جيستائين هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏسندس

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون پاڻ سان وچن ڪيو ته جيستائين هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏسندس

    پير علي محمد راشدي

    [JUSTIFY]لَڪي اڳئين زماني ۾ ته لڪياري ساداتن جو ڳڙهه هئي، جتان سيد علي مڪيءَ جي اولاد ٽڙي پکڙي ڪيئي وٿاڻ وڃي وسايا، پر اسان جي ابتدائي زماني ۾ هندن جي تيرٿ بڻجي چڪي هئي. ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي ”تيرٿ لڪي“ رکرايو هئائون (جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ”لڪي شاهُه صدر“ ۾ تبديل ٿي ويو). لڪي شهر ۽ اسٽيشن جي سامهون پهاڙن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما، هندو پنهنجي قبضي ۾ ڪري، ات مندر وغيره ٺهرائي مست ٿي ويهي رهيا هئا. کل جي بيمارين جا سٽيل انهن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان پيا ايندا هئا. ان کان سواءِ دنيا جهان جي هندو فقيرن، سنياسين، نانگن، ڀٽن ۽ ڪن چير ڪاپڙين جا ات ڳاها هوندا هئا. مسافرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ لڪي اسٽيشن جي سامهون هڪ ڌرمشالا ٺهيل هئي، جت آيو ويو دم پٽي چشمن ڏانهن ويندو هو ان ڌرمشالا جا کنڊر اڄ تائين موجود آهن.

    منهنجي زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي سياسي نظرياتي انقلاب جو باعث اها ڌرمشالا بڻي. قصو هينءَ آهي ته 1938ع ۾ جناب جي. ايم سيد ۽ اسان ڪوشش ڪري سر غلام حسين جي وزارت ڪيرائي، نئين وزارت الهه بخش مرحوم جي سربراهيءَ هيٺ وجود ۾ آندي هئي۔ اسان جي سرن تي انهن ڏينهن ۾ نيشنلزم جو ڀوت سوار رهندو هو. مسلم ليگ جو سنڌ ۾ اڃا نانءُ نشان ڪونه هو. دهلي ۽ لکنؤ طرف ٿوري گهڻي چرپر ضرور ٿيڻ لڳي هئي، مگر سنڌ منجهان صرف شيخ حاجي عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا محمد صادق مرحوم کڏي وارو ئي ليگ طرف مائل ٿيڻ لڳا هئا. ان اپراند سنڌ ۾ ليگ جو ڪو پڙلاءُ ڪونه هو. خود اهي بزرگ به تفريحي طور دل وندرائڻ لاءِ ليگ جو نالو وٺي رهيا هئا. حاجي عبدالله هارون مرحوم دهلي اسيمبليءَ جي ميمبر هجڻ ڪري قائداعظم رحمت الله عليه جي ويجهو ٿيڻ لڳو هو، پر سنڌ ۾ سندس ايترو ذاتي اثر ڪونه هو جو کليءَ طرح ليگ جي نالي ۾ ڪا تحريڪ هلائي سگهي. سنڌ جي الهه بخش وزارت به ڪانگريس جي هندو ووٽن جي مدد سان وجود ۾ آيل هئي، تنهن ڪري ليگ جي پٺڀرائيءَ لاءِ ڪوبه اهم سياسي گروپ سنڌ ۾ موجود ڪونه هو. فيشن گانڌي ٽوپيءَ جو هو، ”جناح ڪيپ“ جي مروج ٿيڻ ۾ اڃا ڪي سال وچان هئا.

    شروع 1938ع ۾ غلام حسين وزارت کي ڪيرائڻ ۽ الهه بخش وزارت کي ٺاهڻ واري ڪم ۾ هندن جي اسان سان شرڪت ڪرڻ ڪري اسان به ڪانگريس جي ويجهو وڃي پيا هئاسين. گدرو گدري کي ڏسي رنگ وٺندو آهي. اسان جي ساٿين مان جي. ايم سيد، پير الاهي بخش مرحوم (جو الهه بخش وزارت ۾ وزير بڻجي چڪو هو) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪانگريسين کي ڏسي کدر پهرڻ لڳا هئا. مون به انهن جي ڏٺي پنهنجي لاءِ هڪ وڳو ٺهرايو هو، پر کدر منهنجي کل کي اهڙو کرڙيون جو وري ٻيو دفعو پائڻ جي همت ڪا نه ٿيم. انهن ڏينهن ۾ آءُ پٽڪو ٻڌندو هوس، پر پٽڪي لاءِ به کدر موزون ڪانه هئي، کدر ٿلهي هوندي هئي ۽ چار وال پٽڪو ٻڌبو هو ته غير موزون ڦيڙهه بڻجي پوندو هو. البته دل منهنجي به ڪنهن حد تائين کدر پوش بڻجي چڪي هئي. اٿڻ ويهڻ هندن سان ٿيڻ لڳو. سندن اڳيان ڏک وسرڻ لڳا هئا. ڏاڍا چتر ۽ چالاڪ هئا. سمجهڻ ائين لڳا هئا ته اسان سندن هٿن ۾ ڦاٿل بلبلين وانگر آهيون، جن کي ڀيتي ڏيئي پيا اٿارين ويهارين.

    مارچ کان جولاءِ (1938ع) تائين نئين الهه بخش وزارت کي مضبوط ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهي ڪم ڪندو رهيس. جولاءِ ۾ ڳوٺ (بهمڻ ضلع، لارڪاڻي) موٽڻ لاءِ موٽر ۾ چڙهي خشڪيءَ جي رستي ڪراچيءَ مان روانو ٿيس. مون سان ٻه درائيور هليا ۽ ماستر گوبند رام، جنهن کي مون ننڍي کان وڏو ڪيو هو ۽ ماستريءَ جي نوڪري به وٺي ڏني هئم. موڪلن جي ڏينهن ۾ مون وٽ اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ جيتري قدر مون کي ياد آهي، ڪوٽڙيءَ کان دادو وارو پڪو رستو اڃا ڪونه بڻيو هو. گرميون سخت هيون ۽ هوا ٻٽيل. سن تائين پهتاسين ته گرميءَ سبب ڊرائيور جي نڪ مان رت وهڻ لڳو. ان کي جي. ايم. سيد جي اوطاق ۾ لاهي سفر چالو رکيوسين. خيال هو ته دادوءَ ۾ وڃي مانجهاندو ڪنداسين. پر اڃا لڪيءَ تائين مس پهتاسين ته ٻئي ڊرائيور جو به مٿو ڦرڻ لڳو، مجبور ٿي لڪيءَ واري هندو ڌرمشالا جي در وٽ بيهي رهياسين. لڪيءَ ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪوبه وڏو وڻ ٽڻ ڪونه هو، جنهن جي پاڇي هيٺ پناهه وٺجي ها. اسان جو حال اڳيئي ابتر ٿي چڪو هو. مون گوبند کي موڪليو ته ڌرمشالا ۾ ڪمرو وٺي ته ات ترسي اَجهاپ ڪري، ڏينهن ٺاري، پوءِ اڳتي وڌون. گوبند اندر ان ٿي آيو. چيائين: ”ڪمرو مليو آهي، اوهان اندر هلو.“ مان موٽر مان لهي اڃا ڌرمشالا جي در مان مس اندر داخل ٿيس ته هندن ۾ هولچو مچي ويو. مون کي مسلماني لباس (شلوار، چولو ۽ پٽڪو) ۾ ڏسي رستو روڪي بيهي رهيا.

    ”اڙي ميان مسلمان، هيڏانهن ڪيڏانهن پيو اچين؟ هيءَ ڌرمشالو آهي، هت هندوءَ کان سواءِ ٻئي کي پير پائڻو نه آهي. ٻاهر نڪر، پوئتي موٽ.“

    مون چين:

    ”ڀائي صاحب، اسان به انسان آهيون. هت پاسي پلؤ ۾ نه وڻ نه ٽڻ. ٻاهر ڪانوَ جي اک پيئي نڪري. اسان جي جان جو سوال آهي. گهڙي سوا رهي هليا وينداسين. اوهان جي ڌرمشالا تي قبضو ته ڪونه ڪنداسين.“

    گوبند غريب به گهڻو ستاين، چي ”هيءُ پير راشدي آهي، اوهان اخبارن ۾ نه پڙهيو آهي؟ قومي خيالن جو آهي. هندو مسلمانيءَ جو ڀيد ڀاءُ رکي ئي ڪونه. اوهان کي اهڙي انسان ۽ قومي ليڊر سان ”ڇوت ڇات“ جي ڀاونا نه رکڻ گهرجي.“ قصو مختصر، اسان جا حيلا، حجت، دليل، دلائل، منٿ ميڙ سڀ بيڪار ثابت ٿيا. پندرهن ويهن واڻين مڙي، اسان کي پوئين پير ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

    ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ڪيڏانهن وڃون ها؟ ڪابه واٽ نه ڏسي ريلوي اسٽيشن جي ٿرڊ ڪلاس ويٽنگ روم ۾ وڃي پياسين. ات به مٿان ڇت ۾ لوهه جا پڙڇ پيل هئا، جيڪي تپي ويل هئا. گرم هوا کي روڪڻ لاءِ نه در هو نه دروازو، ويهڻ لاءِ سيمنٽ جون ٻه بئنچون هيون، سي به تپي باهه ٿي ويل هيون. شڪر آهي ته موٽر ۾ پاڻي وجهڻ لاءِ خالي بالٽي ساڻ کنئي هئي سين. نل مان منجهس پاڻي ڀري هڪ ٻئي تي پرٽائيندا رهياسين. شڪر آهي جو بابو صاحب گرميءَ جو ماريو وڃي پنهنجي ڪوارٽر ۾ لڪو هو. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ويٽنگ روم ۾ گپلي ڪرڻ کان ڪنهن ڪونه روڪيو.

    آءُ اهو سارو وقت دل ۾ سوچيندو رهيس ته جنهن قوم ۾ ايترو انساني رنگ ڪونه آهي، جو اسان جي جان بچائڻ لاءِ ٻه گهڙيون پنهنجي مسافرخاني ۾ اسان کي اجهو ڏئي، تنهن قوم سان ڪهڙيءَ طرح ڀائيچارو هلي سگهندو؟ سو به مون جهڙي ماڻهوءَ سان، جنهن هميشه تعصب بدران محبت جو درس پئي ڏنو آهي؟

    شام جو موٽر تيار ڪئيسين. جڏهن سڀ موٽر ۾ ويهي رهياسين ۽ ڊرائيور اڳتي هلڻ لاءِ دادوءَ واري رستي ڏانهن مڙڻ لڳو ته مون کيس چيو ته: ”موٽ، ڪراچيءَ جو رستو وٺ، موٽي ڪراچيءَ هلون ٿا.“

    گوبند رام حيرت ۾ اچي پڇڻ لڳو: ”سو وري سائين ڪيئنءَ؟“

    مون کيس چيو: ”گوبند، اڄ حياتيءَ جو وڏو سبق سکيو اٿم، هيلتائين جيڪي ڪيم سو غلط ثابت ٿيو. مفت مسلمانن سان آءٌ به ڌوڪو ڪندو رهيو آهيان ته: ”هندو مسلمان ڀائر آهن ۽ ڀائر ٿي رهن. هندن جي اڄ جهڙي تنگ دلي ڏسي آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان ڀائر ڪونه آهيون ۽ ڀائر ٿي رهي ڪونه سگهنداسين.

    گوبند: ”برابر هي نالائق تعصبي آهن. پر هاڻي، ڪراچي هلي ڇا ڪنداسين؟“

    آءٌ: ”مون اڄ پاڻ سان وچن ڪيو آهي ته جيستائين تنهنجي هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين هتان ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏسندس.“

    گوبند: ”سو وري ڪيئنءَ ٿيندو؟“

    آءٌ: ”سا خبر مون کي به ڪانه آهي. پر همت مردان مدد خدا. ويهي ڏسجانءِ ڪم قادر جا.“

    اهو واقع آهي ته جنهن وقت آءٌ اها ڊاڙ هڻي ڪراچي واپس وري رهيو هوس، تنهن وقت مون کي به پروڙ ڪانه ٿي پئي ته آءٌ ڪهڙو طريقو اختيار ڪندس. پنهنجي مٿي آءٌ سياسي طرح بلڪل بي پوزيشن انسان هوس. اڪيلو، نه ميمبر، نه منسٽر، نه پارٽي، نه پئسو، ٻي طرف ملڪ جي فضا تي هندڪار ڇانيل. دولت، تنظيم، علم، اثر، عقل، سياسي شعور ۽ سجاڳي سڀ وٽن گانڌي جيءَ جي هلايل هلچل زورن ۾، ڪانگريس جو مٿو ڪاپار تي. وقت جي حاڪم انگريز به کانئن ڪوَ ٿي کاڌي.

    انهن حالتن هيٺ هڪ سنڌي جهرڪڙي لُڏي لڪيءَ مان هلي ته ڪراچي پهچي سياسي شهبازن سان لڙندي ۽ کين سنڌ جي فضائن مان بنهه ڀڄائي ٻاهر ڪندي. ڳالهه واهيات ٿي لڳي، اڄ به کل پئي اچيم.

    جيڪا باهه منهنجي اندر ۾ ان ڏينهن لڪيءَ ۾ دُکي، تنهن مون کي ورندڙ ڏهه سال سک سان سمهڻ ڪونه ڏنو. ڊاڙ ڪا نه هڻبي، پر آءٌ ايترو ضرور چوندس ته آءٌ اها ماچيس جي ننڍڙي تيلي هوس، جنهن جو پنهنجو وِتُ يا وَسُ ته ڪونه هوندو آهي پر جڏهن باهه وگهي سڄا شهر ۽ ملڪ سڙي ڀسم ٿي ويندا آهن ۽ باهه لڳڻ جي سبب ۽ ابتدا جي جاچ ڪبي آهي ته ان جي شروعات وڃي ان ڪمزور تيليءَ سان ڳنڍبي آهي. ٻج جو داڻو ننڍڙي شيءِ آهي، مٽيءَ ۾ ملي پاڻ مٽجي وڃي ٿو. منجهانئس جيڪو وڻ ڦٽي نڪري ٿو، دنيا ان کي ڏسندي ۽ ان جي تعريف ڪندي رهي ٿي. ٻج جي داڻي کي ڪو ياد ڪونه ٿو ڪري.

    قصو ڪوتاهه، نَون سالن کان پوءِ پاڪستان بڻيو ۽ هندن جي سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي. هڪ ڏينهن آءُ ڪياماڙي بندر تي ويس – ڇا ڏٺم؟ هندو مردورن، پير و جوان ڀارت وڃڻ لاءِ جهاز جي انتظار ۾ حد نظر تائين پکڙيا پيا هئا. ڪي اوڇنگارون ڏئي روئن پيا ته ڪي دانهون ڪوڪون پيا ڪن. ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ نظارو هو. سنڌي مسلمانن، پنهنجي مٿي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ساڻن ڪا ڪُريت ڪانه ڪئي هئي، پر کين اڳ جو ڪيل پنهنجو ياد ٿي آيو، تنهن ڪري دل جهلي نٿي سگهيا. تنهن کان سواءِ ٻيا سبب به بڻجي پيا، جيڪي سنڌين جي پنهنجي وَس کان ٻاهر هئا.

    ساڳيو گوبند رام ان ڏينهن به مون سان گڏ هو. اهو نظارو ڏسي اکين ۾ پاڻي آڻي ڏوراپو ڏنائين.

    ”پير! پنهنجو وچن سو پاڙيئي، پر ڪيسُ ڪري ڇڏيئي.”

    ڪجهه ڏينهن بعد خود گوبند رام به روانو ٿي ويو. جاني جدا ٿيا، زماني جا انقلاب سڪن سان گڏ ساوا به ساڙي ويا.

    انهن واقعن جي مناسبت سان ئي مون مٿي عرض ڪيو آهي ته لَڪي مون ۾ وڏي ڦيري آڻڻ جو باعث بڻي. اها ڌرمشالا هينئر ڊهي وئي آهي، ”لڪي تيرٿ اسٽيشن“ جو نالو ”لڪي شاهه صدر“ ٿيو آهي. گرم پاڻيءَ جا چشما مون 1953ع ۾ پنهنجيءَ وزارت جي زماني ۾ سنڀال لاءِ، مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيا. جيڪا مسجد هندن پنهنجي زور جي زماني ۾ ات ٺهڻ ڪانه ٿي ڏني، سا به ڪڏهن جو ٺهي راس ٿي آهي.

    جيڪي ڪجهه ٿي گذريو تنهن جو فيصلو الله تعاليٰ وٽ، پر اهو سبق ضرور پرايم ته انسان وڏي بلا آهي، ان کي تڇ نه سمجهجي. پنهنجيءَ تي چڙهي ٿو ته ڪيئي طاقتون اچي ٿيون ساڻس ڪلهو ڏين ۽ گڏجي ڪجهه مان ڪجهه ڪريو وجهن.[/JUSTIFY]

    (اهي ڏينهن اهي شينهن)
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيستائين هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏس

    پير علي محمد راشدي، جيتوڻيڪ ڏاهو ۽ شاطر انسان هو پر هندن خلاف ڪم ڪندي بلڪل ڪٽر ٿي ويو هو ۽ ان سبب ئي اڄ سنڌ پاڪستان جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آهي ۽ ڪروڙين مهاجر اسانجي نڙي ۾ ڪنڊو ٿي لڳل اهن ۔۔۔۔ نه ڳهڻ جا نه ٿڪڻ جا ۔۔۔ نڙي جو مسلسل سور آهن ۔۔۔

    راشدي صاحب ڌرم شالا ۾ نه گهرڻ جي عيوض سنڌ کي ڏچي ۾ وجهرائڻ جي جيڪا داستان ٻڌائي آهي ته آ سوال ٿو ڪريان ته هي ته ٻي مذهب وارا هئا پر اسان مسلمانن جي مسجدن ۾ ايتري شديد فرقا بندي آهي جو ڪجهه فرقن جا ماڻهون سعودي ۾ اچڻ کانپو به حرم ۾ باجماعت نماز ناهن پڙهندا ۔۔۔ سندن چوڻ مطابق ته وهابين جي پويان نماز پڙهڻ گناه آهي ۔۔۔ لا اله الا لله محمد رسول الله چوڻ وارا هڪٻئي کي عبادتن جي جڳهن تي اچڻ کان روڪين ٿا ۽ قتل ڪنٿا، هي ته پو به هندو هيا ۔۔۔ ٻي مذهب وارا ۔۔۔

    پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي“ ان محاوري تي سنڌي مسلمانن کي تورڻ گهرجي ۔۔۔ انگريزن جي دور ۾ واڻين تعليم حاصل ڪئي، هنر سکيا، بئنڪنگ سسٽم رائج ڪيو، وڻج واپار ۾ شاهوڪار ٿيا ۔۔۔۔ عمارت سازي ۽ شهري زندگي وڌائڻ لڳا ۔۔۔ ڪاليجون ۽ اسڪول قائم ڪيائيون، هوٽل ۽ مهمان خانه کوليائون ۔۔۔ ڇاپه مشينون گهرائي، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب چپائڻ جو ڪم ڪيائون ۽ ٻيا کوڙ ساترا هنري وڌاري جا ڪم ڪيائون ۔۔۔ پر سنڌي مسلمان اهو ئي ڍڳو پير پيران ۔۔۔ نه علم حاصل ڪيائون، نه هنر سکيا ۽ نه وري ڪو زراعت ۾ ئي پاڻ ڀرا ٿي سگهيا، انڪري کين هندن سان ساڙ ٿيڻ لڳو ۽ هندن جي مخالف ٿي ويا ۔۔۔ مٿان وري سنڌي جاگيردارن، وڏيرن ۽ راشدي جهڙن سيدن سنڌي مسلمانن کي جاهل رکڻ ۾ پنهنجو سمورو ڪردار ادا ڪيو ۔۔۔

    جيتوڻيڪ جي ايم سيد به ڪجهه وقت سندس ساٿي ٿي رهيو هو، پر اڳتي هلي جي ايم سيد ڳالهه سمجهي ويو ۽ قوم کان معافي ورتائين پر هن صاحب نه معافي ورتي ۽ نه پڇتا ڏيکاريو ۔۔۔

    هن وقت به علي محمد راشدي جي اهميت سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ ڪنهن چڱي يا ڏاهي انسان جي حيثيت سان نٿي ڪئي وڃي، بلڪ ڪوڙي ۽ ترڪتال سياستدان جي حيثيت سان ٿئي ٿي ۔۔۔ ها سندس ڀا محترم پير حسام الدين راشدي جي اهميت هن صاحب کان گهڻو مٿاهين آهي ۔۔۔

    بهرحال تاريخ مان سبق پرائڻ گهرجي ۽ ماضي جي انهن تجربن مان سنڌ جي حال کي سنوارڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن ۔۔۔

    لک ٿورا ادا سليمان جو تاريخ جي ورقن کي ورايو ٿا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جيستائين هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏس

    سائين سليمان ۽ سائين نثار جن جي تحريرون پڙهيون سين معلومات ۾ اضافو ٿيو بس ايتروئي ڪافي آهي ۔
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: جيستائين هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏس

    نثار ابڙو صاهب بهترين ڳاله ڪئي آهي۔ ٿيو به ايئن هو۔ ورهاڱي وقت هتان جيڪي هندو ويا اهي سنڌ جو سرمايو هئا۔ انهن جي امن پسند پاليسي سبب سنڌ ۾ مسلمانن جو وڻج واپار به سٺو پئي هيلو۔ ڇو ته هندو قؤم ۾ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو رجحان عام آهي۔ هندو هتان وڃي هتي به پنهن ڌنڌن ۾ لڳي ويا ۽ اڄ به سکيا آهن۔ پر هتان اسان جا جيڪي مسلمان ڀائر آيا اهي ان وقت جي خوش آمديد به وساري ويٺا۔ هر وقت هتي پنهنجي هاڪ قئم ڪرن ۾ رڌل رهيا۔ هتي جي اصلوڪين رهواسين تي دٻدٻو رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا۔ تان جو اڄ چون ٿا ته اسان اوهان کي هندن جي غلامي کان آزاد ڪرايو۔ کانئن ڪوئي پڇي ته سنڌ ۾ ان وقت غلامي جو تصور هو سهي؟

    مون هڪ همراه جي ڳاله پئي ياد اچي ته هي هئا ئي اهرا جن کي پهرين هندن بهار ۾ نه سَٺو ۽ بنگلاديش ڀڄايو۔ ۽ پوءِ اتان بنگالين ڀڄايو پر هي سنڌي قؤم مهمان نوازي جي عادي ايئن نه ڪيو ۽ اڄ ان جو نتيجو ڀوڳي ٿي۔
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيستائين هندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ملڪ بدر نه ڪندس اوستائين ڳوٺ جو منهن نه ڏس

    سائين نثار سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته سچ لکيو ويو آهي۔ ان وقت جا ڪجهه ڪٽر هندو اهڙي قسم جو تعصب وارو رويو ضرور رکندا هئا۔ مذهب انسانيت سيکاري ٿو پر جي تعصب سبب انسانيت نه رهي ته پوء جواب ۾ اهڙي تعصبي ڪاروائي ملي ٿي۔

    بحر حال سنڌ پهريان هندن وٽ ۽ هاڻي پاڪستان جي پنجابين ۽ يوپي ۽ لکنئو جي مهاجرن جي هٿ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو