• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي تقسيم ۽ ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف مشعل بردار ريلي ڪڍي ويئي.​

رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام. تصويرون نثاراحمدناز: اڄ رات جو 8 وڳين ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي تقسيم ۽ ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف مشعل بردار ريلي ڪڍي ويئي ، جنهن جي سرواڻي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي ڪري رهي هُئي، هن ريلي ۾ ٽنڊو محمد خان شهر ضلع ۽ ڀرپاسي جي سوين عورتن کان سواءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي هزارين ڪارڪنن، عام سنڌي ماڻهن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي نارين جي هٿ ۾ وڏيون وڏيون ٻرندڙ مشعالون ۽ ڪارڪنن جي هٿ ۾ سندن پارٽي جا جهنڊا هُئا، ڪارڪن ۽ ناري تحريڪ جو ناريون احتجاجي نعرا هڻي رهيون هيون، ڪارڪن انهن نارين جي نعرن جا جواب ڀرپور نموني ڏيئي رهيا هُئا، هو پنهنجي هن احتجاج کي رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب پهتا، سنڌي ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان کان پريس ڪلب جو رستو تقريبن 10 منٽن جو رستو آهي اهو ڏهه منٽن جو رستو سنڌي عوام جي گهڻائي سبب تقريبن هڪ ڪلاڪ ۾ پورو ڪيائون. پريس ڪلب تي اها احتجاجي ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي. جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته موجوده حڪومت جيڪا سنڌي عوام جي ووٽن تي چونڊجي آئي آهي سا سنڌي قوم سان مسلسل ويساهه گهاتيون ڪري رهي آهي، ڌرتي جي دشمنن سان ٺاه ڪري سنڌي قوم جو مستقبل اونداهو ڪري رهي آهي ، جيڪا سڌئي سنئي سنڌي قوم سان غداري جي مترادف آهي. سندن اليڪشن جي منشور ۾ هو ته جڏهن هو اقتدار ۾ ايندا ته مشرف جي ڪاري قانون جو خاتمو آڻيندا، ۽ سنڌي عوام جي ديرينه مطالبي جي پاسداري ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي کي 2001 کان پهرين واري پوزيشن ۾ آڻيندا ليڪن بجاءِ هنن ائين ڪرڻ جي هنن نائين زيرو جي غلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن جي آڏو گوڏا کوڙڻ شروع ڪيا بجاءِ سنڌي قوم جي ديرانه مطالبي کي پوري ڪرڻ جي ايم ڪيو ايم جي منشور کي اڳيان وڌائيندي سنڌ ٽوڙڻ جي مڪروهه سازشن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا، ايم ڪيو ايم راضي هُئي ته مشرف جي قانون موجوده حڪومت جي اکين جو تارو هو، 15 ويهه ڏينهن پهرين ڏيتي ليتي ۾ ٺاهه نه هُئڻ ڪري ايم ڪيو ايم ناراض ٿي ته هنن کي سنڌي قوم ياد آئي رات وچ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي 2001 کان اڳ واري پوزيشن آندو ويو رات وچ ۾ وقتي گورنر نثار کوڙي آرڊيننس پاس ڪيا ته مشرف وارو بلدياتي نظام کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي سنڌي عوام جو پراڻو مطالبو ڪمشنري نظام کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي مان اڪثيريت راءِ سان ڪمشنري نظام کي بحال ڪري موجوده حڪومت وارن وڏيون هنبوڇيون هنيون سندن انهي عمل جو سنڌ عوام ڀرپور ساٿ ڏنو ، پندرهن ڏينهن کانپوءِ وري ايم ڪيو ايم ڏيتي ليتي تي راضي ٿي ته پنجاب جي نمائندي اعواڻ کي مرڪز پاران سنڌ جي مسقبل جي کيڏڻ جي فل اجازت ڏيئي سنڌ ورهائڻ ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعي کي 2001 ع کان پوءِ واري پوزيشن ۾ آندو ويو . سنڌ جي انهن ٻنهي شهري ضلعن مان ڪمشنري نظام ختم ۽ باقي سموري سنڌي ۾ ڪمشنري نظام کي رهڻ ڏنو ويو، ۽ اها پي پي وارن ۽ ايم ڪيو ايم وارن جي باقائده سنڌ ٽوڙڻ جي سازش هُئي. اهو ته شابس قوم پرست پارٽين ۽ سنڌي قوم کي هُجي جو بروقت انهن شديد احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چارئي طرفن کان غدار غدار جون صدائون بلند ٿيون ته همراهن وري سنڌي قوم تي اهو وار ڪيو ته ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ خوش ڪري سموري صوبي مان ڪمشنري نظام ختم ڪري وري مشرف وارو بلدياتي نظام مڪمل طور تي لاڳو ڪري ڇڏيو. ٻي معني ۾ هنن پنهنجي سنڌ اسيمبلي مان اڪثيريت راءِ سان ڪمشنري نظام جي حق واري پاس ڪيل قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون پنهنجي اسيمبلي جي تقدس کي پائمال ڪيو ۽ سنڌي قوم جي مليل ووٽن جي توهين ڪئي ۽ غداري جي مترادف ٿيا. جڏهن سنڌ ۾ ٽالپر آيا جيڪي بلوچ هُئا انهن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪيو، سنڌ ۾ سيد آيا جيڪي عرب هُئا انهن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪيو مگر ايم ڪيو ايم جي مهاجرن جن کي سنڌ ۾ رهندي 60 سالن کان مٿي جو وقت ٿي ويو آهي تڏهن به پاڻ کي سنڌي سڏائي نه سگهيا آهن اسان جو جهيڙو ڪنهن به اردو ڳالهائڻ واري يا پنجابي ڳالهائڻ واري سان ناهي پر سنڌ ۾ رهي ڪري جيڪو سنڌ ي نه سڏائي ان سان اسان جو جهيڙو آهي ۽ جهيڙو رهندو. جيڪڏهن ڪير اسان جي هن محبتي پيغام نه سمجهي سگهي ته هُن کي کلي موڪل آهي ته هو اسان جي سنڌ ڌرتي خالي ڪري هليو وڃي. هن مشعل بردار ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ناري تحريڪ جي ضلعي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته هر پارٽي هر انسان جا پنهنجا اصول هوندا آهن جيڪي بي اصولي ڪري سنڌ ڌرتي سان غداري ڪندا انهن کي سنڌي قوم سان گڏ اسان به بخش ڪرڻ وارا ڪونه آهيون، هن ريلي ۾ هڪڙي شارٽ نوٽيس تي پوري ضلعي جي عورتن جي ايڏي وڏي انگ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي غدارن جي هر گهٽي هر وستي هر واهڻ هر ڳوٺ هر شهر جي هر چوڪ تي سنڌي سرويچ پُٽن گڏجي نياڻيون بهه گهيرائو ڪري سگهن ٿيون، ۽ غدارن لاءِ هي پوري سنڌ ڌرتي ٽامون ڪري سگهن ٿيون، جيجل ڌرتي اسان جي سر جي سرتي آهي، اسان سنڌي نياڻيون پنهنجي سر تي ڪفن ٻڌي نڪتيون آهيون سنڌ لاءِ اسان جو سر ساهه صدقي آهي دشمنن جي اها ڀُل آهي ته هو سنڌ تي پنهنجا دشمني وارا فيصلا مڙهي سنڌي قوم کي بي وقوف بنائيندا، اها ڪٿي جي شرافت آهي ته اڪثريتي پارٽي اقليتي پارٽي جا فيصلا مڃي اهي به اهڙا فيصلا جيڪي ڌرتي ماءُ سنڌ ڌرتي جي وجود جي خلاف هُجن. اسان جو سنڌ جي غدارن سان ڪالهه به جهيڙو هو اڄ به جهيڙو آهي سڀاڻي به رهندوجيستائين سنڌين جي ووٽ تي چونڊجي آيل پي پي جا نمائندا پنهنجي غلطين جي سنڌي قوم کان معافي نه وٺندا تيستائين اسان پنهنجون ننڊون ڦٽائي سندن ننڊون اُجاڙي ڇڏينداسين. هن مشعل بردار ريلي کي سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه کان علاوه رضا خاصخيلي ترقي پسند پارٽي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر به خطاب ڪيو.
رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز
9 آگسٽ 2011
ٽنڊو محمد خان​
پيش آهن انهي مشعل بردار ريلي جو تصويرون

284723_10150287652893216_794048215_7745137_2493695_n.jpg

انهي مشعل بردار ريلي کي خطاب ڪندڙ ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي پرومو تصوير

281460_10150287628458216_794048215_7744937_3406152_n.jpg


285177_10150287631328216_794048215_7744974_462533_n.jpg


285407_10150287634263216_794048215_7745017_3890129_n.jpg


267364_10150287641308216_794048215_7745042_7660672_n.jpg


هن مشعل بردار سنڌي نارين جي ريلي جي سرواڻي ناري تحريڪ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر محرما ثمينه خاصخيلي ڪري رهي آهي

281675_10150287630973216_794048215_7744969_5824834_n.jpg


283256_10150287632143216_794048215_7744992_5891688_n.jpg


216785_10150287635028216_794048215_7745021_3902339_n.jpg


185223_10150287640403216_794048215_7745037_6537561_n.jpg


281562_10150287640683216_794048215_7745038_3690913_n.jpg




جڏهن سنڌي نياڻين سر تي ڪفن ٻڌي هٿن ۾ مشعالون ۽ ڪلنشڪوف کڻي پنهنجي سنڌ ديس جي حفاظت جو قسم کائي سنڌ مٿان پنهنجو سر گهورڻ جو وچن ڪيو۔​
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

تمام بهترين ڪوريج جي لاء نثار ناز جون مهربانيون
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

ادا نثار اوهان جي محنت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيئي سنڌ۔
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

تمام بهترين ڪوريج جي لاء نثار ناز جون مهربانيون
لک لائق ادا عرس پريا جو توهان کي اسان جي هي ڪوريج بهترين لڳي ادا عرس جيڪا به کاٻي يا ساڄي ڌر جيجل سنڌ لا آواز اٿاريندي نثار ناز ته انهن جو ٻانهن ٻڌو غلام آهي۔

.....................................

ادا نثار اوهان جي محنت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيئي سنڌ۔
ادا طاهر سنڌي سلام ته جيجل سنڌ جي انهن سرويچن کي آهي جيڪي ڌرتي جي عظمت کي اُجاگر ڪرڻ لا اڳيان آيا آهن باقي ڪوريج ڪرڻ وارو اهم ڪم نه صرف نثار ناز جو پر هر سرويچ سنڌي جو فرض آهي۔

.....................................

سڀني دوستن سان انهي ريلي جون وڌيڪ تصويرون شيئر ڪريان ٿو

205964_10150287632683216_794048215_7744999_1228014_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت جو جاکوڙي اديب محترم مشڪور ڦلڪارو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو محترم ڊاڪٽر احمد نوناري نمايان آهن۔

198676_10150287629778216_794048215_7744954_6371675_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر به شريڪ هو هن ريلي ۾

285504_10150287647343216_794048215_7745083_5010805_n.jpg

ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي پنهنجو فرض نڀائي رهي آهي

284406_10150287650223216_794048215_7745105_2171036_n.jpg

ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌي قوم کي صحيح صورتحال جي ڄاڻ ڏيئي رهيو آهي

282526_10150287644758216_794048215_7745066_6182353_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطا سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه تقرير ڪري رهيو آهي

281370_10150287648573216_794048215_7745090_5122306_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان جو ضلعي صدر محترم رضا خاصخيلي تقرير ڪري رهيو آهي

251572_10150287645508216_794048215_7745070_1829750_n.jpg

قوم پرست پارٽي جو هڪ اڳواڻ خطاب ڪري رهيو آهي

223716_10150287651308216_794048215_7745116_434158_n.jpg

هڪ سنڌي نياڻي پنهنجي سوچن ۾ سندر سنڌ جي اجالي جا خواب کڻي هٿ ۾ ڪلشن کڻي سنڌ جي حفاظت کي يقيني بنائي رهي آهي۔

229648_10150287634583216_794048215_7745018_5203640_n.jpg

سنڌي سرويچ پُٽ به شريڪ هُئا هن ريلي ۾

262421_10150287641978216_794048215_7745045_7324755_n.jpg

جيئي سنڌ جو نعرو آهي سڀ کان پيارو جوت سان جوت جلندي رهي سنڌ امڙ جي سينڌ سائي ٿيندي رهي آمين​
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

جيئي سنڌ جو نعرو آهي سڀ کان پيارو جوت سان جوت جلندي رهي سنڌ امڙ جي سينڌ سائي ٿيندي رهي آمين

آمين ثُم آمين۔
بيشڪ بھترين ڪوريج۔۔۔۔۔توھان جي محنت۔۔۔۔کي سلام
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

سائين نثار جن بهترين ڪوريج کي سلام آهي هيتري محنت تي اوهان کي جس هجي جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون جاري رهيون ته انشآء الله سنڌي هڪ ڏينهن ضرور سرخرو ٿيندا۔
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

