ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي تقسيم ۽ ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف مشعل بردار ريلي ڪڍي ويئي.​

    [JUSTIFY]رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام. تصويرون نثاراحمدناز: اڄ رات جو 8 وڳين ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي تقسيم ۽ ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف مشعل بردار ريلي ڪڍي ويئي ، جنهن جي سرواڻي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي ڪري رهي هُئي، هن ريلي ۾ ٽنڊو محمد خان شهر ضلع ۽ ڀرپاسي جي سوين عورتن کان سواءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي هزارين ڪارڪنن، عام سنڌي ماڻهن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي نارين جي هٿ ۾ وڏيون وڏيون ٻرندڙ مشعالون ۽ ڪارڪنن جي هٿ ۾ سندن پارٽي جا جهنڊا هُئا، ڪارڪن ۽ ناري تحريڪ جو ناريون احتجاجي نعرا هڻي رهيون هيون، ڪارڪن انهن نارين جي نعرن جا جواب ڀرپور نموني ڏيئي رهيا هُئا، هو پنهنجي هن احتجاج کي رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب پهتا، سنڌي ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان کان پريس ڪلب جو رستو تقريبن 10 منٽن جو رستو آهي اهو ڏهه منٽن جو رستو سنڌي عوام جي گهڻائي سبب تقريبن هڪ ڪلاڪ ۾ پورو ڪيائون. پريس ڪلب تي اها احتجاجي ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي. جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته موجوده حڪومت جيڪا سنڌي عوام جي ووٽن تي چونڊجي آئي آهي سا سنڌي قوم سان مسلسل ويساهه گهاتيون ڪري رهي آهي، ڌرتي جي دشمنن سان ٺاه ڪري سنڌي قوم جو مستقبل اونداهو ڪري رهي آهي ، جيڪا سڌئي سنئي سنڌي قوم سان غداري جي مترادف آهي. سندن اليڪشن جي منشور ۾ هو ته جڏهن هو اقتدار ۾ ايندا ته مشرف جي ڪاري قانون جو خاتمو آڻيندا، ۽ سنڌي عوام جي ديرينه مطالبي جي پاسداري ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي کي 2001 کان پهرين واري پوزيشن ۾ آڻيندا ليڪن بجاءِ هنن ائين ڪرڻ جي هنن نائين زيرو جي غلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن جي آڏو گوڏا کوڙڻ شروع ڪيا بجاءِ سنڌي قوم جي ديرانه مطالبي کي پوري ڪرڻ جي ايم ڪيو ايم جي منشور کي اڳيان وڌائيندي سنڌ ٽوڙڻ جي مڪروهه سازشن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا، ايم ڪيو ايم راضي هُئي ته مشرف جي قانون موجوده حڪومت جي اکين جو تارو هو، 15 ويهه ڏينهن پهرين ڏيتي ليتي ۾ ٺاهه نه هُئڻ ڪري ايم ڪيو ايم ناراض ٿي ته هنن کي سنڌي قوم ياد آئي رات وچ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي 2001 کان اڳ واري پوزيشن آندو ويو رات وچ ۾ وقتي گورنر نثار کوڙي آرڊيننس پاس ڪيا ته مشرف وارو بلدياتي نظام کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي سنڌي عوام جو پراڻو مطالبو ڪمشنري نظام کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي مان اڪثيريت راءِ سان ڪمشنري نظام کي بحال ڪري موجوده حڪومت وارن وڏيون هنبوڇيون هنيون سندن انهي عمل جو سنڌ عوام ڀرپور ساٿ ڏنو ، پندرهن ڏينهن کانپوءِ وري ايم ڪيو ايم ڏيتي ليتي تي راضي ٿي ته پنجاب جي نمائندي اعواڻ کي مرڪز پاران سنڌ جي مسقبل جي کيڏڻ جي فل اجازت ڏيئي سنڌ ورهائڻ ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعي کي 2001 ع کان پوءِ واري پوزيشن ۾ آندو ويو . سنڌ جي انهن ٻنهي شهري ضلعن مان ڪمشنري نظام ختم ۽ باقي سموري سنڌي ۾ ڪمشنري نظام کي رهڻ ڏنو ويو، ۽ اها پي پي وارن ۽ ايم ڪيو ايم وارن جي باقائده سنڌ ٽوڙڻ جي سازش هُئي. اهو ته شابس قوم پرست پارٽين ۽ سنڌي قوم کي هُجي جو بروقت انهن شديد احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چارئي طرفن کان غدار غدار جون صدائون بلند ٿيون ته همراهن وري سنڌي قوم تي اهو وار ڪيو ته ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ خوش ڪري سموري صوبي مان ڪمشنري نظام ختم ڪري وري مشرف وارو بلدياتي نظام مڪمل طور تي لاڳو ڪري ڇڏيو. ٻي معني ۾ هنن پنهنجي سنڌ اسيمبلي مان اڪثيريت راءِ سان ڪمشنري نظام جي حق واري پاس ڪيل قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون پنهنجي اسيمبلي جي تقدس کي پائمال ڪيو ۽ سنڌي قوم جي مليل ووٽن جي توهين ڪئي ۽ غداري جي مترادف ٿيا. جڏهن سنڌ ۾ ٽالپر آيا جيڪي بلوچ هُئا انهن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪيو، سنڌ ۾ سيد آيا جيڪي عرب هُئا انهن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪيو مگر ايم ڪيو ايم جي مهاجرن جن کي سنڌ ۾ رهندي 60 سالن کان مٿي جو وقت ٿي ويو آهي تڏهن به پاڻ کي سنڌي سڏائي نه سگهيا آهن اسان جو جهيڙو ڪنهن به اردو ڳالهائڻ واري يا پنجابي ڳالهائڻ واري سان ناهي پر سنڌ ۾ رهي ڪري جيڪو سنڌ ي نه سڏائي ان سان اسان جو جهيڙو آهي ۽ جهيڙو رهندو. جيڪڏهن ڪير اسان جي هن محبتي پيغام نه سمجهي سگهي ته هُن کي کلي موڪل آهي ته هو اسان جي سنڌ ڌرتي خالي ڪري هليو وڃي. هن مشعل بردار ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ناري تحريڪ جي ضلعي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته هر پارٽي هر انسان جا پنهنجا اصول هوندا آهن جيڪي بي اصولي ڪري سنڌ ڌرتي سان غداري ڪندا انهن کي سنڌي قوم سان گڏ اسان به بخش ڪرڻ وارا ڪونه آهيون، هن ريلي ۾ هڪڙي شارٽ نوٽيس تي پوري ضلعي جي عورتن جي ايڏي وڏي انگ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي غدارن جي هر گهٽي هر وستي هر واهڻ هر ڳوٺ هر شهر جي هر چوڪ تي سنڌي سرويچ پُٽن گڏجي نياڻيون بهه گهيرائو ڪري سگهن ٿيون، ۽ غدارن لاءِ هي پوري سنڌ ڌرتي ٽامون ڪري سگهن ٿيون، جيجل ڌرتي اسان جي سر جي سرتي آهي، اسان سنڌي نياڻيون پنهنجي سر تي ڪفن ٻڌي نڪتيون آهيون سنڌ لاءِ اسان جو سر ساهه صدقي آهي دشمنن جي اها ڀُل آهي ته هو سنڌ تي پنهنجا دشمني وارا فيصلا مڙهي سنڌي قوم کي بي وقوف بنائيندا، اها ڪٿي جي شرافت آهي ته اڪثريتي پارٽي اقليتي پارٽي جا فيصلا مڃي اهي به اهڙا فيصلا جيڪي ڌرتي ماءُ سنڌ ڌرتي جي وجود جي خلاف هُجن. اسان جو سنڌ جي غدارن سان ڪالهه به جهيڙو هو اڄ به جهيڙو آهي سڀاڻي به رهندوجيستائين سنڌين جي ووٽ تي چونڊجي آيل پي پي جا نمائندا پنهنجي غلطين جي سنڌي قوم کان معافي نه وٺندا تيستائين اسان پنهنجون ننڊون ڦٽائي سندن ننڊون اُجاڙي ڇڏينداسين. هن مشعل بردار ريلي کي سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه کان علاوه رضا خاصخيلي ترقي پسند پارٽي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر به خطاب ڪيو.
    رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز
    9 آگسٽ 2011
    ٽنڊو محمد خان[/JUSTIFY]
    پيش آهن انهي مشعل بردار ريلي جو تصويرون

