نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي تقسيم ۽ ڪمشنري نظام جي خاتمي جي خلاف ريلي
رپورٽ : سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام: تصويرون: نثاراحمدناز : اڄ شهر ٽنڊو محمد خان جي مهراڻ چوڪ کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان سنڌ جي تقسيم ۽ ڪمشنري نظام جي ختم ڪرڻ جي خلاف هڪڙي ريلي ڪڍي جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن، مختلف قوم پرست جماعتن جي نمائندن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي. هي ريلي مختلف قسم جا نعرا هڻندي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پهتي جتي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ جيڪو ڌرتي ماءُ جا سودا ڪندو آهي اهو اسان مان ڪونهي اهو سنڌي ڪونهي ، اهو غدار آهي اهو غدار رهندو. ناري تحريڪ ترقي پسند پارٽي جي ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي پنهنجي انتهائي جذباتي تقرير ۾ چيو ته ظالم ۽ غدار حڪمرانن کان اسان سنڌي پُڇڻ ٿا چاهيون ته ايم ڪيو ايم جي چمچا گيري آخر ڪيستائين ڪندا، آخر ڪيستائين جيجل سنڌ جي ڪُک ۾ غداري جو خنجر وهائيندا ، سنڌي قوم توهان کي انهيءَ لاءِ ووٽ ته ڪونه ڏنو هو ته سنڌ آزاد سنڌ جي خودمختياري جو سودو ڪندا وتو، توهان ڪهڙا سنڌي آهيو جو پنهنجون ٽوپيون ۽ پٽڪا ايم ڪيو ايم جي مڪارن جي پيرن تي لاهيندا وتو، انهن جي پيرن تي پنهنجو سر سنڌ جيجل وڪڻي رکند ا وتو ڪالهوڪي عام سنڌين توهان جي ويساهه گهاتين ۽ غدارين جي خلاف جيڪا توهان سان جُٺ ڪئي آهي انهي تاريخي سنڌي ۽ سنڌياڻين جي احتجاج مان سمجهي وڃو ته سنڌ جي غدارن جو موت ويجهو آهي. اسان سنڌ جي گهٽي گهٽي ءَ ۾ توهان جي چونڊيل نمائندن جو گهيراءُ ڪنداسين جيڪڏهن سنڌ جا حلالي پُٽ آهيو ته پنهنجون وزراتون پنهنجون ميمبريون سنڌ ڌرتي مٿان گهور ڪري سنڌي قوم کان معافي وٺو. عوامي تحريڪ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر مشتاق حُسين شوري پنهنجي فڪر انگيز خطاب ۾ چيو ته موجوده حڪومت جا ڪارندا پنهنجي شهيدن جي رت جو سودو ڪري نائون مل جهڙا غدار ٿي هاڻي سنڌ جو سودو ڪري پنهنجي نام نهاد حڪومت جي بچاءُ جا گس ڳولهي رهيا آهن. هنن کي خبر هُئن کپن ته غدارن جا ڏينهن هاڻي ڳڻجي چُڪا آهن. تاڙين جي گونج ۾ ٽنڊو محمد خان جي جاکوڙي ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما محترم ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته : سنڌ ڌرتي جا سودا ڪرڻ وارؤ ياد رکي ڇڏيو اسان ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت پنهنجا ڳچين ڳاٽ وڍائي ڪنداسين، توهان ووٽ سنڌين کان وٺي سنڌين جي دشمنن جي ٻولي ڳالهائيندا آهيو، بي اصولي ۽ قلابازيون ڀلي ڪيتريون به ڪريو پر هاڻي سنڌ جو هاري مزدور پورهيت ، شاگرد، عورت مرد ٻار پوڙهو هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪو آهي ، سنڌين ڌرتي جي دشمنن سان نه اڳي ٺاهه ڪيو آهي نڪو هاڻي ڪندا، ڪنهن جيڪڏهن ڌرتي ڏانهن ميري نظر سان ڏٺو ته ان جون اکيون ڪڍي وجهبيون، موجوده حڪمران لاءِ هاڻي سنڌ جي ڌرتي ٽامون بڻجي چُڪي آهي، پنهنجي غلطين کي پاڻ ڀوڳين، سدائين سنڌين جي ووٽ تي بادشاهيون ڪرڻ وارا سنڌي قوم توهان کان جيجل سنڌ سان ڪيل غداريءَ جو پورو پورو حساب وٺندي. سنڌ ڌرتي سدائين پنهنجن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن پر غدارن ۽ مڪارن لاءِ هي ڌرتي ٽامون ٿِي آهي. جسقم جي صدر سومرو چيو ته هي سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ سان جيڪي ويساهه گهاتيون ڪندا ۽ غداريون ڪندا انهن ظالمن سان هاڻي اسان جو جهيڙو آهي . کاهوڙي اديب مشڪور ڦلڪاري چيو ته سنڌي قوم جي تقدير سان کيڏڻ بند ڪريو ڌرتي توهان لاءِ هاڻي ٽامون ثابت ٿيندي. هن احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه چيو ته اهو ممڪن ئي ڪونهي ته سنڌ جيجل جي خودمختياريءَ سان ڪير کلواڙ ڪري ۽ سنڌ جا اديب شاعر ۽ سانڃه وند ماڻهو خاموش ويهي رهن. سنڌي ادبي سنگت جو هرڪو ڪارڪن پنهنجي قلم جي طاقت سان ۽ عملي ويڙهه وڙهي ڌرتي جي غدارن جو ستيا ناس ڪندو. آخر ۾ ناري تحريڪ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر محترما ثمينه خاصخيلي اعلان ڪيو ته اڄ 9 آگسٽ 2011 تي شام جو ساڍي ستين وڳي شهر ٽنڊو محمد خان جي نارين طرفان ڪمشنر نظام جي ختم ٿيڻ خلاف هڪڙو مشعل بردار جلوس ترقي پسند هائوس مان ڪڍيو ويندو. هن سموري ڪاروائي کي اسٽيج سيڪريٽري جي حيثيت سان سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز هلائي .
دوستو هاڻي پيش آهن انهي ريليءَ جون تصويرون
دوستو هاڻي پيش آهن انهي ريليءَ جون تصويرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان پاران احتجاجي بينر
ترقي پسند پارٽي سنڌ جو مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر نمايان آهن
ناري تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ميمبر محترما ثمينه خاصخيلي به هن احتجاج ۾ شريڪ هُئي۔
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جا مرد ميمبر ۽ ناريون ميمبر به هن احتجاجي ريلي ۾ شريڪ هيون