سائين نثار سلام ۔۔۔

ٽنڊي محمد خان جي غيور عوام، سنڌ جي نياڻين، با شعور نوجوانن، ناري تحريڪ جي ڀينرن سميت اوهان سڀني کي سلام۔ سنڌ تي ٿيل تازن ڪيل پنهنجن جي حملن سچ ته سنڌ ۽ سنڌين کي لوڏي ڇڏيو آهي۔ سموري سنڌ راپا احتجاج آهي۔ لک شاباسون سنڌي ڀينرن کي جيڪي پنهنجي ڀائرن سان گڏ سنڌ جو آواز بڻجي اٿيون آهن۔ اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ سان گڏ هن احتجاج ۾ به شريڪ رهيا آهيو۔

اميد ته هي نئين تحريڪ ڪو نئون رّخ ڏئي سنڌ جي جياپي جي تحريڪ ثابت ٿيندي۔۔۔۔۔ پر ياد رکو جيڪڏهن قومپرست اڳواڻن ۽ باشعور دوستن هي موقعو وڃايو ۽ سنڌين جي اميدن تي پورو نه لٿا ته سنڌ جي تباهي ۽ بربادي کي ڪوبه بچائي نه سگهندو۔
 
جواب: ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران مشعل بردار ريلي

آمين ثُم آمين۔
بيشڪ بھترين ڪوريج۔۔۔۔۔توھان جي محنت۔۔۔۔کي سلام

سنڌ سلامت جي عاشق جون مهربانيون جو کين اسان جي هي غريباڻي محنت بهترين لڳي ادا سلام صرف جيجل ڌرتي سنڌ ڌرتي کي آهن اسان هر موڙ تي جيڪي سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهن پيا انهن سان گڏ آهيون ۔توهان جون همت افزايون ڌرتي جي دُلارن لا حوصلي جو پيغام آهن۔

.....................................

سائين نثار جن بهترين ڪوريج کي سلام آهي هيتري محنت تي اوهان کي جس هجي جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون جاري رهيون ته انشآء الله سنڌي هڪ ڏينهن ضرور سرخرو ٿيندا۔

آمين سنڌي قوم پنهنجي سنڌ ڌرتي جي خوشحالي لا پاڻ پتوڙي پئي غاصبن ۽ ويڪو وڏيرن جي خلاف مورچه بند آهي انشاالله ادا ڪاميابي سنڌي قوم جي قدم چُمندي۔
اسان اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون
سُپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون
غدارن لئه اسين ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون
ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون جي مُرڪون ٿا سُڳندآهيون(نثارناز)​


.....................................

سائين نثار سلام ۔۔۔

ٽنڊي محمد خان جي غيور عوام، سنڌ جي نياڻين، با شعور نوجوانن، ناري تحريڪ جي ڀينرن سميت اوهان سڀني کي سلام۔ سنڌ تي ٿيل تازن ڪيل پنهنجن جي حملن سچ ته سنڌ ۽ سنڌين کي لوڏي ڇڏيو آهي۔ سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي۔ لک شاباسون سنڌي ڀينرن کي جيڪي پنهنجي ڀائرن سان گڏ سنڌ جو آواز بڻجي اٿيون آهن۔ اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ سان گڏ هن احتجاج ۾ به شريڪ رهيا آهيو۔

اميد ته هي نئين تحريڪ ڪو نئون رّخ ڏئي سنڌ جي جياپي جي تحريڪ ثابت ٿيندي۔۔۔۔۔ پر ياد رکو جيڪڏهن قومپرست اڳواڻن ۽ باشعور دوستن هي موقعو وڃايو ۽ سنڌين جي اميدن تي پورو نه لٿا ته سنڌ جي تباهي ۽ بربادي کي ڪوبه بچائي نه سگهندو۔
ادا سنڌي قوم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهي آهي انشاالله ڪاميابي سندن قدم چُمندي، اڃا ڪافي مرحلا آهن ڪافي مورچا آهن ، اسان کي گهرجي ته سنڌي پُٽن ۽ سنڌي نياڻين جي اگر اسين ليکڪ آهيون ته پنهنجي ليکن ذريعي پنهنجي مضمونن ذريعي ، اسين جيڪڏهن استاد آهيون ته پنهنجي علم ذريعي، اسان جيڪڏهن مزدور آهيون ته پنهنجي همت ذريعي پنهنجي قوم سنڌي قوم جي مسلسل ۽ بي لوث همت افزايون ڪريون ماٺ ڪري ويهي نه رهون، انشاالله اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن سنڌي قوم پنهنجو وڃايل تشخص وري حاصل ڪري وٺندي ۔
پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
هر گام همرچي سان سُوراج آجيان جو
اعلان جلد ٿيندو ٻُڌندا خبر خُلاصي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي(نثارناز)​
 
Back
Top