ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
مبارڪون مبارڪون ماهِ رمضان آيو
مبارڪون مبارڪون ماهِ رمضان آيو
هن مهيني ۾ نازل ٿي قرآن آيو
قيد آهي شيطان آزاد آهي انسان
خدا جي طرفان هي اعلان آيو
روزي دار کي ڏسي چون ملائڪ
ڏِسو ڏِسو هُو خدا جو مهمان آيو
روزو رکي ڏي تون حوس کي لغام
نازل ٿي اهڙو نفس تي ايمان آيو
جيڪي هيو اندر سو سڙي نڪتو ٻاهر
ڪندو بان بان دنيا تي شيطان آيو
هي مهينو قرآن جي بهار جو مهينو
اهو رسول عربي جو اسان لاءِ فرمان آيو
جيڪو گناهن ڪيو هو دل ڪافر
سو ٿي وري اڄ نؤن مسلمان آيو
هن زندگي تي ڪرم مليو وري رمضان
حيوانيت مان نڪري اڄ وري انسان آيو
آهن ته سڀئي سهڻا سال ۽ مهينا سائين
پر هي سڀني سهڻن جو صاحب سلطان آيو
سالڪن سچ چيو ڏاڏل جي سڀ سمجهو
بڻجي هدايت جو هي هادي و برهان آيو