ڪامياب شادي جو راز

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪامياب شادي جو راز

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ شادي شده جوڙي پنهنجي 25 سالا شادي مبارڪ جو ڏينهن ٿي ملهايو ...

    ان جوڙي لئه اها ڳالهه عام هئي ته سندن 25 سالن ۾ هڪ به جهيڙو نه ٿيو آهي ... اخبار وارن کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته سڀ ان مرد کي وري ويا ۽ سوال ڪيائون ته آخر اهڙو ڪهڙو راز آهي جو سندن شادي شده زندگيءَ ۾ هڪڙو به جهيڙو ناهي ٿيو ...
    ان مرد پنهنجي شاديءَ جا شروعاتي ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو ته شاديءَ جي هني مون جا ڏينهن هيا آءُ ۽ مونواري پياري زال ڪلفٽن جي سمنڊ جي ڪناري گهوڙي تي سواري ٿي ڪئي ...

    مون وارو گهوڙو سٺو ۽ ماٺيڻو هو، پر مون واري زال جو گھوڙو ڏنگو ۽ شرارتي هو، سو وٺي تيز ڀڳو ۽ ٽپا ڏئي مون واري زال کي ڪيرائي وڌو ... مون واري زال اٿي ڪپڙا ڇنڊيا، گهوڙي سان مخاطب ٿيندي چيائين ته ٺيڪ آهي هي تنهنجي پهريون دفعو آهي ... وري گهوڙي تي چڙهي ويٺي ... ٿوري دير کانپوءِ گهوڙي وري ساڳيو ڪم ڪيو ۽ مون واري زال وري گهوڙي تان ڪري پئي ... ساڳئي طرح هو اٿي گهوڙي کي مخاطب ٿي ته هي تنهنجو ٻيو دفعو آهي ... وري گهوڙي تي چڙهي ويٺي ... گهوڙو ڇو ٿو مڙي سو وري وٺي ٽپا ڏنائين ۽ مون واري زال اچي پٽ پئي ... مون واري زال اٿي ڪپڙي ڇنڊيا ... پرس مان پستول ڪڍيو ۽ گهوڙي کي شوٽ ڪري ڇڏيو ...

    مون اهو ڏسي پنهنجي زال کي دڙڪو ڏيندي چيو ته ” چري تو اهو ڇا ڪيو، تو هڪ بيزبان مسڪين جانور کي ماري وڌو“

    مون واري زال مونکي خاموشيءَ سان ڏسندي چيو ته هي تنهنجو پهريون دفعو آهي ...

    بس پوءِ اڄ تائين اسان ۾ ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو ۽ زندگي مزي ۾ گذري رهي آهي ...
     
  2. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    لاجواب سائين، ڪامياب شاديءَ جو هڪڙو راز اجهو هي به آهي:

    هڪڙو پوڙهو پنهنجي 50هين سالگره ملهائڻ جي تياري ڪري رهيو هيو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ کي زال مڙس جي جهڳڙن جو نبيرو ڪرڻ واري اداري هڪڙي سيمينبار ۾ گهرايو ته جيئن هو ناڪام مڙسن کي ليڪچر ڏئي، انهن جي شادي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري سگهي. ليڪچر کان پوءِ پوڙهي کان ڪنهن سندس ڪامياب شاديءَ جو راز معلوم لاءِ سوال ڪيو ته پوڙهو چوڻ لڳو: ”مون پنهنجي زال کان سٺو سلوڪ ڪيو، مون انهيءَ تي پيسو خرچ ڪيو، پر سڀني کان سٺو ڪم مون هي ڪيو جو هُن جي ويهين سالگرهه تي آئون هُن کي اباڻي گهر وٺي ويس.“
    سوال ڪرڻ واري چيو: ”سائين توهان ته اسان لاءِ هڪڙو مثال آهيو. هاڻي اهو ٻڌايو ته پنهنجي پنجاهين سالگره تي پنهنجي زال لاءِ ڇا ٿا ڪريو؟“
    پوڙهي چيو: ”آئون هُن کي اباڻي گهران واپس وٺڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين شئيرنگ آهي
    ويل ڊن
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabashshabashshabashshabashshabash


    shal judy hujeenshal judy hujeenshal judy hujeenshal judy hujeenshal judy hujeen
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    هڪ ڪتاب ۾ مون پڙهيو هو ته ٻوڙو مڙس ۽ انڌي زال هميشه خوش رهندا آهن ......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو