مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
غزل
اکيون سهڻيون ڪاجل ڪناري ڪناري
ڏســي ڪوئي هــر هــر نهاري نهاري
تنهنجــــا جــــوت جــلوا جــڏهن يــــاد آيـــا
تڏهن کان رنو ها توکي ساري ساري
آيـــو پــــاڻ آهين ملڻ مونســـــان جـــانــي
ڏٺو خواب مون آ آڌي رات ڌاري
ناهــي ڪو سهارو ســواءِ تنهنجــي سائين
چوان توکي روئي پڪاري پڪاري
ڀلا ڪئين جئيان تنهنجـــي وئـــي کان پوءِ
انهي کان سٺو آ ڪوئي مونکي ماري
نــــوان تنهنجــــا ڪئين سـتم روز ســـائين
چوي دل ٿي منهنجي وڃان مان گذاري
شاعر؛مزمل چانڊيو