• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان نياڻي۔۔۔

مــــــــــان نيــــــــــاڻي سنــــــڌ ڌيـــــــاڻـــــي آن



هـــــــي منهنجي سنڌ امــــڙ جهڙي

هــــــيءَ مون لئه پاڪ آ پَـــڙَ جهڙي.

مان جنــهــن ۾ نــنَــگَ لِـــڪاڻي آن

مــــــان نيــــاڻي ســــــنڌ ڌيــــاڻـــــــي آن



جـــو منهنجي سنڌ ورهائينـــــدو.

ڄڻ منهنــــجي چـــــادر لاهينــــدو.

مـــان غيرتمـــنــــد آن، ســــياڻـــــي آن

مــــــان نيــــاڻي ســــــنڌ ڌيــــاڻـــــــي آن



منهنجي سنڌ سان آهي چاهه منهنجو

درويــــش ۽ هــوشــــو ڀــــاءُ مـــنـــهنــــجـو.

مــان ڪيئن مـــڃان ته ويڳـــاڻــي آن

مــــــان نيــــاڻي ســــــنڌ ڌيــــاڻـــــــي آن

.

okndqr.jpg






دعا ۾ ياد
 
جواب: مان نياڻي۔۔۔

آڪاش جي هنن سٽن جيان ته:
سمهي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جھڪا،
ڪڏهانڪر ڪتين ڪَر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور،
تون ايندين تون ايندين، تون ايندين ضرور،
منظر جي بيوسي سان احساس جو چتا آهي، اهڙي آڀ اميدن جي جياپي لا سگهاري ۽ سوڀاري ثابت ٿيندي۔۔۔ درويش۔۔۔۔۔
 
جواب: مان نياڻي۔۔۔

ادا درويش تمام بھترين۔
منهنجي سنڌ سان آهي چاهه منهنجو

درويــــش ۽ هــوشــــو ڀــــاءُ مـــنـــهنــــجـو.

مــان ڪيئن مـــڃان ته ويڳـــاڻــي آن

مــــــان نيــــاڻي ســــــنڌ ڌيــــاڻـــــــي آن
 
جواب: مان نياڻي۔۔۔

جـــو منهنجي سنڌ ورهائينـــــدو.
ڄڻ منهنــــجي چـــــادر لاهينــــدو.
مـــان غيرتمـــنــــد آن، ســــياڻـــــي آن

مــــــان نيــــاڻي ســــــنڌ ڌيــــاڻـــــــي آن

منهنجي سنڌ سان آهي چاهه منهنجو
درويــــش ۽ هــوشــــو ڀــــاءُ مـــنـــهنــــجـو.
مــان ڪيئن مـــڃان ته ويڳـــاڻــي آن
مــــــان نيــــاڻي ســــــنڌ ڌيــــاڻـــــــي آن


سنڌ سان ٿيل تازين ويساهه گهاتين ٿيڻ ڪري سنڌي ماڻهن ، عام ماڻهن، دانشورن ۽ نياڻين ۾ هڪ تاڀ آهي، هڪ سوچ اٿي آهي جيڪا سنڌين کي پاڻ ۾ يڪجاء ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي۔ سنڌ جي نياڻيء جو درد ۽ ان جا احساس اوهان لفظن جي روپ ۾ بيان ڪيا آهن۔ پيش ڪرڻ جو بهترين انداز۔

درويش کي سلام
 
جواب: مان نياڻي۔۔۔

عمران درويش، جيڪو لکندو آهي اندر جي اڌمن مان اٿندڙ ولوڙ سان لکندو آهي، سنڌ جو عاشق آهي، عاشق ته گهڻا آهن پر ڪي عاشق درويش به هوندا آهن جيڪي حق ۽ سچ چئي ڏيندا آهن ۔۔۔ سهڻو عمران درويش به اهڙو عاشق آهي جو جڏهن سندس محبوبه سنڌ کي ڪو نقصان رسڻ وارو هوندو آهي ته تڙپي اٿيندو آهي ۽ اسانکي تڙپائي ڇڏيندو آهي ۔۔۔

لفظن جي گهرائي ۽ لفظن ۾ لڪل جذبا انتهائي ڳوڙها آهن ۔۔۔ حب الوطني جو هڪ سهڻو گيت تخليق ٿيل آهي ۔۔۔

رب العالمين اوهانکي سلامت رکي سهڻا دوست، ائين ئي سنڌ جا سور سليندا رهو ۽ نڀاڳ جي ننڊ ستل قوم کي اٿاريندا رهو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
[=""]
 
Back
Top