• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلام سنڌ جي سڄڻن کي

جواب: سلام سنڌ جي سڄڻن کي

بيشڪ ٻڌي ۾ طاقت آهي اتحاد ۾ برڪت آهي اتحاد ئي اسان جي حفاظت جو ذريعو آهي اتحاد ئي اسان جي جياپي جو مقصد هجڻ گهرجي۔
 
جواب: سلام سنڌ جي سڄڻن کي

سنڌ امڙ لاءِِ اڄوڪو ڏينهن الله جي ڏنل جان مال ۽ وقت سان
ان شاءََ الله ظالمن حڪمرانن جي ايوانن ۾ تهلڪو مچائبو،
هنن غدارن کي سنڌ پنهنجي ڌرتي مٿان قدم رکڻ به برداشت نه ڪندي۔
 
جواب: سلام سنڌ جي سڄڻن کي

سائين نثار سلام ۔۔۔۔

سنڌ جي سپوتن کي سلام هجي۔ ڪالهوڪو ڏينهن سچ ته لڙائي ۽ بحث بازي ۾ گذريو ۽ ايڏو تيز ۽ مدلل بحث شايد مان ڪڏهن ڪونه ڪيو هجي۔ ڪالهوڪو سڄو ڏينهن ايئن ئي گذريو۔ اهڙي فيصلي جي سنڌ جي هر باشندي نه صرف مذمت ڪئي آهي پر ان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن۔

جنهن ڏينهن الطاف سنڌين جي خلاف تقرير ڪري سنڌين کي هندن جو غلام سڏيو هو ان جي رد عمل ۾ جي هڪ ڀرپور آواز اٿي ها ته اڄ حڪمرانن کي اهڙو فيصلو ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي ها۔ پر افسوس اسان فيسبوڪ تي، ايس ايم ايس ذريعي ۽ گهرن ۾ ويهي ڀڀڪيون ڏيڻ وارن مان آهيون۔ اسان کي اهڙو ئي هڪ ڀرپور اظهار ڪرڻو پوندو جهڙو اسان ايڪتا واري ڏينهن ڏيکاريو هو۔
 
جواب: سلام سنڌ جي سڄڻن کي

مان يقين سان چوان ٿو ته اسان جون ڳالھيون ۽ مذمتون ايوانن جا در کڙڪائينديون ته ڇا پر توڙي ڇڏينديون...ھڪ آواز بلند ڪرڻو پوندو.
ھر سنڌ دشمن فيصلي جي مذمت ايوانن تائين پھچي ٿي.......جيڪو ميري اک کڻي سنڌ طرف ڏسي اسان کي ھڪ ٿي ان جي اک ڪڍڻي پوندي.

184139_1943330187944_1383170786_31855165_7115846_n.jpg
 
Back
Top