• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
هڪ آسامي لاءِ ورتل انٽرويو ۾ پڇيو ويندڙ دلچسپ سوال جنهن جو فقط هڪ اميدوار صحيح جواب ڏنو ۽ 2000 اميدوارن مان پاس به اهو ئي ٿيو۔

سوال ڪجه هن ريت هو ته;

اوهان ڪار ڊرائيونگ ڪندي وڃي رهيا آهيو ۽ برساتي رات آهي۔ اوهان هڪ بس اسٽاپ تان ڪراس ڪيو ٿا جتي ٽي ڄڻا بس جي انتظار ۾ بيٺل آهن۔

(1)۔ هڪ پوڙهي عورت جيڪا مرڻ تي آهي۔

(2)۔ هڪ پراڻو دوست جنهن اڳي ڪڏنهن اوهان جي جان بچائي هئي۔

(3)۔ هڪ محبوب شخص جنهن جي ڳولا توهان کي هڪ وڏي عرصي کان هئي۔

توهان جي ڪار ۾ فقط هڪ ماڻهو جي ئي گنجائش آهي۔ توهان ڪنهن کي کڻندوء ؟
 
جواب: هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

اڙي يار منجهائي ڇڏيئه ۔۔۔۔۔۔۔۔

دوست جو به خير آهي، محبوبه جي ڳالهه کڻي جهونا ڪندا ۔۔۔۔۔۔۔ باقي پوڙهيء کي بچائڻ به ضروري آهي ۔۔۔۔ پر جواب اوهان پاڻ ئي ڏيو ته بهتر آهي۔
 
جواب: هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

ادا پنهنجي گاڏي دوست کي ڏيو ته اهو پوڙهي کي کڻي وڃي۔ پان پنهنجي مهبوب سان بيهي بس جو انتظار ڪريو ۽ برسات جو مزو وٺو۔
 
جواب: هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

يار مارائيندين ڇا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توکي خبر آهي ته مونکي برسات م ٿڌ لڳندي آهي ۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔

پر اوهان ان ڳالهه جو سٺو حل ڪڍيو آهي۔
 
جواب: هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

پر جي دوست کي گاڏي ڊرائيو ڪرڻ نه اچي پو؟
 
جواب: هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

ادا جواب توهان جو ٻڏايل اچڪله جي نوجوانن جي دل جي ترجماني ڪري ٿو پر هڪ باشعور انسان ضرور ان پوڙهي عورت جي مدد ڪندو جنهن کي اميرجنسي ۾ اسپتال پهڇڻو آهي۔
 
جواب: هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويندر دلچسپ سوال!

دلچسپ سوال آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جو جواب ئي بهتر آهي
 
Back
Top