خيرپور جي ڊي سي او محمد عباس بلوچ، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري لعل بخش منگي 14 رمضان المبارڪ کان شروع ٿيندڙ حضرت سچل سرمست رح جي 190 هين عرس مبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت، ڊي سي او ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري ثقافت کاتي پاران نئون تعمير ٿيل سچل ڪامپليڪس، تعمير ٿيندڙ سچل گيسٽ هائوس، محفلِ سماع هال ۽ درگاهه جي ٻين مختلف حصن جي مرمتي توڙي نئين تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته سچل سرمست جو 190 هين عرس مبارڪ ثقافت کاتو ۽ سچل سرمست ياگار ڪاميٽي جي گڏيل تعاون سان ملهايو ويندو جنهن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيو وينديون جنهن ۾ محفل سماع، سگهڙ ڪانفرنس ، ملاکڙو، نمائش، سچل جو ڪلام، ادبي ڪانفرنس، سچل سيمينار ۽ سچل مشاعرو شامل آهي. روزاني عوامي آواز
جواب: ثقافت کاتي جو سيڪريٽري حضرت سچل سرمت جي درگاهه تي پهتو، عرس جي انتظامن جو جائزو ادا سٺي ونڊ آهي ۔