھ ڏيون ٿا ليڪن هڪ ڳالھ ياد رهي پيپلز پارٽي ايوان ۾ قومپرستي جي پارٽي ناهي هو وفاقي پارٽي آهي ان جو عليحده ذميداريون آهن. ايوان بالا و ايوان صوبائي ۾ اهڙا نمائده هجن جيڪي سنڌ جي نمائدگي ڪري سگهن.جيڪي صرف سنڌ لاءِ ڳالهائي سگهن جن جو مقصد سنڌ هجي جن جو مينڊيٽ سنڌ هجي. ثناءُ الله زهري بلوچي ليڊر جنهن هر فورم تي بلوچي عوام جي ادارن ۾ نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي جنهن کان پوءِ آءُ ڪيترن ادارن کي ڏسي چڪو آهيان انهن ادارن بلچن کي نوڪريون ڏنيون.
مونکي ناهي خبر ته سائين جي ايم سيد اهو فيصلو ڇو ڪيو هو پر ايترو سائين جي ساک جي باري ۾ ضرور ڄاڻان ٿو ته اها وقت جي نزاڪت هئي سائين ان وقت بهترين فيصلو ڪيو هوندو. اسان سڀني اڳيان ايم ڪيو ايم جا ڪالھ تائين ملڪ جي دهشتگرد تنظيم هئي ان سياست ۾ پير پاتو ته اڄ هو ملڪ جي ٽئين نمبر تي وڏي سياسي پارٽي پئي چورائي ۽ ان کي ميڊيا توڙي پارليامينٽ ۾ ان حيثيت سان تسليم ڪيو پيو وڃي . اسان بيشڪ هزارن لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪريون پر پارليامينٽ جي هڪ ماڻهون جي آواز جي برابر اسان جي آواز نه ٿي ٿي سگهي . ڇو جو پارليامينٽ دنيا تي هڪ حيثيت رکي ٿي اسان جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان حقيقت تي جو اثر ناهي پوڻ وارو. اردو ميڊيا جا حاڃا اسان اوهان ااڳيان آهن سنڌي قوپرستن سکر کان ڪراچي تائين پيرن ۾ ڇالا وجهي ڇڏيا پر سواءِ سنڌي ميڊيا جي ڪنهن جي ڪن تي جون به نه رينگي .
ڪبوتر جيان ٻلي کي ڏسي اکيون بند ڪرڻ کان بهتر آهي ته اسان کي حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي . ڇا اوهان نه ٿا سوچو ته اڄ اسان کي اسان جي گهر ۾ ڀتا خور لينڊ مافيا ڊرگ مافريا جهڙن نالن سان ڇو ٿو سڏيو وڃي . آءٌ ڪنهن هڪ اداري کي يا ڪنهن هڪ ماڻهون کي ان جو ذميدار نه ٿو سمجهان. آءٌ اهو به سمجاهان ٿو ته منهنجي ڪجھ سمجهڻ ۽ نه سمجهڻ جي ڪا حيثيت ناهي ليڪن پوءِ به پنهنجي دل جي اوٻر کي ڪڍڻ منهنجو حق آهي. جڏهن به ڪجھ غلط ٿيندو اهي ته ان جا ٻه شخص ذميدار هوندا آهن هڪ اهو جيڪو غلط ڪري رهيو آهي ٻيو اهو جيڪو غلط ٿيڻ کي برداشت ڪري رهيو آهي. اسان سان ته فلسطين وارو ڪم ٿي رهيو آهي دنيا ۾ يهودين کي ڪٿي به سر لڪائڻ جي جڳھ نه هئي عربن انهن يهودين کي ڇا جاءِ ڏني يهودين اتان جي رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو . واقعي اوهان انهن جو دهشتگرديون ڏسو ته انهن يهودين جهڙيون ئي آهن نيون نيون بستيون آباد هتي به ڇا ٿيو هنن پنهنجيون پنهنجيون بسيتيون آباد ڪيون آهن جي ڪو سنڌي پنجابي يا پٺاڻ اچي ٿو ته هنن جي سلامتي کي خطرا لاحق ٿي ٿا وڃن ميڊيا تائين هي هر اداري کي ڪيپچر ڪيون ويٺا آهن. اسان به اهڙا ئي بودلا آهيون اسان جي اڳيان ڪنهن ٻٽاڪون ڇا هنيون اسان ان کي پنهنجو هيرو سمجهي ويٺا آهيون . قوم پرستي هي ناهي ته اوهان ويهي ڀڙڪون هڻو قوم پرستي آها آهي ته اوهان جنهن اداري ۾ آهيو ان اداري ۾ پنهنجي قوم جي جاءِ ٺاهيو ماڻهن کي اتي آڻي مظبوط ڪريو .
منهنجو موضوع اهو آهي ته اسان جي قومپرست ليڊرن کي جي واقعي اهي قوم پرست آهن ته ايوان بالا تائين پنهنجي نماعدگي حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جيڪي ڌرتي واسي بيگانه لڳا ويٺا آهيون ايوان ۾ اکيون اکين ۾ وجهي انهن سان ڳالهائي سگهون.
اڄ هڪ دوست هڪڙو لطيفو ٻڌايو ، هڪ همراه جنهن جو نالو محمد نواز هو مهمان ايندا ويا ته انهن کي ويو بسترا ڏيندو حالت اها رهي جو وڃي اڱڻ تائين پهتو ، معاملو اتي نه رڪيو ۽ همراه کي رلي ڪلهي تي رکي گهر کان ٻاهر نڪرڻو پيو ته ان چيو ادا آءُ ان مهمان نواز کان ته محمد نواز بهتر هيس. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر ۾ ته هيس. جي گهر جا قانون ( پهريان ته مهمان لفظ جي معنيٰ ئي اها ناهي جيڪي هي مهمان ٿي اسان وٽ رهن ٿا ) ويهي مهمان ٺاهيندا ته ڇا حال ٿيندو . حالت اها آهي جو ميڊيا شو تي هڪ ٿو چوي ته اسان مهمان آهيون، ٻيو ٿو چوي نه اسان ڇا جا مهمان آهيون پاڪستان اسان سڀني جو آهي اسان سڀ پاڪستاني آهيون. هي سڀ سچا آهن . اسان جي گهر ۾ ويهي اسان کي ڌمڪائيندڙ ان لاءِ پيا ڌمڪائين جو اسان ۾ شايد اها همت ناهي رهي . اسان جنهن به دوست کان ان حوالي سان راءِ ورتي ان ان جي همايت ئي ڪئي آهي . جيڪي دوست هن فورم تي اسان کي سڃاڻن تن کي خبر آهي ته آءُ ڪڏهن به اهڙو موضوع ناهيان کڻندو منهنجو موضوع هميشه سياسي موضعات کيان هٽي ڪري هوندو اهي ليڪن اسان جنهن جاءِ تي ويٺا آهيون ان ڌرتي لاءِ ڳالهائڻ سياست ناهي . ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان ماءُ تي سياست ناهيون ڪندا . هن وقت اسان کي ايوان تائين پهچڻ لاءِ سياست نه پر پنهنجي امڙ جي صيرت و صورت بچائڻ لاءِ وڃڻ گهرجي . ڪٿي ائين نه ٿئي جو هن جيجيل جي سرجري لاءِ لندن مان جوڙيل پينل ڪم ڪري هليو وڃي ۽ اسان جي امڙ اسان کان سڃاپجي نه سگهي. ڳالهيون ته تمام گهڻيون آهن جن تي بحث ٿي سگهي ٿو پر اختصار کان ڪم وٺندي جي مون صحيح سمجهيو اهي ۽ جيڪي دوست هن ڳالھ کي صحيح سمجهن ٿا ته اسان جو قومپرصتن جو ايوان ۾ هجڻ ضروري آهي ته اسان جي جنساٿين جي قومپرستن تائين پهچ آهي انهن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آماده ڪرڻ گهرجي. پنهنجن سنڌين ۾ اها جاڳرتا ڏيڻ گهرجي ته پنهنجو ووٽ قومپرستن کي ڏين ۽ بعد ۾ ان ووٽ جي پاسداري به ڪن .اسان کي هاڻي نه روٽي نه ڪپڙا نه مڪان بلڪه اسان کي پنهنجي امڙ جي حفاظت جو نعرو هڻڻ جي ضرورت آهي . جيڪو اسان جي امڙ و عزت ڏي ميري اک کڻي نهاري ان جي اک ڪڍي ڪتن کي وجهڻ جو عهد ڪري ۽ جيڪو اسان جي ووٽ سان بد عهدي جو سوچي تنهن کي ماء سان غداري جي الزام ۾ زمين نيڪالي ڏئي ڊوڙائڻو آهي .
وسلام

ٻڌي غيرن جون ڳالهيون جي جهري ٿو
غيرت مند پُٽ ماءُ تو عزت مٿان مري ٿو.
جي هوشو حيدر بخش تاريخ لکي آهي ته اسان کي به اڄوڪي داستانن ۾ پنهنجا نالا ڇڏڻا آهن جي هوشو حيدر بخش جهڙن پُٽن تي امڙ ناز ڪري ٿي ته يقين ڪيو اها اوهان تي به ناز ڪندي نه ته مرڻ کان پوءِ به اسان کي امڙ جي سورن کي سهڻو پوندو. اهي سور جهنم کان به جهجها هوندا.غيرت مند پُٽ ماءُ تو عزت مٿان مري ٿو.
وسلام