• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاٽ شريف ۾ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڏنڊا هڻي قتل

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
پاٽ شريف ۾ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڏنڊا لڳڻ ڪري قتل ٿي وئي. واقعي بابت ڄاڻ ملي آهي ته صنم ڪلهوڙو ۽ منظور برهماڻي مهينو اڳ گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد ڪالهه صنم پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر آئي هئي، جتي کيس وٺڻ لاءِ مڙس منظور برهماڻي آيو ته ناري جي ڀائرن پيءُ ۽ منظور ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڏنڊا لڳڻ ڪري صنم زخمي ٿي پئي، جنهن کي دادو اسپتال نيو ويو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وارثن هڪ ٻئي تي الزام لڳايا آهن. ماءُ مختيار خاتون چيو ته ڌي اجازت گهري هتي آئي هئي پر مڙس کيس اجازت نه ڏني هئي، جنهن تان هن صنم کي ماريو آهي، جڏهن ته مڙس جو چوڻ آهي ته زال کي ڀائرن ۽ پيءُ گڏجي قتل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. واقعي ۾ منظور جي ڀاءُ دلشان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
11.jpg

دادو: مڙِس هٿان قتل ڪيل صنم پروين جو لاش ٻئي پاسي سندس امڙ روئي رهي آهي
روزاني عوامي آواز
 
جواب: پاٽ شريف ۾ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڏنڊا هڻي قتل

ههڙا هاڃان ٿين بُري هن ڀنڀور ۾

ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ معاشري جي عدم برداشت ۽ جهالت واري پاليسين سچ ته انسان جي اها قهميت ئي ختم ڪري ڇڏي آهي۔ ڪٿي اشرف المخلوقات ۽ ڪٿي هي وحشي هجڻ وارو عمل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ۾ اها لعنت ته اڃان وڌندي ٿي رهي ۔۔۔۔
 
جواب: پاٽ شريف ۾ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڏنڊا هڻي قتل

ادا ڇا ڪجي، هي ڪلور ته اسان وٽ عام جام آهي جنهن جو ڪو داد نه فرياد

افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو
 
جواب: پاٽ شريف ۾ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڏنڊا هڻي قتل

ھي جھالت جو ھڪ وڏو ثبوت آھي۔۔۔غير جي نالي تي نياڻين کي قتل ڪرڻ ڪھڙي شرافت آھي۔
 
Back
Top