عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
پاٽ شريف ۾ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڏنڊا لڳڻ ڪري قتل ٿي وئي. واقعي بابت ڄاڻ ملي آهي ته صنم ڪلهوڙو ۽ منظور برهماڻي مهينو اڳ گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد ڪالهه صنم پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر آئي هئي، جتي کيس وٺڻ لاءِ مڙس منظور برهماڻي آيو ته ناري جي ڀائرن پيءُ ۽ منظور ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڏنڊا لڳڻ ڪري صنم زخمي ٿي پئي، جنهن کي دادو اسپتال نيو ويو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وارثن هڪ ٻئي تي الزام لڳايا آهن. ماءُ مختيار خاتون چيو ته ڌي اجازت گهري هتي آئي هئي پر مڙس کيس اجازت نه ڏني هئي، جنهن تان هن صنم کي ماريو آهي، جڏهن ته مڙس جو چوڻ آهي ته زال کي ڀائرن ۽ پيءُ گڏجي قتل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. واقعي ۾ منظور جي ڀاءُ دلشان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
دادو: مڙِس هٿان قتل ڪيل صنم پروين جو لاش ٻئي پاسي سندس امڙ روئي رهي آهي
روزاني عوامي آواز
دادو: مڙِس هٿان قتل ڪيل صنم پروين جو لاش ٻئي پاسي سندس امڙ روئي رهي آهي