يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي ڪمپيوٽر ۾ جڏهن هڪ ئي وقت ڪافي ساريون يوايس بي ڊوائيسز لڳل هجن ته انهن کي محفوظ طريقي سان بند ڪرڻ يا ڪڍڻ لاءِ ان وقت الجهن ٿيندي آهي جڏهن سسٽم ٽري ۾ موجود ونڊوز جي ڊيفالٽ ڊائوائيس مينيجر تي ڪلڪ ڪندا آهيون ته تقريبن ساڳين ئي نالن تي مشتمل لسٽ کُلي ويندي آهي جنهن مان پنهنجي مطلب جي ڊوائيس کي جانچڻ ڏکيو لڳندو آهي۔۔۔

    [​IMG]

    ان جي بجاءِ جيڪڏهن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل مينو هجي ته ان ذريعي پنهنجي ڊوائيس کي جانچڻ ڪيترو نه آسان هوندو۔۔۔

    [​IMG]

    هي آهي USB device manager نالي هڪ ننڍڙو ٽول۔۔۔ جنهن جي ڊيولپرس جو چوڻ آهي ته هن جو نئون ورجن 7۔4 هر عام ۽ خاص لاءِ 12 آگسٽ تائين مفت وڪرو ڪجي ٿو۔۔۔
    هن پروگرام ذريعي توهان ڪافي ساريون اضافي سهولتون پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ جهڙوڪ:
    توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود اهڙيون ڊيوائسز جنهن کي غلطي سان بند ڪرڻ جي صورت ۾ ڪمپيوٽر پڻ بند ٿي وڃي کي مينون منجهان لڪائي سگهو ٿا۔۔۔

    [​IMG]

    ڊيوائيس کي بغير ڪڍڻ جي اسٽاپ ۽ اسٽارٽ ڪري سگهو ٿا۔۔ يا وري ڪي اهڙيون به ڊيواسز هونديون آهن جهڙوڪ فليش ڊرائيو جنهن مان فائيل کي ڪاپي ڪندي يا کولڻ جي صورت ۾ ڊيفالٽ مينون منجهان بند ڪرڻ ڏکيو هجي ۔۔۔ هن ٽول ذريعي آساني سان اسٽاپ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔

    [​IMG]

    چاهيو ته مائوس جي استعمال کانسواءِ ئي هاٽ ڪيز استعمال ڪندي ٽول کي آپريٽ ڪريو۔۔

    [​IMG]

    ڪارڊ ريڊر بجاءِ ميموري ڪارڊ کي ايجيڪٽ ڪرڻ۔۔

    [​IMG][/CENTER

    خالي ميموري ڪارڊ ڊرائيو کي ظاهر ڪرڻ بجاءِ لڪائڻ ۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    چاهيو ته اسٽاپ ٿيل ڊيوائس کي ڪمپيوٽر مان ڪڍڻ بجاءِ ئي ٻيهر اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔

    [​IMG]

    ايتري قدر جو ڪنهن به ڊرائيوجو پاور آف پڻ ڪري سگهو ٿا۔۔۔

    [​IMG]

    هن بهترين ٽول کي مفت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪري آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو ۽ پنهنجو نالو ۽ اي ميل لکي لائيسنس گهرڻ واري بٽڻ کي دٻايو ۔۔ ۔ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ توهان جي اي ميل ايڊريس تي لائسنس واري اي ميل موڪلي ويندي۔۔۔ جڏهن ته سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔

    نوٽ: هن بهترين ٽول کي فعال ڪرڻ کان پوءِ اپگريڊ يا ڊائونگريڊ ڪرڻ جي صورت ۾ مفت واري سهولت ختم ٿي ويندي۔۔ جيڪڏهن توهان کي في الحال ان سافٽويئر جي ضرورت نه به هجي ته هن کي پنهنجي پي سي ۾ بيڪ اپ طور پڻ رکي سگهو ٿا ۔۔ جنهن ڪڏهن به پنهنجي اي ميل ۾ آيل ڪي جي ذريعي فعال بڻائي سگهو ٿا۔۔۔
    هي سافٽويئر توهان کي ڪيئن لڳو ۔۔۔ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔ ۔​
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

    تصويرون ظاهر ڪون ٿيون ٿين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته مون وٽ ميموري ڪارڊ آهي جنهن ۾ وائرس اهڙوڪنو آيو آهي جو ڊليٽ ئي ڪون ٿو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔ 2جي بي جو ڪارڊ آهي ته 4 جي بي شو ٿو ڪري هر طرح سان فارمٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم نٿو ٿئي ان جو ڪو حل ٻڌايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

    تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا

    وري اهو به مفت وارو ته اصل واه واه

    هاڻي ئي ٿو ڪيانس ڊائونلوڊ

    سدائين گڏ
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

    تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

    تمام سٺو سافٽوير آهي ادا رشيد
    مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

    سائين نئين سافٽوئير شيئر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني۔
     
  7. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: يو ايس بي ڊيوائيس مينيجر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 12 آگسٽ تائين مفت

    واه ادا رشيد توهان تمام بهترين شئ اسان سان ونڊ ڪئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو