سچل سائين جو ڪلام ۽ پيغام ـــــــــــــــــ مختيار ملڪ

'سچل سارو سچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [​IMG]

    سچل سائين جو ڪلام ۽ پيغام ـــــــــــــــــ
    مختيار ملڪ

    [JUSTIFY]حضرت سچل سرمست رحه، سنڌ جو اهو سر موڙ صوفي آهي ، جنهن پنهنجي فن، فڪر ۽ فلسفي جي سُرهاڻ سان سموري انساني دنيا کي واسي ڇڏيو . سچل سائين انهن اعلى انسانن منجهان هڪ آهي ، جن پنهنجي ذات کي انسان ذات جي اعـلى مقـصد لاءِ ارپـي ڇـڏيــو ته جــيئن ، انـسـاني دنيا کـي چـڱائين ۽ نيڪـين جــــو گـلدستو بڻائي سگهـجي ۽ سندس ڏکــن کــي گَهٽائي يا مِٽائي سگهجي.

    ڏک نه ڏيڻو هو ، تو مون کي ميان مينڌرا

    سچل سائين پنهنجي تجربن ، مشاهدن ، مجاهدن ۽ اعلى صلاحيتن سان انــساني زندگي جي حـقيقتن کـي پرکيو ۽ پُرجهـيو ۽ انـسان ذات جــي ڀلائي ، بهتري ۽ خوشحالي جا گس ۽ ڏس ڏيکاريا.

    سارو وندر ووڙيان ، ڏاها تنهنجي ڏس.

    انسان ذات جي عظمت کي نروار ڪندي سچل سائين چوي ٿو:

    عين اٿوَ انسان ، ڀول متان ڀلي ڪائي.

    سچل سائين انسان ذات جي اورچائيءَ کي اجاگر ڪندي ، اهو به سمجهائي ٿـو تـه تـو وٽ سڀ ڪـجھ آهـي پـر تو کي ان جو ادراڪ نه آهي ، هيڏي هوڏي واجهائڻ بدران پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ سان گهڻو ڪجھ ماڻي سگهجي ٿو.

    جو ٿو ڳولين يار ، سو تان تو ۾ آهي.

    سچل سائين انسان ذات کي ڪنهن الڪي ۾ ڏسڻ نه ٿو چاهي، ۽ افسوس ۽ ارمان ڪرڻ بدران آٿٿ ۽ دلاسو ڏئي ٿو ته حالتون ۽ حقيقتون فطرت جي محور تي گردش ڪنديون آهن. اجايو ارمان ڪرڻ سان ڪجهه به بدلجي نه سگهندو آهي. حقيقتن کان انڪار ڪــڏهن به نه ٿو ڪري سگهجي ، جيڪو ڪجھ اٽل آهي ، اهو ٿيڻو آهي.

    ڇوٿو ڪرين ارمان ، جيڪي آهين سوئي ٿيندين
    اتر اوڀر اولھ ڏکڻ ، سرزمين ڇا آسمان......​


    کيس انساني زندگي جي ڏکن ۽ ڏوجهرن جو گهرو احساس هو. سچل سائين جي دردمند دل ۾ انساني ڪائنات جا ڏک ڪيئن پئي سانڍجي سگهيا. جڏهن سنڌو درياءَ جي دهشت سان جيئن سنڌ جا ماروئڙا پنهنجا اجها ڇڏي ، بي يار و مددگار بڻيا ته نڪو اولو هُين ، نڪا اوٽ ــ هڪ طرف تيز طوفانن ۽ هوائون ته ٻي طرف سخت برسات سان زندگي جي چرپر رڪـجي وئي. اهڙين حـالتن کان سچل اڻ واقف ڪونه هو ، هو تڏهن ئي دعاگو هو ؛

    ا
    ول آنڌي آئي، پويان جُهڙُ جهجهو،
    نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽ اجهو،
    ڏهيلن ڏجهو ، تن پرور رک پناھ ۾

    *
    مهر سندا مينهن ، شاھ وَسائين شل ،
    جهريل منهنجي جهوپڙي، پناه جهلي جهل،
    ڪاهل تي ڪهل ، ڪندي شال ڪريم تون.

    انسانيت سان سان بي پناھ محبت سچل سائين جي لفظن مان ليئاڪا پـائيندي نـظر ايـندي رهـي ٿـي. سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايل آهن.

    سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
    شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي !

    مينهوڳي جي مند ۾ جُهرندڙ جُهوپا ڏسي هر ڪنهن جو جيءُ جُهري پيو. اها حـقيقت آهـي ته اُهـو پاڻي جنهن سان انساني جياپو آهي، اُهو ئي ماڻهوءَ لاءِ ڪڏهن موتمار ٿيو وڃي ، انڪري سچل سائين، ارداس ڪري ٿو؛

    سدا سرها هون ، ماروئڙا ته ملير ۾
    مٿي پنهوارن پون ، مِهر جا شل مينهڙا.

    *
    ميان ماروئڙن تي ، مِهران وَسن مِينهَن،
    شل نه ڏکيا ڏينهن ، اچن آجڙين تي.

    سچل سائين وٽ انــساني دنيا جي مستقل سُک ۽ سَرهائي جو خــواب آهي.
    سکيو ۽ ستابو ساڻيھ سچل جو سپنو آهي.

    سدا سي ساڻيھ ۾ سکيا هئن سَنگهار،
    پکي منجھ پنهوار ، شل هُئن هميشه سرها.

    سچل سائينءَ جي سونَ وَرنِي سوچ جا موضوع ، انساني سُونهان بڻيل آهن. وٽن انساني سماج کي هاڃيڪار روين، نظرين، لاڙن ۽ عملن کان آجپو ڏيارڻ جـي جستجو آهي. هو هر اڻ وڻندڙ عـملن کان روڪي ٿو جنهن سـان ڪنهن کي به اهنج ۽ ايذاءُ رسي ٿو.

    نـٿـي وڻـي ڳالهه ڪـا ٻـي ، جـيڏيون مـون کي
    آءُ نه ڪنديس وي اهڙي ، ڪيچين جا مون سان ڪئي.

    هو ڪنهن به دوکي، دولاب ، ڪُپت ۽ دغا کان نفرت ڪري ٿو، هو فتني فـساد ڪُـلفت ، ڪِـيني ، ڪـُوڙ، ڪروڌ، سـاڙَ ، حسدَ، حِـرص ۽ حَوَس جهڙين بـراين کان بچڻ لاءِ سبق ڏئي ٿو.

    انسان ذاتِ ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي.

    سچل سائين اهڙين حالتن ۾ مذهبي تنگ نظري بدران مذهبي رواداري کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ هندو مومن جي تفاوت کي هنن لفظن سان رد ڪري ٿو.

    نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان
    *
    الف مون آدم ٿيو ، ڪري هنگامون هل؛
    هندو مومن سو ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪَنهِن ڀُل
    *
    ڪاٿَئِين ڪافر ڪاٿَئِين مومن، ڪاٿَئِين سوري سر هلائي
    ڪاٿَئِين گُسائين ، ڪاٿَئِين سنياسي ڪاٿَئِين بت بنائي؛

    اسان جي سماج ۾ نفرت ۽ نفاق کي هٿي ڏيندي ڏڦيڙ ڦهيلايا پيا وڃن ماڻهن کي ڀٽڪايو پيو وڃي، مذهبي رهبري جي بدران رهزني جو ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ڏسندي سچل سائين گهڻو اڳ اهو چئي ڇڏيو؛

    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
    آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

    سچل سائينءَ دين ۽ ڌرم جي فرقن کان مٿاهون بنجي پنهنجا ويچار ونڊيا. جوڳين ۽ ڪاپڙين کي به ڳايو اٿائون.

    لاتي لاهوتين ، ڌرم جي ڌوڻِي؛
    پَنبه جي پوڻِي ، ساڙي سنياسِي هليا

    سڄي دنيا مذهبن کان سواءِ رنگَ ۽ نسلَ جي تضادن جي ور چڙهي رهي آهي، ذات ۽ پات جا ويڇا وڌي رهيا آهن. قبيلن ۽ برادرين جا جهيڙا عام ٿي رهيا آهـن. سگهو اگهي کي لتاڙي رهيو آهي ۽ امير غريب جي تذليل کي پنهنجو مانُ ٿو سمجهي پر سچل وٽ ته نوري وارو نياز ۽ نئڙت آهي، سسئي واري سک آهي، مومل واري محبت آهي، رانجهي واري ريت آهي.

    هن غريب سان پرين گڏائج ، بِره ڪيس بي حال
    دل ٻڌل آهي توءِ پريَن جِي ، ”سچو“ پاڻ سنڀال​


    سچل سائين وٽ محبت جي دنيا ۾ ڪنهن ٻي بدران فقط نيهن جي نوابي آهي.

    گوندر جن گذاريو ، مُنهن تَنيِن مهتاب،
    سنديون نيِهَن نواب، آهن وِرھَ واريون

    ٻوليون اظهار جو ذريعو هونديون آهن، ٻوليون رياست ۽ سياست جون محتاج نه هونديون آهن ان ڪري هڪ ٻوليءَ تي ٻي ٻولي مڙهي نه ٿي سگهي. ڇو ته اهڙي عمل سان لـسانـي تعصب ۽ تـضاد اڀـري ايندا آهن، سچل سائين ٻولي جي تضادن کان آجو رهندي سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ ريختي (هاڻوڪي اردوءَ جو هڪ لهجو) ٻولين ۾ ڪلام چيو ۽ لساني فرقن کي بي معنى قرار ڏنو؛

    ڪي ٿا چون صوف ۽ ڪي ٿا چون سيب
    ان ۾ ڪهڙو عيب ،ڦلُ مڙوئي هيڪڙو

    دنيا ۾ دهشتگردي جي باھ انسان ذات جو سُک ۽ سڪون کسي ورتو آهي، انسان امن ۽ سلامتي لاءِ واجهائي رهيو آهي. سچل سائين جو ڪلام دنيا کي انسان دوستيءَ جو درس ڏئي ٿو. ميٺ، محبت، سهپ، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. سُپت ۽ سچائيءَ جو سنيهو ڏئي ٿو.

    ”سچو“ ٿي سچ آئيو، ماڳَ انهِيءَ مِهمانُ .
    *
    سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
    ڪوڙي دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي
    *
    ”سچو“ سارو سچ ٿيو ، وچون آنءُ وياس
    *
    ”سچل“ چوي سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُلُ
    *
    ”سچو“ سارو سچ ٿيو ، حڪمت هيءَ چَلايان

    سچل سائين مُدي خارج ريتن، رسمن ۽ رواجن ۾ وڪوڙيل سماج کي غير روايتي سوچ سان تبديل ڪرڻ جو پختو عزم ۽ ارادو رکي ٿو، ان ڪري سطحي سوچ بدران سنجيده فڪري اظهار ڪري ٿو.

    جي مڃين ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
    ڪوئي آهيان آن ، جو ٻانهو ڪنهن جو نه ٿيان

    سچل سائين جو سنجيده فڪر سمجهندڙن جو انگ ڀلي گهڻو نه هجي پر هو اڪثريت بدران انهن جو سنگ ۽ ساٿ ۾ رهي ٿو؛

    جتي ماڻهن ميڙ آءُ تِتي ناهيان
    سِسِي سنڀاهيان ، پُٺي شاھ حلاج جي.

    ڇو ته منجهيل ۽ ڀٽڪيل ذهنن ۾ سُرت ۽ ساڃاھ جو سوجهرو گهرجي ٿو. ان ڪري هو انسان کي ذهني جاڳرتا لاءِ اُتساهي ٿو.

    ٽ
    وڙ رواج ۽ رسمون ساريو،
    مرد ٿئين مستانو.

    ســچـل ســائين پـنهنـجو پيغام لڪــل لـفـظـن بـــدران کـليي عـام، بي ڊپائي، ارڏائپ ۽ اڏولتا سان بيان ڪيو. سندس فڪر جو اظهار مبهم هرگز نه آهي.

    ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر
    انهيءَ وائي ورُ سمجهي ڪو سچيڏنو چوي

    سچل سائين جي ڪلام جا اهڙا انيڪ نڪتا نروار ٿين ٿا، جن سان انساني عظمت جي عظيم آدرش کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو.

    وقت اها ٿي ويرَ دوئي ڪرڻ جي
    متان ٿئي اَويرَ ، اولهه سج نه اُلَهي

    اچو ته اولهه ۾ سِج اُلهڻ کان پوءِ اونداهين ۾ اَلوپ ٿي وڃڻ کان اڳ ۾ وقت جي آواز کي سمجهون.

    ڏيئو ٻاري سج کي ، ڪاٿي ڪين ڏٺائون
    ساڻ روشني سج جي ، پُرجهِي پَسيائوُن.
    [/JUSTIFY]


    [​IMG]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سچل سائين جو ڪلام ۽ پيغام ـــــــــــــــــ مختيار ملڪ

    سائين تمام بهترين ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو