ڏاڏل سڄي رات راڳ الاپين انقلاب جا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڏاڏل سڄي رات راڳ الاپين انقلاب جا

اٿ هيڻا منزل قريب آهي
ظالم کان وڏو ڪو غريب آهي

هي ڏاڍ و ظلم و بربريت
ڇا رهندو خدا جو رقيب آهي

ظلم تي اکيون بند ڪر نه چؤ
ڇا ڪيون اسان جو نصيب آهي

چڱي تنهجا چڱا ڪيا ڪرم
سستي کي نه چؤ بد نصيب آهي

طرز حيات ۾ جنهن آندي تبديلي
سو تاريخ ۾ انقلاب جو نقيب آهي

ڏاڏل سڄي رات راڳ الاپين انقلاب جا
زرو نه آڻين تبديلي ڳالھ عجيب آهي
 
جواب: ڏاڏل سڄي رات راڳ الاپين انقلاب جا

ڏاڏل سڄي رات راڳ الاپين انقلاب جا
ذرو نه آڻين تبديلي ڳالھ عجيب آهي

ڏاڏل سائين مهرباني ۔۔۔۔۔

اوهان جي سوچ گهري ۽ گهڻي فڪر واري ۔۔۔۔ مٿين سٽن مان واضح آهي ته ٻٽاڪي ماڻهو صرف سکڻا نعرا هڻندا آهن ۔۔۔ انقلاب طرف هڪ وک به ناهن وڌائيندا۔ ڪاش اسان سچائي کي سمجهون ۽ عملي ڪم ڪري پاڻ مڃايون۔
 
سائين وساڻ صاحب پسند ڪرڻ ي مهرباني ۔وسلام
 
Back
Top