شڪارپور هڪ مزاج جو نالو آهي جمال ابڙو سنڌو ماٿريءَ جي قديم شهر شڪارپور جون ڊٺل ۽ ويران جايون اَڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ جو ثبوت ڏيئي رهيون آهن. بيگاريءَ جي ڀر ۾ هي ڳوڙهو ۽ ڳُتيل شهر پنهنجي پيٽ ۾ سوا لک جي آباديءَ کي سانڍيندو آيو آهي. ايامن کان سنڌ- واه واسينگ نانگ جيان ور وڪڙ کائيندو هن گنجان شهر جي ارد گرد صدين جي اُڃايل زمين جي اڻ ڇهيل ڇاتيءَ کي ٿڌو ڪندو، سندس پيٽ مان حيات بخش انُ ۽ مٺا ميوا پيدا ڪندو آيو آهي. هن شهر جون جايون ۽ دڙا، ونگون ۽ دروازا، ڪوٽ ۽ حويليون اَڄ به پنهنجي نرالي حيثيت قائم رکيون پنهنجي پراڻي حشمت ۽ وقار کي ڪُلهو ڏيئي قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ پريشان آهن. هن شهر جي باشندن مان اَڄ به پنهنجي پراڻي رهڻي ڪهڻيءَ جا ڪجهه نه ڪجهه آثار پيا بکن. ”شڪارپور“ ۽ ”شڪارپوري“ ڄڻ ته پنهنجي پراڻي تهذيب جي باقي بچيل ڪڻن کي حاسدن کان سانڍڻ جي ڪمزور ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي مٿان جدا جدا قومن جي ڪڙڪن ۽ پاڻ سان نين نين ريتن رسمن کي آڻڻ، مڙسن کي مُنجهائي وڌو آهي. شهر جون مکيه ذاتيون پٺاڻ، ميمڻ، شيخ ۽ سرهيا آهن. پٺاڻ، ٻروچ ۽ سيد هونئن ته ڪو هنر ڪونه ڄاڻن، تنهن ڪري اُهي پنهنجي زمينداريءَ ۾ مگن آهن. البت هاڻي منجهائن غريب طبقي وارا ٽانگا وهائن، مزدوري ڪن ۽ اوتارا وسائن. باقي ٻيون قومون هنرمند ۽ واپاري آهن، تنهن ڪري سُکيا ۽ ستابا ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهن. شڪارپوري کڻي ڪهڙي به طبقي ۽ قوم جو هجي، مگر منجهس ”شڪارپوريت“ جو هئڻ لازمي آهي. هو پري کان پڌرو آهي. ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ جتي دنيا جي هر قوم جا باشندا رهن ٿا، اُتي به ”شڪارپوري“ جوانن جو ٽولو پاڻ پيو ڳالهائيندو. سندن هلڻ جو ڍنگ، سندن ڳالهائڻ جو ڍنگ، سندن پهرڻ جو نمونو، سندن ياري باشي، سندن گفتار ۽ لهجو، هر ڳالهه نظر ايندي. انهن جي مڙني خصلتن لاءِ بس هڪ ئي موزون صفت ملي سگهي ٿي.... ”شڪارپوري“. شڪل شبيه جا ٺاهوڪا، صحتمند، بت جا ڀريل ۽ قد جا چڱا منهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ گنڀيرتا، حقيقت ۾ رنگين مزاج، جنهن ڪري پهراڻ به رنگين پسند ڪن، ڳچي پٽ تي ڀريل يا زريدار، بوٽ ٿلهي تري وارو يا ماڳهين سپاٽي پاتل، قدم ماپيل، لوڏ سان کڻندو ۽ مٿيون حصو جسم جو اڻ لکو اڳتي ڪندو. سنڌي پوشاڪ سان خاص اُنس اَٿس. ڀلي کڻي ڪامورو هجي يا ڪاليجي هجي. پهراڻ ڊگهو ڪنڊن سان، سلوار جا پاڇا سوڙها، مٿي اُگهاڙو، وارن جو فصل ڀلو ۽ موڙ نڪتل، پهراڻ جا بٽڻ هڪ يا ٻه يا سڀئي کليل، ڪالرن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيندو، جيئن ڪنڌ جو ڪافي حصو پٺيان نظر پيو اَچي. رومال هٿ ۾ يا پٺيان ڪنڌ ۾ ڪالرن وٽ، صاف ۽ اَڇو اُجرو، لکي در تان رابيلن جي ڪنڍي وٺندو ۽ پوءِ شاهي باغ گهمي ايندو. ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان مٿيون احوال هر طبقي جي ننڍي نيٽي جوان سان لڳي. چار ڄڻا گڏ پيا ويندا ته سنجيدا ۽ سياڻا لڳندا. اوچتو هٿ چراند ڪندا ته گهرائيءَ جون حدون ٽپي ويندا. وري گهڙيءَ ۾ اَهڙي جو اَهڙا، چڱو ڏکو رکي ويندا. ڳالهائڻ جا مٺا، لهجو سندن وڻندڙ، ”دل“ ۽ ”من“ پئي پوندن. ”من هيڏي ته اَچ ني“، ”مانتو ٻڌين نٿو ڇا“ (ٻڌين ۾ ڌال کي زير نه ڏيندا) ”کٽان،، ”ڄنگهان“، ”سران“ چوندا وتندا، جي پارسيءَ ۾ جمع اِئين ”فلاڻيون اَسان وٽ ٽڪلان آهن“، يعني ٽڪيل آهن. ڪڏهن جمع جو به جمع ڪن. ڪتل کي ڪتلان چون. پارسيءَ وانگر ايندم، ويندم، کائيندم چون. گهمندو ڦرندو کي چون گهمندو ڦرندو. پنهنجي ٻوليءَ کي صحيح سمجهن ۽ ان سان پيار اَٿن. ننڍا وڏا ڪچهريءَ جا ڪوڏيا، ڳالهين جا ڳهير، هڪ ٻئي جي پِتي جا واقف، رلڻا، ملڻا، ننڍي هوندي کان گهرو ڪچائن ڦڪائن جا ڄاڻو، نه ته به کوٽي ڪنهن جي ڪمزوري لهندا، جي لهي نه سگهيا ته چپٽين ۾ ٺاهي وٺندا. شايد سندن خودي ۽ خانداني ٻئي جي بڙائي برداشت نٿي ڪري سگهي. ساراهه ڪندا ته به ڪنهن پنهنجي ئي فرد جي. انصارين جو صندل، صديقين جون کٽون ۽ شيخن جون بئنچون، پنهنجي پٺيان اَهڙي هڪ تاريخ رکن ٿيون. هي ڪچهريون ڊاڙ ٻٽاڪ سان گڏوگڏ پاڙي وارن جي سماجي زندگيءَ جو محور آهن. اتي هر قسم جا مسئلا زير بحث اَچن ٿا. اوڙي پاڙي جا اهنج ايذاءَ، حاڪم جون ڏاڍايون، شاديءَ غميءَ جا معاملا ۽ ڀائپي جا جهيڙا جهٽا انهن ڪچهرين جي اوٽ ۾ سلجهائجي وڃن ٿا. منجهائن وڏو فائدو اهو آهي ته ٻين وڏن شهرن وانگر هِت انفراديت ۽ بي رُخي نٿي وڌي. البت پاڙي پاڙي ۽ قوم قوم جا ننڍا ننڍا پڳدار پيدا ٿي ٿا پون. اهو آهي سڄي شهر جي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جو بنياد. ميمڻن جو وري رنگ ئي نرالو آهي. مذهبي اثر منجهن زياده آهي، جنهن ڪري طبيعتاَ َ قدامت پسند آهن. سندن اثرائتيون ڪچهريون مسجدن ۾ ٿين، جتي وڏڙا البت ننڍن جي شڪايت ڪن. لٽي ڪپڙي سادا، شيخن وانگر سڀ هڪ ٻئي جا مائٽ. ڪانه ڪا لِڇ ڳولي وڃي لهندا. نهايت اَمن پسند قوم آهي. واپار ۾ واڻين کان به پڪا. شابس هجين، پاڻ کي پاڻ ”ڪوري، سڏين، ڇو نه سڏين؟ هنر جو وڏو شان آهي. ”شڪارپوري“ گهڻو تڻو ڪچهرين جا ڪوڏيا آهن، پر اوطاقي اَهڙا نه. هندو سيٺين ته جايون ئي اَهڙيون ٺهرايون، جو هيٺان دوڪان ته مٿان گهر. واپاري لحاظ کان فائدو ته ٿيو پر مهمان خاني لاءِ البت مونجهارو. هندو ماڻهو ته مهمانن کي گهر ۾ ئي رهائيندا هئا. ست ڌار ئي کي هندو کڻي پئنچات گهر يا ڌرم شالا ۾ ئي رهائيندو. شاهوڪارن سيٺين کي ته جدا بنگلا هئا. تنهن هوندي به ائين نه چئبو ته سڪارپوري هندو توڙي مسلمان، اڳ توڙي هاڻي مهمان نواز نه آهن. اها تهمت جلد بازيءَ واري ٿيندي. پاڻ نسبتاَ َ هوُ گهڻن شهرين کان گهڻا چڱا آهن. نيٺ ته شهر آهي. هر آئي وئي کي رستي تان وٺي اَچي ڪونه کارائبو. شڪارپوري هر سنڌيءَ وانگر مهمان نواز آهن. ڳالهائڻ جا مٺا ۽ قربدار، ڏِک اَهڙي ڏيندا جو ڄڻ ته اَلائي ڇا ڪري ڇڏيندا. البت شهري لحاظ کان مٽجندڙ حالتن مطابق اوپري مهمان لاءِ ڪو خاص اونو يا اڻ تڻ نظر ڪانه ايندي. اوطاقن جي گهٽ هجڻ ڪري هوٽلن تي مارو گهڻو آهي. هوٽلن ۾ به هر قسم جون ڪچهريون ٿينديون. صبح جو ئي بيڪار ٽولا هوٽل ۾ اَچي ويهندا. شام جو ته ڌُم لڳي ويندي. شڪارپور جون هوٽلون به نراليون آهن. مشين جي پٽي تي ڦرندڙ جهلين جهڙا پکا ڦر ڙاٽ لايو بيٺا هوندا. ڪلفين تي مارو هوندو، آهن به اَهڙيون. شڪارپور ماڻهو اَچي ۽ ڪُلفي نه کائي، ڄڻ شڪارپور نه آيو. ديوان جو پاڻي، ڦوٽو، ڪريم سوڍا واقعي چڱا آهن. هندو سيٺين جي وقت ۾ ته اوج هو. هي سڀ ڳالهيون شڪارپورين جي چڱي پسند جو ثبوت آهن. کاڌي پيتي جا شوقين ٿين- ڪباب، چاپ ۽ ڪلفين سان خاص چاهه اَٿن. سندن پسند جو ستارو ڪن ڳالهئين ته حد کي وڃي پهتو هو. چون ٿا ته سيٺ ماڻهو ڳئن کي رڳو گلاب ۽ نارنگيون کارائيندا هئا، جيئن کير ۾ خاص خوشبوءِ ۽ ذائقو ٿئي. شڪارپور جو آچار ۽ مٺائي سڄي هندوستان ۾ سوکڙي ٿي ويندي هئي. اَهڙي به مٺائي ٺهندي هئي، جا اَسي رپئي سير وڪامندي هئي. بازاريون ڀرپور هيون. شڪارپوري ماڻهو طبيعتاَ َ شوقين آهن، کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ ۽ گهمڻ گهتڻ جا. يار لوڪ به شام جو سلفين جا ٻه سوٽا هڻي، اک ڪڪڙي ڪري، مڇ کي تاءُ ڏئي، ڪن ۾ گل وجهي، ڏاڍي ٺاٺ سان وکون پيا کڻندا. زميندار ۽ خوشحال ماڻهو ٽانگا رکندا. ٽانگن کي ڏاڍو سينگاريندا. گهوڙا ڀلا وٺندا. شام جي وقت ٽانگن تي چڙهي گهوڙا ڀڄائيندا. گهوڙا به ڦونڊ ۾ ڀرجي، گهمنڊ هڻي، ٽاپ ٽاپ ڪندا ايندا. هندو سيٺيون شام جو اَڇي ڦول ڌوتي پائي پلئه هٿ ۾ وٺندا. پمپ شو پيرن ۾ ۽ مٿي تي پڳڙي. شام جو شاهي رستن تي ٻن گهوڙين بگين ۾ بس ڳاڙهيون سايون پڳڙيون نظر اينديون. شهر جي چوڌاري باغن ۾ گهمندا، سُکو پيئندا ۽ سنهڙا چولا پائي جَهلين هيٺان ويهندا. سيٺيون اهي سمورا نظارا پاڻ سان کڻي ويا. سندن عورتون به سٻاجهيون ۽ صاف، رنگين پائجاما پائي، منهن پلئه سان لڪائي، باغن ۾ گهمنديون، ٽڪاڻن ۾ وينديون ۽ اوڙي پاري سان پير ڀرينديون هيون. هندو ماڻهو ڪٿا ڪيرتن ڪرائيندا هئا. ڏينهن جا ڏينهن راڳ جون محفلون ڪرائيندا هئا. ڏينهن جا ڏينهن چهچٽا هلندا هئا. پري پري جا ماڻهو، ڳائڻا ۽ ساڌو سنت ايندا هئا. پيسي وارا ۽ سخي مڙس هئا. دور ديسن مان ڪمائي شڪارپور ۾ خرچيندا هئا. ويس کيس سڌاريندا. سهڻا باغ ۽ وڻندڙ بنگلا ٺهرايائون. شاندار اسڪول ۽ ڪاليج اَڏايائون، شاهي اسپتال ٺهرايائون، لئبرريون ۽ هال قائم ڪيائون، جتي ليڪچر ۽ ڊراما ٿيندا هئا. شل اَڄوڪا شڪارپوري به اهڙا دريا دل ۽ هٿ جا ڇوٽ ٿين ۽ ورثي کي سنڀالي سگهن. سنڌ واهه شڪارپور جي جان هو. سندس ٻئي ڪنارا باغن ۽ بنگلڙن سان جهنجهيل هئا. موڪلن ۾ منڊل لڳي ويندا هئا. هندو مسلمان، زالون توڙي مرد، شهر جي گُهٽيندڙ گرميءَ کان ڀڄي سنڌ واهه جي ٿڌڪار ۾ وڻڪار هيٺان پيا تڙڳندا هئا. اَنبن جا ٽوڪرا، کجورين جون ڇليون، گوشت، ڪباب ديڳيون چڙهي وينديون، ترندا، کيڏندا، لاٽ پوندا ۽ ڳائيندا هئا. عجيب لطف هوندو آهي. اَڄ به اُن کي شڪارپوري ياد ڪري شوڪارا پيا ڀرين. شڪر جو پاڻ ٿڌا نه ٿيا آهن. اَڃا به ان موج کي قائم رکندا اَچن. عجب نه آهي ته سنڌ کي اڳئين اوج تي آڻن. ”شڪارپوري“ عام طور تي مزاج جا رنگين آهن. گهرائي منجهن گهٽ، ڪجهه بي لغام، ڪچهريءَ جي ٽونڪن به منجهن مقابلي جي قوت گهڻي ڪري ڇڏي آهي. انهن سببن ڪري آزاديءَ کان پوءِ مال غنيمت تي انهن به چڱا هٿ صاف ڪيا نه ته کين گهربو هئو ته جماعتون ٺاهي، جاين، بنگلن، باغن ۽ جماعت خانن جو بچاءُ ڪن ها. ڪاش، هو ٿورڙو سنجيده ٿي اک ڏيکارين ها ۽ پاڻ لُٽ کان پاسو ڪن ها ته سندن هي سهڻو شهر اَڄ اَڃا به جرڪي ها، ۽ هيئن تباهه نه ٿئي هٿا. ڏسجي ٿو ته جنهن ڳالهه کي ظاهري به چون ٿا، سا پاڻ کل ئي کل ۾ ڪيو ڇڏين. هن شهر ۾ عالم ۽ فاضل ۽ چوٽيءَ جا شاعر ڪافي انداز ۾ ٿي گذريا آهن. .سامي“ به هتي جو ئي هو. ڏسو شڪارپورين جي بي رُخي، جو ساميءَ جي جاءِ رهائش جي به پوري خبر ڪانه اَٿن، جيتوڻيڪ اها اڃا سلامت آهي. ”مسرور“ ۽ ”مسڪين“ به هتي جا هئا، پر يقين ڄاڻو ته ڪن ٿورن کي سندن زندگيءَ جا حالات معلوم اهن. ”اياز“ کي ته هو ليکي ۾ ئي ڪين آڻين. شڪارپور اصل ۾ ضلع جو مرڪز هو، تنهن ڪري هتي ڪامورو ڪلاس گهڻو پيدا ٿيو. تعليم وڌي ۽ ملڪي سياست ۾ چاهه پيدا ٿيو. سر غلام حسين ۽ مرحوم الله بخش سومرو سنڌ جا وڏا وزير ٿيا، انهيءَ ڪري سياسي