نثارابڙو
نائب منتظم
ڪامياب شادي جو راز
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ شادي شده جوڙي پنهنجي 25 سالا شادي مبارڪ جو ڏينهن ٿي ملهايو ...
ان جوڙي لئه اها ڳالهه عام هئي ته سندن 25 سالن ۾ هڪ به جهيڙو نه ٿيو آهي ... اخبار وارن کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته سڀ ان مرد کي وري ويا ۽ سوال ڪيائون ته آخر اهڙو ڪهڙو راز آهي جو سندن شادي شده زندگيءَ ۾ هڪڙو به جهيڙو ناهي ٿيو ...
ان مرد پنهنجي شاديءَ جا شروعاتي ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو ته شاديءَ جي هني مون جا ڏينهن هيا آءُ ۽ مونواري پياري زال ڪلفٽن جي سمنڊ جي ڪناري گهوڙي تي سواري ٿي ڪئي ...
مون وارو گهوڙو سٺو ۽ ماٺيڻو هو، پر مون واري زال جو گھوڙو ڏنگو ۽ شرارتي هو، سو وٺي تيز ڀڳو ۽ ٽپا ڏئي مون واري زال کي ڪيرائي وڌو ... مون واري زال اٿي ڪپڙا ڇنڊيا، گهوڙي سان مخاطب ٿيندي چيائين ته ٺيڪ آهي هي تنهنجي پهريون دفعو آهي ... وري گهوڙي تي چڙهي ويٺي ... ٿوري دير کانپوءِ گهوڙي وري ساڳيو ڪم ڪيو ۽ مون واري زال وري گهوڙي تان ڪري پئي ... ساڳئي طرح هو اٿي گهوڙي کي مخاطب ٿي ته هي تنهنجو ٻيو دفعو آهي ... وري گهوڙي تي چڙهي ويٺي ... گهوڙو ڇو ٿو مڙي سو وري وٺي ٽپا ڏنائين ۽ مون واري زال اچي پٽ پئي ... مون واري زال اٿي ڪپڙي ڇنڊيا ... پرس مان پستول ڪڍيو ۽ گهوڙي کي شوٽ ڪري ڇڏيو ...
مون اهو ڏسي پنهنجي زال کي دڙڪو ڏيندي چيو ته ” چري تو اهو ڇا ڪيو، تو هڪ بيزبان مسڪين جانور کي ماري وڌو“
مون واري زال مونکي خاموشيءَ سان ڏسندي چيو ته هي تنهنجو پهريون دفعو آهي ...
بس پوءِ اڄ تائين اسان ۾ ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو ۽ زندگي مزي ۾ گذري رهي آهي ...