    [​IMG]
    انهي مشعل بردار ريلي کي خطاب ڪندڙ ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي پرومو تصوير

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    هن مشعل بردار سنڌي نارين جي ريلي جي سرواڻي ناري تحريڪ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر محرما ثمينه خاصخيلي ڪري رهي آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



    جڏهن سنڌي نياڻين سر تي ڪفن ٻڌي هٿن ۾ مشعالون ۽ ڪلنشڪوف کڻي پنهنجي سنڌ ديس جي حفاظت جو قسم کائي سنڌ مٿان پنهنجو سر گهورڻ جو وچن ڪيو۔​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    تمام بهترين ڪوريج جي لاء نثار ناز جون مهربانيون
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    ادا نثار اوهان جي محنت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيئي سنڌ۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    لک لائق ادا عرس پريا جو توهان کي اسان جي هي ڪوريج بهترين لڳي ادا عرس جيڪا به کاٻي يا ساڄي ڌر جيجل سنڌ لا آواز اٿاريندي نثار ناز ته انهن جو ٻانهن ٻڌو غلام آهي۔

    .....................................

    ادا طاهر سنڌي سلام ته جيجل سنڌ جي انهن سرويچن کي آهي جيڪي ڌرتي جي عظمت کي اُجاگر ڪرڻ لا اڳيان آيا آهن باقي ڪوريج ڪرڻ وارو اهم ڪم نه صرف نثار ناز جو پر هر سرويچ سنڌي جو فرض آهي۔

    .....................................

    سڀني دوستن سان انهي ريلي جون وڌيڪ تصويرون شيئر ڪريان ٿو

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت جو جاکوڙي اديب محترم مشڪور ڦلڪارو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو محترم ڊاڪٽر احمد نوناري نمايان آهن۔

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر به شريڪ هو هن ريلي ۾

    [​IMG]
    ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي پنهنجو فرض نڀائي رهي آهي

    [​IMG]
    ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌي قوم کي صحيح صورتحال جي ڄاڻ ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطا سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه تقرير ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان جو ضلعي صدر محترم رضا خاصخيلي تقرير ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    قوم پرست پارٽي جو هڪ اڳواڻ خطاب ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    هڪ سنڌي نياڻي پنهنجي سوچن ۾ سندر سنڌ جي اجالي جا خواب کڻي هٿ ۾ ڪلشن کڻي سنڌ جي حفاظت کي يقيني بنائي رهي آهي۔

    [​IMG]
    سنڌي سرويچ پُٽ به شريڪ هُئا هن ريلي ۾

    [​IMG]
    جيئي سنڌ جو نعرو آهي سڀ کان پيارو جوت سان جوت جلندي رهي سنڌ امڙ جي سينڌ سائي ٿيندي رهي آمين​
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    آمين ثُم آمين۔
    بيشڪ بھترين ڪوريج۔۔۔۔۔توھان جي محنت۔۔۔۔کي سلام
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    سائين نثار جن بهترين ڪوريج کي سلام آهي هيتري محنت تي اوهان کي جس هجي جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون جاري رهيون ته انشآء الله سنڌي هڪ ڏينهن ضرور سرخرو ٿيندا۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    سائين نثار سلام ۔۔۔

    ٽنڊي محمد خان جي غيور عوام، سنڌ جي نياڻين، با شعور نوجوانن، ناري تحريڪ جي ڀينرن سميت اوهان سڀني کي سلام۔ سنڌ تي ٿيل تازن ڪيل پنهنجن جي حملن سچ ته سنڌ ۽ سنڌين کي لوڏي ڇڏيو آهي۔ سموري سنڌ راپا احتجاج آهي۔ لک شاباسون سنڌي ڀينرن کي جيڪي پنهنجي ڀائرن سان گڏ سنڌ جو آواز بڻجي اٿيون آهن۔ اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ سان گڏ هن احتجاج ۾ به شريڪ رهيا آهيو۔

    اميد ته هي نئين تحريڪ ڪو نئون رّخ ڏئي سنڌ جي جياپي جي تحريڪ ثابت ٿيندي۔۔۔۔۔ پر ياد رکو جيڪڏهن قومپرست اڳواڻن ۽ باشعور دوستن هي موقعو وڃايو ۽ سنڌين جي اميدن تي پورو نه لٿا ته سنڌ جي تباهي ۽ بربادي کي ڪوبه بچائي نه سگهندو۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

    سنڌ سلامت جي عاشق جون مهربانيون جو کين اسان جي هي غريباڻي محنت بهترين لڳي ادا سلام صرف جيجل ڌرتي سنڌ ڌرتي کي آهن اسان هر موڙ تي جيڪي سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهن پيا انهن سان گڏ آهيون ۔توهان جون همت افزايون ڌرتي جي دُلارن لا حوصلي جو پيغام آهن۔

    .....................................

    آمين سنڌي قوم پنهنجي سنڌ ڌرتي جي خوشحالي لا پاڻ پتوڙي پئي غاصبن ۽ ويڪو وڏيرن جي خلاف مورچه بند آهي انشاالله ادا ڪاميابي سنڌي قوم جي قدم چُمندي۔
    اسان اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون
    سُپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون
    غدارن لئه اسين ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون
    ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون جي مُرڪون ٿا سُڳندآهيون(نثارناز)​


    .....................................

    ادا سنڌي قوم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهي آهي انشاالله ڪاميابي سندن قدم چُمندي، اڃا ڪافي مرحلا آهن ڪافي مورچا آهن ، اسان کي گهرجي ته سنڌي پُٽن ۽ سنڌي نياڻين جي اگر اسين ليکڪ آهيون ته پنهنجي ليکن ذريعي پنهنجي مضمونن ذريعي ، اسين جيڪڏهن استاد آهيون ته پنهنجي علم ذريعي، اسان جيڪڏهن مزدور آهيون ته پنهنجي همت ذريعي پنهنجي قوم سنڌي قوم جي مسلسل ۽ بي لوث همت افزايون ڪريون ماٺ ڪري ويهي نه رهون، انشاالله اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن سنڌي قوم پنهنجو وڃايل تشخص وري حاصل ڪري وٺندي ۔
    پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
    هر گام همرچي سان سُوراج آجيان جو
    اعلان جلد ٿيندو ٻُڌندا خبر خُلاصي
    سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
    مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي(نثارناز)​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو