مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
مان برسات جي هر قطري
ڏانهن هزارين اميدون
کڻي هٿ تي رکڻ چاهيو
ته شايد خدا منهنجي
نصيبن جون ڪجھ
خوشيون هنن ۾ رکيون هجن
پر منهنجي ته بد نصيبي
اتي ئي ظاهر ٿي
جو ڪو به قطرو
منهنجي تري تي
نه رهيو ۽ منهنجا
هٿ خالي هئا
خالي ئي رهجي ويا
شاعري ؛ سنڌي نور