ٽاپ 5 وٽامن جيڪي ڪينسر کان بچائن ٿا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
vzfo11.jpg


ٽاپ 5 وٽامن جيڪي ڪينسر کان بچائن ٿا

محمد سليمان وساڻ

ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچڻ لاء احتياطي تدبيرون ضروري آهن. اوهان پنهنجي روزمره جي کاڌ خوراڪ ۾ ۽ پنهنجي رهڻي ڪرڻي دوران ڪجهه اهڙي وٽامنس سان ڀرپور ڀاڄيون ۽ ميوا ضرور واپرايو جيڪي اوهان کي ڪينسر کان بچڻ ۾ فائدو ڏين. اوهان کي گهرجي ته صحتمند ۽ توانائي سان ڀرپور خوراڪ جو استعمال ضرور ڪيو. هيٺ اهي ٽاپ 5 وٽامنس ڏجن ٿا جيڪي ڪينسر کان بچڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن :

بيٽا ڪيروٽين :

بيٽا ڪيروٽين وٽامن اَي Vitamin - A جو هڪ اهم جز آهي جيڪو گهڻو ڪري نارنگي ۽ سائي رنگ وارن ميون ۽ ڀاڄين ۾ جهجهي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. جهڙوڪ گجرون، چقندر، پالڪ ۽ ٻيون پنن واريون ڀاڄيون. تحقيق مان پتو پيو آهي ته بيٽا ڪيروٽين ڦڦڙن جي ڪينسر کان بچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سگريٽ نوشي جي عادي ماڻهن جي سايون ڀاڄيون استعمال ڪرڻ سبب معدي ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر کان بچائي ٿو.

وٽامن بي 6 :

وٽامن بي 6 جسماني قوت مدافعت کي ڪنٽروڪل ۾ رکي صحتمند زندگيء جو سبب بڻجي ٿو. انکانسواء ساهه کڻڻ واري سرشتي کي بهتر بڻائي ٿو. وٽامن بي 6 گهڻو ڪري گجرن، صوفن، ڪيلن ۽ سائن ڀاڄين ۾ ملي ٿو.

وٽامن سِي :

تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته وٽامن سي ڪينسر خلاف بچاء جو هڪ اهم ذريعو آهي. خاص ڪري عورتن ۾ ٿيندڙ ڇاتي جي ڪينسر کان بچاء لاء وٽامن سي جو استعمال ضروري آهي. تحقيق ڪندڙن اهو ثابت ڪيو آهي ته وٽامن سي جي استعمال ڪندڙ عورتن ۾ عورتاڻي ڪينسر ٿيڻ جا بلڪل گهٽ خدشا هوندا آهن.

وٽامن سي گهڻو ڪري ترش ميون ، تازم ڀاڄين ۽ ميون مان ملندو آهي جيئن، نارنگي، موسمي، گريپ فروٽ، مالٽو، انب ۽ مٽر وغيرهه.

فولڪ ايسڊ :

فولڪ ايسڊ يا وٽامن بِي 12 ۽ بي 9 عورتاڻي ڪينسر کان بچاء جو هڪ اهم ذريعو آهي. فولڪ ايسڊ چقندر، گوگڙو، گوبي ۽ پنن وارين ڀاڄين، انڊن، ترش ميون ۽ مڇيء جي ڪيترن ئي قسمن مان ملندو آهي.

وٽامن اِي :

وٽامن اِي هڪ طاقتور اينٽي آّڪسيدنٽ آهي جيڪو اوزون ۽ ماحولياتي گدلاڻ سبب پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ جسماني ڀڃ ڊاهه سبب ٿيندڙ ڪينسر کان بچائي ٿو. گهڻو ڪري انڊن، جيرن، انبن، ٽماٽر، ويجيٽيبل آئل ۽ سائن ڀاڄين ۾ موجود هوندو آهي.

2labzbs.jpg

 
جواب: ٽاپ 5 وٽامن جيڪي ڪينسر کان بچائن ٿا

ادا سليمان توهان جي مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
تمام سٺي شيئرنگ ڪئي آهي
 
جواب: ٽاپ 5 وٽامن جيڪي ڪينسر کان بچائن ٿا

ٽاپ 5 وٽامن جي باري ۾ انتھائي ڪارائتو ليک اوھان لکيو آھي۔۔۔۔تمام بھترين
 
جواب: ٽاپ 5 وٽامن جيڪي ڪينسر کان بچائن ٿا

ٽاپ 5 وٽامن جي باري ۾ انتھائي ڪارائتو ليک اوھان لکيو آھي۔۔۔۔تمام بھترين

مهرباني ادا عاشق سولنگي

اوهان کي ليک پسند آيو ۽ اوهان هميشه حوصلا افزائي ڪندا رهو ٿا۔
 
Back
Top