• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي آهي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2drzxbp.jpg


اسان سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي، انيلا سومرو کي واڌايون ڏيندي سلام پيش ٿا ڪيون، جنهن جپان جي ڪاگوشيما يونيورسٽيء مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي آهي۔ جوهيء جي هي پهرين نياڻي آهي جيڪا جوهيء کان جپان پهچي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري ٿي۔ سنڌ جي هن باهمت نياڻيء تي ڪاڇي سميت سموري سنڌ کي ناز آهي۔

اسان جي هي ڀيڻ انيلا سومرو سنڌ جي نياڻين لاء هڪ مثال اڀري سامهون آئي آهي۔ اسان سندس والد محترم علينواز سومرو ، سندس استاد عزيز ڪنگراڻي کي به سلام ٿا پيش ڪيون۔
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

واھ۔۔۔اسان به ادي کي سلام ٿا پيش ڪريون۔
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

ادي انيلا سومرو کي منهنجي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جوهي دادو ضلعي جو هڪ پٺتي پيل علائقو آهي اهڙي علائقي مان هن اديء هيڏي همٿ ڪري جاپان مان پي ايڇ ڊي ڪئي هن جي همت کي سلام۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊاڪٽر انيلا سومرو کي ڪاڇي جي علائقي جي ترقيء لاء ڪم ڪرڻ گهرجي ته جئين اتان جو عوام به ترقي ڪري سگهي
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

سلام پيش ٿا ڪيون
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

ادي کي اسان جو به سلام۔ پر ٿورو وضاحت ڪريو ها ته بهتر هو۔ ادي ڪهڙي فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي؟
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

ادي کي اسان جو به سلام۔ پر ٿورو وضاحت ڪريو ها ته بهتر هو۔ ادي ڪهڙي فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي؟

ڪالهه محترم عزيز ڪنگراڻيء جي فيسبوڪ وال تي اها خبر پڙهڻ لاء ملي۔ مان کيس عرض ڪيو آهي ته وڌيڪ تفصيل ڏين۔ جواب هنن ڪجهه ڏينهن اندر تفصيل موڪلڻ جو چيو آهي۔
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

واقعي به ادي جي همت کي منهنجي طرفان به سلام آهي، ادي جو ٽاپڪ ڇا هو؟ کيس ڪيترو عرصو لڳو؟ ڪهڙي تعليمي بيس يا چيپني ٻولي جي ڪورسن جي آڌار تي اتي کين ٽاپڪ مليو؟ ڇا انهن ايم اي ۽ ايم فل وغيره به اتي ڪئي جهڙا ڪجهه سوال ذهن ۾ آهن وضاحت ٿي وڃي ته بهتر ٿيندو۔ ادا سليمان ونڊڻ لاءِ ٿورا۔۔۔
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

ادي انيلا سومرو کي منهنجي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي

دوستن جا قرب

اڃان تائين مان پڻ تفصيلي جواب جي انتظار ۾ آهيان ۽ اميد ته سائين عزيز ڪنگراڻي جن جلد تفصيل موڪليندا جيڪي دوستن سان ونڊ ڪبا
 
Back
Top