جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)
سائين نثار سلام ۔۔۔۔۔۔
سچ پڇو ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي سٺي موٽ ملي آهي ان سان سنڌ سلامت فورم هن وقت گهڻين اخبارن ۽ ميگزين لاء ڄاڻ جو ذريعو بڻجي چڪي آهي۔ مون جڏهن پهريون دفعو سيال حيات جي شاعري پڙهي هئي ته مون کي بهترين شاعر جي شاعري لڳي هئي۔ ان ڏينهن ئي مون اسد علي سيال سان رابطو ڪري کيس اهو عرض ڪيو هو ته سائين حيات جي شاعريء کي سهيڙڻ شروع ڪري۔
دوست اسد علي سيال جا ٿورا آهن جنهن ڪتاب کي ڪمپوز ڪري اسان سان ونڊ ڪيو۔
اوهان دوستن جون مهربانيون آهن جن سنڌ سلامت جهڙو معياري فورم جوڙي اسان کي هڪ سٺو پليٽ فارم مهيا ڪيو۔ اوهان جي رهنمائي ۽ دوستن جي مدد سان جلد ڪتابن جي ذخيري ۾ واڌ آڻبي۔
نوجوان دوست اسد علي سيال پاران سيال حيات جي شاعري ڪتابي صورت ۾ بعنوان ” هوائن مٿان گهر“ ، سنڌ سلامت تي سهڻي دوست سليمان پاران ونڊ ڪري سنڌ سلامت لائبريري ۾ هڪ سهڻو ۽ اهم اضافو ڪيو ويو آهي۔
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي واڌايون ۽ سهڻي شاعر سيال حيات کي پڻ دل جي گهراين سان واڌايون ۔۔۔ قبول پون
اڍائي سال اڳ جڏهن سنڌ سلامت جو بنياد وڌو ويو هو ته دوستن جا ارادا ۽ منصوبا جيڪي سوچيا ويا هئا سي ساڀيان ٿيڻ لڳا آهن ۽ سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌيت جي مان ۾ ٿيندڙ ڪم اڳ کان اڳرو ٿيڻ لڳو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت اوطاق جو مقصد ئي اهو هو ته سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪيو وڃي ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي ۔۔۔ الله جا لک شڪر آهن ته ان ڪم ۾ سنڌ سلامت مالا مال ٿيندي وڃي ۔۔۔
سنڌ سلامت سنڌين جي اوطاق آهي جت سڀني دوستن جي گڏيل محنتن ۽ اوطاق کي متحرڪ رکڻ ۾ دوستن پاڻ ملهايو آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت مستقبل قريب ۾ سنڌين جي نمائنده سائيٽ ٿي اڀرندي ۔۔۔۔
سنڌ جا سهڻا دوستو! سنڌ سلامت کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ لا اڃان ڪافي ڪم رهيل آهي، اچو ته سڀ گڏجي سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري کي عام ڪريون ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت کي محفوظ ۽ مضبوط ڪريون ۔۔۔
هلندي هوت پنهل ڏي کهجن کي کوٽيون
سنڌ سلامت ساٿ سلامت