موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Doctor
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Doctor

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي پيارن پيارن ميمبرن کي ڊاڪٽر جو سلام،
دوستو اڄ مان موزيلا فائر فاڪس برائوزر استعمال ڪرڻ وارن دوستن لا هڪ ننڍڙي پر تمام ضروري ٽپ سان گڏ حاضر آهيان۔ هن ٽپ جي مدد سان توهان پنهنجي موزيلا فائر فاڪس برائوزر سان فليش SWF پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ بغير ڪنهن سافٽويئر جي مدد جي سيو Save ڪري سگهندو ۔
ته پو سنڌ سلامت جي دوستن لا ٽپ حاضر آهي۔
سڀ کان پهريان پنهنجي موزيلا فائر فاڪس ۾ اهو پيج کوليو جنهن مان توهان فليش فائل سيو ڪرڻ چاهيو ٿا۔ پوءِ TOOLS ۾ وڃي Page Info تي ڪلڪ ڪيو۔

kdpcmb.jpg


هاڻي توهان جي سامهون Page Info جي ونڊو ايندي۔
هتي توهان MEDIA تي ڪلڪ ڪيو۔
ميڊيا تي ڪلڪ ڪرڻ کانپو توهان جي سامهون سڀ JPG, GIF ۽ SWF فائلن جون مڪمل ايڊريس نظر اينديون۔
هاڻي توهان جنهن به فائل کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيو ڪرڻ چاهيو ٿا ان تي ڪلڪ ڪري ۽ هيٺ Save As تي ڪلڪ ڪري پو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ جتي چاهيو اتي سيو ڪري ڇڏيو۔

350w8ps.jpg


ته دوستو ڪيئن لڳي توهان هيءَ ٽپ۔۔۔۔
 
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔

سلام! ڊاڪٽر صاحب توهانجي وڏي مهرباني اهڙي ڪارائتي ٽپ ٻڌائڻ جي لاءِ۔ مونکي گهڻي وقت کان اهڙي ٽپ جي ڳولها هُئ۔
 
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔

اوهان جي ٽپ هميشه جيان بهترين آهي جاري رکندا الله تعالى توهان کي سلامت رکي۔
 
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔

سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔
 
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔

السلام عليڪم۔۔۔ڊاڪٽر صاحب توهان جي وڏي مهرباني توهان پنهنجي قيمتي ٽب اسان سان شيئر ڪئي۔۔
 
جواب: موزيلا فائر فاڪس ۾ فليش swf فائل سيو ڪيو۔

سائين ڊاڪٽر صاحب تمام بهترين ٽپ آهي

اميد ته اهڙي شيئرنگ جاري رکندا

سدائين گڏ
 
Back
Top