عرس پريو
سينيئر رڪن
درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو
مان ٽپاليءَ کان پڇان ٿو روز، پر
خط ڪو مون ڏي اماڻي ڪين ٿو
هر خوشيءَ مان ٿا حصو پنهنجو گهرن
درد منهنجا ڪوبه ڇاڻي ڪين ٿو
عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري
پيار کي سڀڪو ته ماڻي ڪين ٿو
وقت گهرندا ها ملڻ جو ڪيترا
ڪو اچي مون ڏي ته هاڻي ڪين ٿو
درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو
ادل سومرو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو
مان ٽپاليءَ کان پڇان ٿو روز، پر
خط ڪو مون ڏي اماڻي ڪين ٿو
هر خوشيءَ مان ٿا حصو پنهنجو گهرن
درد منهنجا ڪوبه ڇاڻي ڪين ٿو
عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري
پيار کي سڀڪو ته ماڻي ڪين ٿو
وقت گهرندا ها ملڻ جو ڪيترا
ڪو اچي مون ڏي ته هاڻي ڪين ٿو
درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو
ادل سومرو