سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران نئين ٽهيء جي خوبصورت شاعر رضا بخاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هي دوست فيسبوڪ تي گهڻو سرگرم هجڻ سان گڏ پختو شاعر آهي، خاص ڪري سندس غزل تمام گهڻو وڻندڙ هوندا آهن۔ ريڊيو لاڙڪاڻو تان احسان دانش سان گڏ ادبي پروگرام جا ٻانهن ٻيلي ۽ ساٿي ڪمپيئر طور پڻ ڪم ڪندا آهن۔
رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن جي شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي. سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) 2007ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ 2007ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، 2008ع کان بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو، جنهن سندس رهنمائي ڪئي آهي. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا هئائين جن کان پاسائتو ٿي ويو آهي. سندس 3 شعري مجموعا :
شاعري تنهنجو بدن“ (2004ع)
”هوا جي بانسري“ (2006ع) ۽
”چاندنيءَ جو آبشار“ (2011) ڇپيل آهن.
رضا بخاري مختلف ادبي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو آهي، خاص ڪنهن ادبي تنظيم سان لاڳاپو ڪو نه رکيو اٿائين. کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس.
_____
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: