• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سموري سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001 بحال ۔۔۔۔۔۔۔۔ پ پ پ حڪومت جو نئون فيصلو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
تازه ترين اطلاعات آهن ته هڪ خفيه گڏجاني ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي ته سموري سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001 بحال ڪيو ويو آهي ۽ ناظمي وارو سرشتو بحال ڪيو ويو آهي۔گذريل رات اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ناظمن جو نظام جڏهن ته باقي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام لاڳو رهندو۔

اهي به اطلاع آهن ته گورنر هائوس ۾ اهم اجلاس جاري آهي ۽ صدر زرداري سنڌ ڪابينه جي وزيرن کي اهم گڏجاڻي لاء صدارتي هائوس طلب ڪيو آهي۔
 
جواب: سموري سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001 بحال ۔۔۔۔۔۔۔۔ پ پ پ حڪومت جو نئون فيصلو

رب رسي ته مت کسي
 
جواب: سموري سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001 بحال ۔۔۔۔۔۔۔۔ پ پ پ حڪومت جو نئون فيصلو

سنڌي قوم کي ڊپريشن ۽ نفسياتي طور غلامي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي:ابراهيم جويو
حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نامياري ۽ برک ڏاهي ابراهيم جويو چيو آهي ته مشرف جي لساني آمريتي نظام کان به وڌيڪ نام نهاد جمهوريت سنڌ جي وجود لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي آهي، سنڌي قوم کي ڊپريشن ۽ نفسياتي طور غلامي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي قوم جي مينڊيٽ کي پٺي ڏئي لساني ڌرين اڳيان حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، سنڌ کي 1940ع واري قرارداد تحت خوداختيار رياست جي درجي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، وڌيڪ ان کي انتظامي سطح تي ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جي قومي وحدت تي کليل وار آهي، مشرف جو لساني آمريتي نظام سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏي مصيبت آهي، جنهن کي اڄ جا حڪمران مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ جي اڪثريتي عوام مٿان مڙهي رهيا آهن، هن چيو ته اڄ جي انهي قوم آڏو آيل چئلينج کي وڏي همت ۽ حڪمت عملي سان گڏجي منهن مقابل ٿي موٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهو ڪنهن هڪ پارٽي يا فرد جو نه پر پوري قوم جي بقاءَ جو مسئلو آهي، جنهن لاءِ سياسي، سماجي، سول سوسائٽي سميت سڄي سنڌي قوم کي گڏ ٿي انهي فيصلي کي رد ڪرائڻ لاءِ حڪومت آڏو ڀرپور احتجاج ڪرڻ گهرجي

پ پ جو فيصلو سنڌ کي ڏهاڪن تائين ڀوڳڻو پوندو،هڪ سنڌ هڪ نظام هئڻ گهرجي:علي قاضي
ڪراچي(ڪي ٽي اين نيوز) سنڌ جي نامياري صحافي ۽ سينيئر تجزئي نگار علي قاضي چيو آهي ته ڪالهه جو ڏينهن انتهائي مايوس ڪندڙ ڏينهن مان هڪ هو، سنڌ ۾ هڪ ئي وقت 2 نظام رائج ڪري ايترو غلط مثال قائم ڪيو ويو آهي جنهن کي سنڌ کي ڏهاڪن تائين ڀوڳڻو پئجي ويندو، هن چيو ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آمريڪا يا اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ هو يا مفاهمت جي مجبوري هئي ته سڄو ڪمشنري نظام ختم ڪيو وڃي ها، ڪشمور ۾ ڪراچي کان مختلف نظام ڪيئن ٿو هلي سگهي، هڪ ڌرتي آهي، هڪ صوبو آهي ته پوءِ نظام به هڪ ئي هوندو، هڪ صوبو آهي هڪ سنڌ آهي، هڪ سنڌ ۾ هڪ نظام هلندو، ڪي ٽي اين جي پروگرام اوپينين وٿ علي قاضي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ناظمن جو نظام جيڪڏهن حڪمرانن جي نظر ۾ بهتر نظام آهي، جيڪو سنڌ جي ٻن وڏن شهرن جي شهرين کي ڏيو پيا ته ڇا لاڙڪاڻو، دادو، بدين، ميرپورخاص يا ٺٽي جا ماڻهو ٻئي درجا جا شهري آهن، حيدرآباد ۾ مقرر ڊي سي او اوچتو دادو هليو ويو ته هو اوچتو ڊپٽي ڪمشنر ٿي ويندو، علي قاضي چيو ته آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۾ وڏا هاڃا ٿيا آهن، يا افسوسناڪ ۽ ڏکائيندڙ ڏهاڙا آهن، انهن ۾ هي هڪ ٻيو ڏهاڙو شامل ٿي ويو آهي، آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جو نعرو به اهو ئي آهي ته هڪ سنڌ هڪ نظام ، ڇاڪاڻ ته اسان سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين، هن چيو ته ڪو سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌائي ته هن قدم جي منطق ڇا آهي، هن ۾ پارٽين جو سوال ناهي، پيپلز پارٽي ۾ رهندڙ سنڌي آهن، هي هر ماڻهو جو مسئلو آهي، جيڪو پاڻ کي ڌرتي ڄائو سمجهي ٿو، جيڪو ڌرتي سان جڙڻ ڄاڻي ٿو، پنجابي، پشتو ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي به ائين ئي رد عمل ڏيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ علي قاضي چيو ته ووٽن جو مطلب Blanket مينڊيٽ نه هوندو آهي، ووٽ وٺڻ مهل ماڻهن کي مثال طور چئجي ته اسان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪنداسين ته پوءِ اهو مينڊيٽ آهي، جيڪڏهن منشور ۾ سنڌ ۾ 2 نظام هجن ۽ عوام ووٽ ڏئي ته پوءِ اها ڳالهه تسليم ڪجي ته عوام منشور جي نالي تي ووٽ ڏنو آهي، اهڙو ته ڪو حڪومت کي مينڊيٽ ناهي مليو، هن چيو ته آئون چوندو هئس ته جيستائين صوبن وٽ سياسي ۽ انتظامي خودمختياري نه آئي ته 18هين ترميم ذريعي ڪاغذ ۾ خودمختياري لکي ڇڏڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، اهو ڇا پهريون ڀيرو آهي جو اسلام آباد مان ماڻهو اچي سنڌ ۾ فيصلا ڪري، اهو نوازشريف جي حڪومت ۾ به ٿيو آهي، هن چيو ته مون کي تڪيلف ۽ ڪرب ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ ورهائڻ جا لفظ استعمال ڪيان ٿو، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي تيار رهڻ گهرجي ته اهي موجوده صورتحال تي پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻه نظام ناقابل برداشت آهن، جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو موجوده صورتحال کي برداشت ڪري ويا ته مستقبل ۾ اهو ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو، جنهن جو تصور ڪرڻ نه ٿو چاهيان، هن چيو ته آئون صدر آصف کي گذارش ڪندس ته هڪ سنڌ ۾ هڪ نظام لاڳو ڪيو وڃي، بعد ۾ ڪمشنري نظام ۽ 2001ع جي مڪاني نظام کي گڏائي ڪو سٺو نظام آندو وڃي، اتفاق راءِ وارو نظام اچڻ تائين هڪ سنڌ 2 نظام برداشت نه ٿي ڪري سگهي، هن چيو ته مون کي ڪالهه ميسيج آيو ته ڇا توهان ڪراچي صوبي ۾ رهيا پيا آهيو، ماڻهو اهو سوچي ڏڪي وڃي ٿو ته ڇا اسين ان ڏانهن وڌون پيا، علي قاضي چيو ته مون کي اميد آهي ته قومپرست ۽ سياسي پارٽيون هڪ گڏيل حڪمت عملي ٺاهينديون، هڪ مربوط حڪمت عملي سامهون آڻيندا، هن چيو ته ماڻهن جي برداشت جي هڪ حد هوندي آهي، عوام جي صحيح ترجماني ڪير نه ڪري سگهندو ته ماڻهو پنهنجي سگهه پاڻ استعمال ڪرڻ شروع ڪندا، دنيا ۾ وڏيون تحريڪون مايوسي ۽ ڪا شيءِ کسجڻ جي احساس بعد جنم وٺنديون آهن، هتي ته ڌرتي ماءُ ڪٽي ورهائڻ جون ڳالهيون پيون ٿين، هن چيو ته مون انهن خدشن جي ڪري چيو پئي ته سنڌ جا ماڻهو ڪٿي گڏ ٿي سگهه ڏيکارين ته سنڌ سان هن جهڙا هاڃا ڪرڻ کان اڳ اهي ماڻهو به سوچين ته سنڌ جا ماڻهو هيڻا ناهن پر هاڻي ڀٽائي جي درگاهه تي وڃي ڪا دانهن ڏيون، آئون اميد ٿو ڪريان ته هڪ سنڌ هڪ نظام واري ڳالهه اسلام آباد ضرور قبول ڪندو، سياسي، مذهبي، قومپرست ۽ پ پ ڪارڪنن کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻي پوندي، انهن سڀني کي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪرڻو پوندو، جيئن خبر پوي ته هن ڌرتي جي وحدت ۽ ايڪتا جا حامي ڪروڙين آهن، هن چيو ته ڪا ڳالهه ٿي ته مينڊيٽ آهي، سڀاڻي ڪو مينڊيٽ وارو مطالبو ڪري ٿو صوبو ٺاهي ڏيو ته ان کي صوبو ڏنو ويندو، اهو ته دليل ئي ناهي، هن چيو ته سنڌ ۾ حقيقت ۾ 2 متبادل نظام رائج ڪرڻ ورهاڱي جو سنگ بنياد آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي وزير کي صرف پروٽوڪول ملندو، وڏي وزير جو حڪم حيدرآباد ڪراس ڪرڻ کانپوءِ هلندو، جيڪڏهن ان تي ڪير چوي ته مينڊيٽ مليل آهي ته اهو ڪمال جو مينڊيٽ آهي، علي قاضي چيو ته مون 2 سال اڳ آرٽيڪل لکيو هو ته جاڳندا رهجو، اڃا اها ڳالهه هتي رڪجندي نه، منهنجا خدشا اڃا هن کان اڳيان آهن، اڃا شيون خرابي ڏانهن وڌنديون، سنڌ جا ماڻهو سڄي صورتحال کي سمجهن ته حالتون اسان کي ڪيڏانهن وٺي پيون وڃن، ماڻهن ۾ ايتري سگهه ۽ فهم هجي جو اهي حالتن جو رخ موڙين، سنڌ جي عوام ۾ اها سگهه ۽ فهم موجود آهي.
The Kawish Group of Publication​
 
جواب: سموري سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001 بحال ۔۔۔۔۔۔۔۔ پ پ پ حڪومت جو نئون فيصلو

بلڪل اسين هڪ هئا سون، هڪ آهيون ۽ هڪ رهندا سون ان شاءَ الله.
ڪوئي مائي جو لال ڄميو ئي ناهي جيڪو امڙ سنڌو جي پائمالي ڪرڻ جو سوچي به سگهي.
 
جواب: سموري سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001 بحال ۔۔۔۔۔۔۔۔ پ پ پ حڪومت جو نئون فيصلو

اڄ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ميرن کي به پنهنجي گهر مان لڳي سو اسان وارن ئي هي سڀ ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top