• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اٽو کٽو آ روزا ڪيئن رکون؟

نثارابڙو

نائب منتظم
اٽو کٽو آ روزا ڪيئن رکون؟

ان ڏينهن سنڌ ٽي وي آن لائين ڏسي رهيو هيس، جيئن ته اسانجي سنڌ سرڪار اعلان ڪيو آهي ته رمضان جي مهيني ۾ سستو اٽو مهيا ڪيو ويندو ... سنڌ ٽي ويءَ وارا تفصيل ٻڌائي رهيا هئا ته اٽو کوڙ جڳهن تي اصل ملي ئي نٿو ...

هڪ همراه کان ٽي ويءَ وارن پڇيو ته سائين اٽي جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيو ته همراه منهن مٿو پٽيندي چيو ته اسان سان ظلم آهي اٽو ملي ئي نٿو ... انڪري اسان روزا به نٿا رکي سگهون ...

منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته ڪجه ماڻهون پهاڪي طور چوندا آهن ته اسانجو اٽو کٽو آهي ڇا؟ جو روزا رکون ... !!!

دوستو جي آءَ انٽريو وٺندڙ هجان ها ته اهو سوال ضرور ڪيان ها ته ڇا ... چانورن سان روزا رکڻ شريعت جي خلاف آهي !!!!
 
Back
Top