سنڌ سلامت جي پيارن پيارن ميمبرن کي ڊاڪٽر جو سلام، دوستو اڄ مان موزيلا فائر فاڪس برائوزر استعمال ڪرڻ وارن دوستن لا هڪ ننڍڙي پر تمام ضروري ٽپ سان گڏ حاضر آهيان۔ هن ٽپ جي مدد سان توهان پنهنجي موزيلا فائر فاڪس برائوزر سان فليش SWF پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ بغير ڪنهن سافٽويئر جي مدد جي سيو Save ڪري سگهندو ۔ ته پو سنڌ سلامت جي دوستن لا ٽپ حاضر آهي۔ سڀ کان پهريان پنهنجي موزيلا فائر فاڪس ۾ اهو پيج کوليو جنهن مان توهان فليش فائل سيو ڪرڻ چاهيو ٿا۔ پوءِ TOOLS ۾ وڃي Page Info تي ڪلڪ ڪيو۔ هاڻي توهان جي سامهون Page Info جي ونڊو ايندي۔ هتي توهان MEDIA تي ڪلڪ ڪيو۔ ميڊيا تي ڪلڪ ڪرڻ کانپو توهان جي سامهون سڀ JPG, GIF ۽ SWF فائلن جون مڪمل ايڊريس نظر اينديون۔ هاڻي توهان جنهن به فائل کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيو ڪرڻ چاهيو ٿا ان تي ڪلڪ ڪري ۽ هيٺ Save As تي ڪلڪ ڪري پو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ جتي چاهيو اتي سيو ڪري ڇڏيو۔ ته دوستو ڪيئن لڳي توهان هيءَ ٽپ۔۔۔۔
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔ سلام! ڊاڪٽر صاحب توهانجي وڏي مهرباني اهڙي ڪارائتي ٽپ ٻڌائڻ جي لاءِ۔ مونکي گهڻي وقت کان اهڙي ٽپ جي ڳولها هُئ۔
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔ اوهان جي ٽپ هميشه جيان بهترين آهي جاري رکندا الله تعالى توهان کي سلامت رکي۔
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔ سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔ السلام عليڪم۔۔۔ڊاڪٽر صاحب توهان جي وڏي مهرباني توهان پنهنجي قيمتي ٽب اسان سان شيئر ڪئي۔۔
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔ سائين ڊاڪٽر صاحب تمام بهترين ٽپ آهي اميد ته اهڙي شيئرنگ جاري رکندا سدائين گڏ