سنڌي قومپرست جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب جن جو پنهنجو هڪ منفرد انداز آهي۔۔ پاڻ هڪ قابل وڪيل هجڻ ڪري پاڪستان جي قانون ۽ پاڪستاني سياست کان خوب واقف آهن۔۔۔ سچي ڳالهه ته اها آهي ته مڙني قومپرست جماعتن منجهان هي واحد جماعت آهي ۔۔۔ جنهن تي ڀتاخوري کان لينڊ مافيا تائين الزام لڳل نه آهن۔۔۔ ۽ ورڪرز کان وٺي اڳواڻن تائين سلجهيل ۽ سمجهدار پارٽي طور وائکا آهن۔۔۔ پليجو صاحب جن جي پارٽي مختلف پليٽ فارمس تان سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي۔۔ ۽ اسان سڀ سندن انتهائي مشڪور آهيون ته سندن مشن جاري ۽ ساري آهي۔۔۔
8 آگست تي اردو فرنٽ لائين پروگرام تي اينڪر ڪامران شاهد جڏهن ڪراچي جي صورتحال تي سندن موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن جواب حسبِ روايت انتهائي جذباتي هيو ۔۔۔ عمر جي ضعيف حد ۾ به سنڌ ۽ سنڌين سان ڏاڍائي ڪندڙن جي خلاف سندن زبان جواني وانگر جهيڙو ڪري رهي آهي۔۔۔
سندن موقف کي سموري سنڌ سلامت ساٿ تائين پهچائڻ لاءِ هي مختصر وڊيو پيش ڪجي ٿي۔۔۔