عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري

عرس پريو

سينيئر رڪن
درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو

مان ٽپاليءَ کان پڇان ٿو روز، پر
خط ڪو مون ڏي اماڻي ڪين ٿو

هر خوشيءَ مان ٿا حصو پنهنجو گهرن
درد منهنجا ڪوبه ڇاڻي ڪين ٿو

عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري
پيار کي سڀڪو ته ماڻي ڪين ٿو

وقت گهرندا ها ملڻ جو ڪيترا
ڪو اچي مون ڏي ته هاڻي ڪين ٿو

درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو
ادل سومرو

2ppmvro.jpg
[/center][/img]
 
جواب: عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري

ادا پريا مڙس هتي سڀني کي پنهنجن سورنجي لڳي پئي آهي حال هي آهي ڀر م مري ڀاءُ ته ٻاجھ؟؟؟؟؟؟؟؟؟
بحرحال بهترين شاعري بهترين انتخاب بهترين ڊيزائين تي اوهان کي مبارڪونن۔
وسلام
 
جواب: عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري

درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو


محترم ادل سومرو جي بهترين شاعري ۔۔۔۔۔۔۔ يار عرس واهه جي شيئرنگ آهي۔
 
جواب: عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري

محترم ادل سومرو جي بهترين شاعري ۔۔۔۔۔۔۔ يار عرس واهه جي ونڊ آهي۔
 
جواب: عاشقيءَ جي ڳالهه هرڪو ٿو ڪري

درد منهنجو ڪوبه ڄاڻي ڪين ٿو
تو سوا ڪوئي سڃاڻي ڪين ٿو


واھ پريل واھ۔۔۔ادا اوھان جي پسند مان واضع نظر ٿو اچي ته اوھان به عاشق آھيون :no: ؟
تمام بھترين ادل سومرو جي شاعري۔۔۔۔ڊزائين ۾ مزو نه آھي۔ :hitwall:
 
Back
Top