• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رضوان گل جو غزل

رضوان گل۔

سينيئر رڪن
رضوان گل


غزل

زمانو اسان سان ٺهيو ئي نه آ
جو سڪن تي سودو ڪيو ئي نه آ

حياتي هزارين ڏنيون تلخيون
نه آ درد ڪو جو سهيو ئي نه آ

سچائي جون دعوائون ڇو ٿو ڪرين
جڏهن سچ کي تو ڇُهيو ئي نه آ

اسان جان جنهن تان نڇاور ڪئي
پتو تنهن کي ڪوئي پيو ئي نه آ

اهو ڪيئن پراون کي پنهنجو ڪندو
جو پنهنجو به ڪڏهين ٿيو ئي نه آ​



29ase9f.jpg
 
جواب: رضوان گل جو غزل

رضوان گل جا جوان جذبا ۽ انهن جو اظهار ۽ مٿان وري انهن سان گڏ رضوان گل جي جوانيءَ جي تصوير ۔۔۔( خئير ائين به ناهي ) رضوان گل اڃان سگهارو جوان آهي، اڳ کان اڳرو آهي ۽ سنڌ جو سهڻو نوجوان آهي ۔۔۔ جهڙو سهڻو پاڻ تهڙو سندس غزل ۔۔۔

اهو ڪيئن پراون کي پنهنجو ڪندو
جو پنهنجو به ڪڏهين ٿيو ئي نه آ

واه سائين واه ۔۔۔ حق سچ آهي
 
جواب: رضوان گل جو غزل

اسان جان جنهن تان نڇاور ڪئي
پتو تنهن کي ڪوئي پيو ئي نه آ

اهو ڪيئن پراون کي پنهنجو ڪندو
جو پنهنجو به ڪڏهين ٿيو ئي نه آ


ادا رضوان جو خوبصورت غزل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي پيش ڪرڻ جو لاجواب طريقو۔۔۔۔۔ گهرا خيال ۔۔۔۔۔۔

اسان سڀني جي دل جي ترجماني آهي سندس هن غزل ۾۔
 
جواب: رضوان گل جو غزل

اسان جان جنهن تان نڇاور ڪئي
پتو تنهن کي ڪوئي پيو ئي نه آ


رضوان گل جون خوبصورت غزل يادن جي ترجماني ڪري ٿو۔۔۔۔۔۔۔

لاجواب بهترين
 
جواب: رضوان گل جو غزل

منهنجا پيارا سائين نثار ابڙو، پيارا آصف جھتيال، پيارا عاشق سولنگي، پيارا محمد سليمان وساڻ ۽ ڀاءُ عرس
ايڏي پيار ۽ پنهنجائپ لاءِ وڏا قربَ​
 
Back
Top