توهان جي ڪمپيوٽر ۾ جڏهن هڪ ئي وقت ڪافي ساريون يوايس بي ڊوائيسز لڳل هجن ته انهن کي محفوظ طريقي سان بند ڪرڻ يا ڪڍڻ لاءِ ان وقت الجهن ٿيندي آهي جڏهن سسٽم ٽري ۾ موجود ونڊوز جي ڊيفالٽ ڊائوائيس مينيجر تي ڪلڪ ڪندا آهيون ته تقريبن ساڳين ئي نالن تي مشتمل لسٽ کُلي ويندي آهي جنهن مان پنهنجي مطلب جي ڊوائيس کي جانچڻ ڏکيو لڳندو آهي۔۔۔ ان جي بجاءِ جيڪڏهن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل مينو هجي ته ان ذريعي پنهنجي ڊوائيس کي جانچڻ ڪيترو نه آسان هوندو۔۔۔ هي آهي USB device manager نالي هڪ ننڍڙو ٽول۔۔۔ جنهن جي ڊيولپرس جو چوڻ آهي ته هن جو نئون ورجن 7۔4 هر عام ۽ خاص لاءِ 12 آگسٽ تائين مفت وڪرو ڪجي ٿو۔۔۔ هن پروگرام ذريعي توهان ڪافي ساريون اضافي سهولتون پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ جهڙوڪ: توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود اهڙيون ڊيوائسز جنهن کي غلطي سان بند ڪرڻ جي صورت ۾ ڪمپيوٽر پڻ بند ٿي وڃي کي مينون منجهان لڪائي سگهو ٿا۔۔۔ ڊيوائيس کي بغير ڪڍڻ جي اسٽاپ ۽ اسٽارٽ ڪري سگهو ٿا۔۔ يا وري ڪي اهڙيون به ڊيواسز هونديون آهن جهڙوڪ فليش ڊرائيو جنهن مان فائيل کي ڪاپي ڪندي يا کولڻ جي صورت ۾ ڊيفالٽ مينون منجهان بند ڪرڻ ڏکيو هجي ۔۔۔ هن ٽول ذريعي آساني سان اسٽاپ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ چاهيو ته مائوس جي استعمال کانسواءِ ئي هاٽ ڪيز استعمال ڪندي ٽول کي آپريٽ ڪريو۔۔ ڪارڊ ريڊر بجاءِ ميموري ڪارڊ کي ايجيڪٽ ڪرڻ۔۔ [/CENTER خالي ميموري ڪارڊ ڊرائيو کي ظاهر ڪرڻ بجاءِ لڪائڻ ۔۔۔ چاهيو ته اسٽاپ ٿيل ڊيوائس کي ڪمپيوٽر مان ڪڍڻ بجاءِ ئي ٻيهر اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ايتري قدر جو ڪنهن به ڊرائيوجو پاور آف پڻ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هن بهترين ٽول کي مفت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪري آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو ۽ پنهنجو نالو ۽ اي ميل لکي لائيسنس گهرڻ واري بٽڻ کي دٻايو ۔۔ ۔ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ توهان جي اي ميل ايڊريس تي لائسنس واري اي ميل موڪلي ويندي۔۔۔ جڏهن ته سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔ نوٽ: هن بهترين ٽول کي فعال ڪرڻ کان پوءِ اپگريڊ يا ڊائونگريڊ ڪرڻ جي صورت ۾ مفت واري سهولت ختم ٿي ويندي۔۔ جيڪڏهن توهان کي في الحال ان سافٽويئر جي ضرورت نه به هجي ته هن کي پنهنجي پي سي ۾ بيڪ اپ طور پڻ رکي سگهو ٿا ۔۔ جنهن ڪڏهن به پنهنجي اي ميل ۾ آيل ڪي جي ذريعي فعال بڻائي سگهو ٿا۔۔۔ هي سافٽويئر توهان کي ڪيئن لڳو ۔۔۔ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔ ۔
جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت تصويرون ظاهر ڪون ٿيون ٿين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته مون وٽ ميموري ڪارڊ آهي جنهن ۾ وائرس اهڙوڪنو آيو آهي جو ڊليٽ ئي ڪون ٿو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔ 2جي بي جو ڪارڊ آهي ته 4 جي بي شو ٿو ڪري هر طرح سان فارمٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم نٿو ٿئي ان جو ڪو حل ٻڌايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا وري اهو به مفت وارو ته اصل واه واه هاڻي ئي ٿو ڪيانس ڊائونلوڊ سدائين گڏ
جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت تمام سٺو سافٽوير آهي ادا رشيد مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت سائين نئين سافٽوئير شيئر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني۔
جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت واه ادا رشيد توهان تمام بهترين شئ اسان سان ونڊ ڪئي آهي