• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو دلشاد ابڙو احتجاج دوران شهيد ٿي ويو

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌي ترقي پسند پارٽي حيدرآباد جو ڪارڪن حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ احتجاج دوران شهيد ٿي ويو​

رپورٽ: نثاراحمد ناز :باخبر ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته دلشاد ابڙو سنڌ ترقي پسند پارٽي حيدرآباد جو ڪارڪن حيدرآباد ۾ ڪمشنري نظام جي حق ۾ ۽ سنڌ جي تقسيم جي خلاف اڄوڪي احتجاج دوران حيدرآباد جي هيرا آباد واري علائقي ۾ پوليس جي گولي لڳڻ سبب سنڌ مٿان گهورجي شهيد ٿي ويو۔ (بيشڪ اسان الله
سائين جِي مِلڪ آهيون ۽ ان ڏانهن ئي واپس ورڻا آهيون۔​

اسين اولاد سنڌڙي جو سدائين سر بُلند آهيون
سُپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون
ڪيو سر ساهه جن صدقي امڙ جيجل مٺي سنڌ تان
دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون (نثارناز)​
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جو دلشاد ابڙو احتجاج دوران شهيد ٿي ويو

انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين

سنڌ ڌرتي تان پنهنجي ملڪ تان قربان ٿيو آهي ۔۔۔ سنڌ جو شهيد آهي، کيس اسانجو سرخ سلام

اي سنڌ! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن ماڪ ڦڙا، ڪنهن لڙڪ ڦڙا،
جن توکي پنهنجو رت ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا۔

سلام سنڌ جا شهيدو ۔۔۔۔ لک سلام
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جو دلشاد ابڙو احتجاج دوران شهيد ٿي ويو

انا لله وانا عليه راجعون ۔

انتهائي ڏکوئيندڙ خبر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوليس ۽ حڪومت وققت جي اهڙي رويي جي سخت مذمت ڪجي ٿي ۽ وقت ثابت ڪندو ته پ پ پ پنهنجي پيرن تي هنيل ڪهاڙي سان زخمي ٿي پاڻ وڃائي ويهندي۔ قوم تي اڃان به ڏکيا ڏينهن ايندا۔

اسان شهيد دلشاد ابڙو کي سرخ سلام ٿا پيش ڪيون۔۔
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جو دلشاد ابڙو احتجاج دوران شهيد ٿي ويو

انا لله وانا عليه راجعون ۔

انتهائي ڏکوئيندڙ خبر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوليس ۽ حڪومت وققت جي اهڙي رويي جي سخت مذمت ڪجي ٿي ۽ وقت ثابت ڪندو ته پ پ پ پنهنجي پيرن تي هنيل ڪهاڙي سان زخمي ٿي پاڻ وڃائي ويهندي۔ قوم تي اڃان به ڏکيا ڏينهن ايندا۔

اسان شهيد دلشاد ابڙو کي سرخ سلام ٿا پيش ڪيون۔۔

اسان جا ڪنڌ به گهڻا ته اسان جا سر به گهڻا جيجل ڌرتي لاءِ گهورينداسين ۽ شهيدن جي جنازن کي ڪنڌا ڏينداسين ، ٿي سگهي ٿو سڀاڻي سنڌ لاءِ سر گهورڻ ۾ تنهنجي واري هُجي ٿي سگهي ٿو منهنجي واري هُجي ، شعر سنڌ لاءِ گيت ٺاهيان ٿِي حلالي پُٽ هتي، ٿڃ مٺيءَ جو قرض لاهيان ٿي حلالي پُٽ هتي، جان گهوري ڪنڌ ڪپايان ٿي حلالي پُٽ هتي هڪ جنم منهنجو ته گهٽ آ گهورجان مان هر جنم ، بندگي جو باب سنڌ آ، دين منهنجو هرڌرم اسان جو هر قدم ڌرتي امڙ لاءِ وفا جا خزانه پنهنجو سر گهورڻ جي صورت ۾ هُجڻ کپي شهيدن جا وارث ۽ ڌرتي جا وارث پنهنجا حوصلا بلندرکن.

جيئن جيئن پرهه ڦُٽي
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
دهشت ساري جڳ مان
خُوني کيل کُٽي
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
دوکي جو ديوارون
باقي ڏينهن ٻه ٽي
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
اُجيارا آخر انڌ کي
ويندا نيٺ لُٽي
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
ڌُنڌ جو بادل سنڌ مٿان
سگهڙو ”ناز” ٽُٽي،
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان​
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جو دلشاد ابڙو احتجاج دوران شهيد ٿي ويو

انا لله وانا عليه راجعون


الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري

سندس پونيئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون
 
Back
Top