دل ۾ بسايو۔۔۔

Sheeraz Nizamani

سينيئر رڪن
”غزل“

اسان بس اوهان کي آ دل ۾ بسايو
سوا تو سڄڻ جي آ جيون اجايو

ڪٿا دل جي دلبر لکڻ ليک ناهي
چوڻ آهي مشڪل زبان آ ٻڌايو

ڊگها هي ڪشالا سفر سور آهي
بحر جي برابر آ بي وس بڻايو

” وفا “ سرس تو ۾ حلم هاڻي ڇاهي
شيراز چئي وڇوڙو نه ويتر وڌايو۔


”وفا” شيراز نظاماڻي
 
جواب: دل ۾ بسايو۔۔۔

ڪٿا دل جي دلبر لکڻ ليک ناهي
چوڻ آهي مشڪل زبان آ ٻڌايو

واھ واھ تمام بھترين شاعري آھي جاري رکجو ادا
 
جواب: دل ۾ بسايو۔۔۔

اسان بس اوهان کي آ دل ۾ بسايو
سوا تو سڄڻ جي آ جيون اجايو


ادا شيراز لاجواب ۔۔۔۔۔۔

بهترين شاعري، سهڻا احساس ۽ زبردست انداز
 
Back
Top