فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي قومپرست جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب جن جو پنهنجو هڪ منفرد انداز آهي۔۔ پاڻ هڪ قابل وڪيل هجڻ ڪري پاڪستان جي قانون ۽ پاڪستاني سياست کان خوب واقف آهن۔۔۔ سچي ڳالهه ته اها آهي ته مڙني قومپرست جماعتن منجهان هي واحد جماعت آهي ۔۔۔ جنهن تي ڀتاخوري کان لينڊ مافيا تائين الزام لڳل نه آهن۔۔۔ ۽ ورڪرز کان وٺي اڳواڻن تائين سلجهيل ۽ سمجهدار پارٽي طور وائکا آهن۔۔۔ پليجو صاحب جن جي پارٽي مختلف پليٽ فارمس تان سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي۔۔ ۽ اسان سڀ سندن انتهائي مشڪور آهيون ته سندن مشن جاري ۽ ساري آهي۔۔۔

    8 آگست تي اردو فرنٽ لائين پروگرام تي اينڪر ڪامران شاهد جڏهن ڪراچي جي صورتحال تي سندن موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن جواب حسبِ روايت انتهائي جذباتي هيو ۔۔۔ عمر جي ضعيف حد ۾ به سنڌ ۽ سنڌين سان ڏاڍائي ڪندڙن جي خلاف سندن زبان جواني وانگر جهيڙو ڪري رهي آهي۔۔۔
    سندن موقف کي سموري سنڌ سلامت ساٿ تائين پهچائڻ لاءِ هي مختصر وڊيو پيش ڪجي ٿي۔۔۔


     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    سائين لڳي ٿو..اوھان پوڙھا ٿي ويا آھيون مذاق ۾
    يا وري اسان جي نظر ڪمزور ٿي وئي آھي.....جو وڊيو نظر ئي ڪون ٿو اچي.؟
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    ادا سهڻا رشيد، ڪيتري حد تائين اوهانجي ڳالهه سان اتفاق ضرور ڪبو ته رسول بخش پليجو سنڌ جو هڪ ڏاهو، علمي ۽ صاف سٿرو سياستدان آهي ۔۔۔ سندس هن وقت پٽ اياز لطيف پليجو پڻ پاڻ ملهائي رهيو آهي ۔۔۔ بيشڪ سنڌ جي عوامي تحريڪ جي ساٿ ۾ تمام گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ساٿي شامل آهن ۽ تنظيمي طور تي به تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهن ۔۔۔

    ڪاش سنڌ جا ٻيا قومپرست به هن تنظيم جي تنظيم ڪاري ۽ صاف ڪردار مان سبق پرائي سندن پوئواري ڪن ۽ سنڌ ۾ هڪ اتحاد قائم ٿي ۽ سنڌي قوم اهڙين قومپرست تنظمين کي پنهنجو ڪري انهن جي پٺڀرائي ڪري ۔۔۔

    اهڙيون تنظيمون ۽ انهن جا اهي پڙهيل ڳڙهيل رهنما جي ايوانن ۾ ايندا ته بلا شڪ سنڌ جي ڳالهه ڪندا ۽ سنڌ کي ائين نه وڪڻندا جيئن پ پ پ سنڌ کي نقصان رسائي رهي آهي ۔۔۔

    اسانجو ووٽ رسول بخش پليجي کي آهي ۔۔۔ اوهان جي صلاح سهڻي آهي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    بلڪل سائين پليجو صاحب حق سچ ڳالهائيندو آهي، ۽ سندن پارٽي ڪارڪن سلجهيل ئي هوندا آهن پڙهيل لکيل چاهي سنڌياڻي تحريڪ هجي هڪ منظم طريقو آهي۔

    .....................................

    سائين هي ته ڪمال ٿي ويو! اوهان سنڌ امڙ خاطر وڏي قرباني ڏئي رهيا آهيو ڌڻي اوهان کي سلامت رکي، مڪي پاڪ ۾ هن ڀلاري مهيني ۾ پنهنجن دعائن ۾ اسان کي ضرور ياد ڪندا۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    اڙي ابا جذباتي نه ٿيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جذبات ۾ ڪيل فيصلا اهڙائي هوندا آهن جهڙا پ پ پ حڪومت ڪيا۔ ڳالهه اها آهي ته ڪالهوڪي قومپرستن جي ڪيل ميٽنگ ۾ به صرف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڳالهه ٿي آهي، جيڪو مسئلي جو حل ناهي۔ اصل ڳالهه آهي سنڌ جا مفاد ۔۔۔۔۔ ڪيئن هنن حالات ۾ پلاننگ ڪجي ۽ ڪهڙي حڪمت عملي ڪجي۔۔۔۔

    اها ڳالهه اڃان به سامهون ناهي آئي ره اسان کي کا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي۔۔۔۔۔ جذبات ۾ ڪيل ڳالهيون هوائي هونديون آهن بلڪل ذوالفقار مرزا ۽ پ پ پ جي ڪمشنري نظام وانگر۔

    ٿي سگهي ٿو منهنجون ڳالهيون دوستن کي نه وڻن ۔۔۔۔۔ ڇو ته مان هوائي ڳالهين ڪرڻ جو قائل ناهيان ۔۔۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    بس ادا سليمان پير صاحب پاڳاري جيان بس ايئن ئي مستقبل جون پيشنگويون اسان سان ونڊ ڪندا رهجو، ادا سليمان حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ۽ ان مطابق ايجنڊا تي به عمل پيرا ٿجي، يقينن قومپرست دوستن مان اسان کي صرف ڪارو ڏڻ ملهائڻ کان وڌيڪ اميدون هيون، الله ڀلائي ڪندو۔۔۔
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    سائين توهان جي ڳالهه درست آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جا ٻيا سياستدان به اهڙا ٿين ته ڀلو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    توهان جي ڄاڻ لا ته پليجو صاحب قومپرست ناهي _________________
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    پوء ڪاڏي وڃجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ڪيئن سڃاڻجي ،۔

    قومپرستي کي ماپڻ جو ڪهڙو اوزار آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا ڪجي ۔۔۔ ڪيڏانهن وڃجي
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فرنٽ لائين پروگرام ۾ محترم پليجو صاحب جن جو حق سچ وارو جذباتي انداز۔۔۔

    ادا جستجو جاري رکو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو