• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملهار چانڊيو جي شاعري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
5ff4vn.jpg

ملهار چانڊيو جو تعلق لاڙڪاني سان آهي۔ نوجوان شاعر جنهن پنهنجي غزلن ۽ واين سبب پاڻ مڃايو آهي۔ فيسبوڪ جي سرگرم دوستن مان هڪ ۽ سڌ جو اونو رکندڙ ملهار چانڊيو جي چونڊ شاعري پيش آهي۔

غزل

بيخودي ، بيخودي
پيار جي مئڪشي

موت جهڙِي لڳي
تو سوا زندگي

آهي دل جي پڪي
درد سان دوستي

خوف ۾ مبتلا
آدمي آدمي

لڙڪ ملهار جا
ٿي پيا شاعري

267878_2221244848850_1179567033_32781106_5087605_n.jpg




284629_202844073105213_100001388651880_568284_1124595_n.jpg


263373_202020129854274_100001388651880_565619_128581_n.jpg


زندگي ڀر ،چپ رهيس
اي ستمگر! چپ رهيس

ٺوڪرون وک وک مليون
بڻجي پٿر، چپ رهيس

آهي قاتل سوچ ۾
زير خنجر، چپ رهيس

هو متل طوفان ڪو
منهنجي اندر ،چپ رهيس

ڪنهن سڏيو هن ڀر ملهار
آنءُ هن ڀر،چپ رهيس

254693_201281123261508_100001388651880_562440_510288_n.jpg


284219_199443116778642_100001388651880_557878_7136253_n.jpg


264369_187488554640765_100001388651880_520910_6202356_n.jpg


261387_186064994783121_100001388651880_516931_5099329_n.jpg


وائي

ڏسندي پنهنجو پاڻ
شيشي ۾ گم ٿي وئي !

ڇوريءَ سان گڏ ٿي ويا
جذبا جوان جماڻ
شيشي ۾ گم ٿي وئي !

دل ڌڙڪائي ٿي ڇڏي
ڇاتين جي ڇڪتاڻ
شيشي ۾ گم ٿي وئي !

ڪيڏا رنگ کڻي لٿي
جوڀن جي رت هاڻ
شيشي ۾ گم ٿي وئي !

267735_183377801718507_100001388651880_506847_4235444_n.jpg
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

وائي

تو جو آڇيو پيار
مرڪي پئي زندگي!

جهونڪي سان ٻکجي وئي
گل گل جي هٻڪار
مرڪي پئي زندگي!

سپنن جا موتي کڻي
پويا نيڻن هار
مرڪي پئي زندگي!

پياسي ڌرتي جي مٿان
برسيو ميگه ملهار
مرڪي پئي زندگي!

252908_178623512193936_100001388651880_482570_5998515_n.jpg


غزل

اوهان جو ڪرم آ
مليو غم ئي غم آ

خيالن ڏنا پر
گگن تي قدم آ

لکون لفظ ڳوڙها
اکين جو قلم آ

رهو اوپرا ٿا
وڏو هي ستم آ

نه ملهار لڇ پڇ
جي رکڻو ڀرم آ

251749_177350335654587_100001388651880_475432_2177801_n.jpg




249741_176886115701009_100001388651880_472612_7409112_n.jpg


253677_176856162370671_100001388651880_472317_6224553_n.jpg


248715_175639705825650_100001388651880_463852_25887_n.jpg


225811_173637339359220_100001388651880_451098_7918558_n.jpg


228202_173595339363420_100001388651880_450668_3887776_n.jpg
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

فيسبوڪ جي سنڌي شاعري ڪارنر گروپ ذريعي شاعرن کي پليٽ فارم مهيا ڪندڙ ۽ شاعرن جي هر فورم ۾ پيش پيش رهندڙ ملهار پنهنجي، غزل، وائي،گيت ۽ نظم کي لاجواب انداز ۾ پيش ڪيو آهي۔​

226297_172795876110033_100001388651880_446355_4223890_n.jpg


225622_172160386173582_100001388651880_442916_3734131_n.jpg


225765_171914132864874_100001388651880_441177_2514524_n.jpg


222931_169245383131749_100001388651880_424663_3256588_n.jpg


225450_169236616465959_100001388651880_424607_6189963_n.jpg


260173_179589972097290_100001388651880_487315_5051704_n.jpg
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

سائين ملھار جن واقعي ۾ سٺي شاعري لکندا آھن۔۔سائين جن جي لکڻ کي مان به تمام گھڻو پسند ڪندو آھيان۔۔۔اوھان سان جن جي شاعري کي سنڌسلامت تي سھيڙي تمام بھترين ڪم ڪيو آھي۔
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

سائين ملھار جن واقعي ۾ سٺي شاعري لکندا آھن۔۔سائين جن جي لکڻ کي مان به تمام گھڻو پسند ڪندو آھيان۔۔۔اوھان سائين جن جي شاعري کي سنڌ سلامت تي سھيڙي تمام بھترين ڪم ڪيو آھي۔

مهرباني ادا عاشق

ملهار واقعي لاجواب شاعري ڪندو آهي۔ منهنجي ڪوشش هوندي ته سڀني دوستن جي شاعريء کي سنڌ سلامت تي پيش ڪريان۔ ان سلسلي جي شروعات رضا بخاريء جي شاعريء سان ڪري چڪو آهيان۔ اميد ته اوهان دوستن جو به ساٿ رهندو۔
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

سنڌ جي سهڻي شاعر، لاڙڪاڻي جي لاڏلي انسان جي دل موهيندڙ شاعريءَ کي سليمان وساڻ هڪ هنڌ گڏ ڪري سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪري وڏا وڙ ڪيا آهن ۔۔۔ واه واه ٿي وئي ۔۔۔ امن، پيار ۽ سونهن جي شاعر جي شاعري ۔۔۔ جيڪا مختصر ۽ سادن لفظن ۾ وڏا وڏا مقصد بيان ڪري ويندي آهي ۔۔۔

لک ٿورا ادا سليمان، شاندار ڪم ڪيو اٿوَ ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

سنڌ جي سهڻي شاعر، لاڙڪاڻي جي لاڏلي انسان جي دل موهيندڙ شاعريءَ کي سليمان وساڻ هڪ هنڌ گڏ ڪري سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪري وڏا وڙ ڪيا آهن ۔۔۔ واه واه ٿي وئي ۔۔۔ امن، پيار ۽ سونهن جي شاعر جي شاعري ۔۔۔ جيڪا مختصر ۽ سادن لفظن ۾ وڏا وڏا مقصد بيان ڪري ويندي آهي ۔۔۔

لک ٿورا ادا سليمان، شاندار ڪم ڪيو اٿوَ ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين نثار سلام ۔۔۔

جڏهن به ڪا شاعري ونڊ ڪندو آهيان ته اوهان ڏانهن ڌيان ضرور ويندو آهي ته ڪٿي هي شاعري اوهان جي تڙپ جو سبب ته نه بڻبي ؟ تنهنڪري گهڻو محتاط ٿي ويو آهيان۔

ملهار جا غزل ۽ وايون تمام سٺيون ۽ پنهنجي اندر جو آواز لڳنديون آهن۔ ملهار سٺو شاعر آهي۔ منهنجي ڪوشش آهي ته سڀني نوجوان شاعر جي شاعري کي سنڌ سلامت تي سهيڙي رکجي۔

مهرباني حوصلا افزائي ڪرڻ جي۔
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

سائين تمام بهترين شاعري تمام سٺا خيال،تشبيهون،
هو متل طوفان ڪو،
منهنجي اندر،چپ رهيس۔تمام سٺو خيال لڳو۔
 
جواب: ملهار چانڊيو جي شاعري

سائين تمام بهترين شاعري تمام سٺا خيال،تشبيهون،
هو متل طوفان ڪو،
منهنجي اندر،چپ رهيس۔تمام سٺو خيال لڳو۔

سائين مهرباني ۔۔۔

ملهار جي شاعريء ۾ تشبيهون ۽ خيال، احساس ۽ جذبا بهترين نموني پيش ڪيا آهن۔
 
Back
Top