نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪڏهن دل بهار بهار ته ڪڏهن اندر اُڌما، انسان آهيان ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل هينئن ڪڏهن دردن سان لانئون لهڻ ته ڪڏهن خوشين کي ڀاڪر وجهڻ خاص ڪري شاعرن جي پرم پرا پراڻي آهي اڄ ڏات جي ديوي اجهو
جو غزل لکائي وئي آهي جو پسند اچي واهه واهه ڪري ڇڏجو نه پسند اچي تڏهن به خير آهي ڊزائن به غريباڻي آهي جيڪا سنڌ سلامت جي جهوني يعني مون نثارناز جي آهي
هِتِ نه آهي هُتِ نه آهي مُون نه آهي تو نه آهي
آ لڳل تالو وفا تي قُرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي
رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي
مُرڪَ تُنهنجي مُک مٿان جانِي ڪلهوڪِي ڇو نه آهي
هيت وڄائي ڪير ڀيرون ڳالهه حق جي ڪير ڇيڙي
هاڻ هوشو هت دُلارو ۽ هتي دودو نه آهي
نوٽ عيوض جسم وڪجن هن بزارِي ڏس جهان ۾
چاهَه جا سودا ٿين ٿا اُف نه ڪنهنجِي اونَ آهي
زخم هُوندا ”ناز“ تُنهنجي روح جي پاتال ۾ ڀِي
عشق آ ير نانگ ڪارو هي ته ڪو رونشو نه آهي