شعور سان گڏ پارٽي بازيءَ جو مرض وڌيو ۽ ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي ويا. اڄ اُن کان شايد ئي ڪو شڪارپوري بچيل هجي. شڪارپور جي عورت به هڪ خاص مزاج جي مالڪ آهي. کيس پنهنجي انفراديت آهي، سندس پنهنجا شخصي تعلقات ۽ دوستيون آهن. نسبتا آزاد طبع ۽ گفتگو جي پختي ٿي ٿئي. ان جا مکيا سبب ٻه آهن: (1) پڙهيل ڳڙهيل، (2) عموما محنتي ۽ پنهنجي پيسي واريون آهن. پنهنجي هنر سان ميڙي چونڊي ڪري چار پيسا ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳايو ڇڏين. ڀرت ڀرين، آچار وجهن يا گهرو پيسي مان بچت ڪري لڪايو ڇڏين. ڏاڍيون سمجهه ڀريون آهن. پنهنجي پيسي هئڻ ڪري منجهن اطمينان ۽ خود اعتمادي آهي، ان ڪري مائٽ سندن راءِ جو چڱو خيال رکن. مڙس ته سندس گهڻو ڪري چيچ سان ٻڌل اَٿن. مڙس کي به زال جي مائٽن کي پنهنجي مائٽن تي ترجيح ڏيڻي ٿي پوي. سنڌ ۾ مشهور آهي ته ”شڪارپوري، نيت بُري، ڪڇ ۾ قرآنُ، هٿ ۾ ڇُري“. نٿو ڀانئجي ته اهو هروڀرو صحيح آهي. ڪم از ڪم منجهس وڌاءُ وڏو آهي. ممڪن آهي ته پراڻي زماني کان جدا جدا قومن جي ڪاهن شڪارپورين کي جلد کان جلد وفادارين مٽائڻ تي مجبور ڪيو هجي ۽ کين مصلحتاَ َ ٻهروپي ٿيڻو پيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته موجوده تنگ نظر ۽ پيٽ پوڄاري ڪامورڪي ذهنيت ۽ ڦرندڙ سياست بازيءَ انهيءَ ڏس ۾ مٿن ڪجهه اَثر ڇڏيا هجن، ورنه عام شڪارپوري بلڪل کلڻو، ڳالهائڻو ٺهڪڻو ۽ ڦهڪڻو آهي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ٺيٺ سنڌيت هن تر ۾ ئي ملندي. شڪارپوري ان جو علم بردار آهي. حيدرآباد پنهنجي اصليت وڃائي ويٺي، سکر جو به ذري گهٽ ساڳيو حال آهي. ”شڪارپوريءَ“ جي زنده دلي ۽ سندس خوبصورتيءَ سان چاهه اُميد ته رنگ لائيندو. منجهن جيڪڏهن ٿورڙي سنجيدگي ۽ منزل سان دلي لڳاءُ هجي ته يقينا صبح جو پهريون ڪرڻو شڪارپور مان ئي ڦٽندو. روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: شڪارپور هڪ مزاج جو نالو آهي شڪارپور جي حوالي سان هي هڪ بهترين ليک آهي۔ شڪارپور جا ماڻهو ۽ سندن رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج بابت سٺي ڄاڻ ملي۔ بس شڪارپور جي دوستن کي عرض ته صبر جو مظاهرو ڪن ۽ دوستن جو مان به رکن۔ لک ٿورا
جواب: شڪارپور هڪ مزاج جو نالو آهي يار عاشق ۔۔۔۔۔۔۔ صفا درويش آهين اهي جملا ان وقت جي ڪنهن جواب ۾ چيل هئا۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن جو جواب ان وقت ئي ملي چڪو هئو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي شڪارپور جي دوستن کي سلام