اڄ صبح بار بار بابا سائين جن جو فون اچي رھيو ھو، رات دير سان سمھڻ جي ڪري ڀلا ڪٿان ٿي صبح ستين بجين جاڳ ٿئي.؟ پر اڳيان فون ڪندڙ ڪو واندو دوست به نه ھو ته ڪال بزي ڪري ڇڏيان.! نه ڪال بزي پيو ڪريان ۽ نه ئي رسيو. نيٺ بابا جي بار بار ڪال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو مان سستي کي ڇڏي ڪال رسيو ڪئي ۽ پنھنجي نڀاڳي اسٽائيل ۾ ھيلو ڪئي. بابا جن جي ڳالھائڻ ۾ لڳي رھيو ھو ته ھو ڪاوڙ ۾ آھن.....۽ ڪاوڙ ۾ ڪال رسيو نه ڪرڻ جو سبب پُڇيائون.؟ مان ڪوڙ جو سھارو وٺندي بابا جن کي چيو بابا معاف ڪجو مان واش روم ۾ ھيس، بابا جن جلدي ئي ھن ڳالھ کي نظر انداز ڪندي پنھنجي ڳوٺاڻي انداز ۾ مخاطب ٿيندي چيو، عاشق..!! مبارڪ ٿئي، مان حيران ٿي پُڇيس، بابا ڇا جي مبارڪ.؟ چيائين ڙي مينھن ويائي ٿئي، مان بابا کي خير مبارڪ چوندي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ بابا جن کان پُڇيو بابا ڇا ڏنائين؟ بابا وراڻيو وش (في ميل)....ان ٽائيم چھري تي مُرڪ اچي وئي......تڏھن مون چيو (اسان ڳوٺاڻا) بابا جن رمضان ۽ ڪراچي جي حالات جي باري ۾ پُڇندي عيد تي ڳوٺ اچڻ جو چوندي ڪال بند ڪئي. دوستو..!! ڳوٺ جا ماڻھون مالوند ۽ مال سان ايترو پيار ڪندا آھن جيئن پيءُ ماءُ پنھنجي اولاد سان، ڪنھن به جانور جي بيماري موت وغيره ھنن کي ڏاڍو صدمو رسائيندو آھي. مان پنھنجي زندگيء ۾ ھيئر تائين ايترو ڪڏھن به ڪون رُنو ھيس جيترو ان رات مينھن جي چوري ٿيڻ تي رُنو ھيس، شايد ئي اُھا رات مونکان وسري.!! اسان جي ڳوٺن ۾ مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ ايتري قدر جو گڏھن جي به چوري عام جام آھي، ۽ ڳوٺ ۾ جيڪڏھن وس واري جي چوري ٿئي به ونڃي ته ڪجھ ئي ڏينھن ۾ واپس. پر غريب جي مينھن، ڳئون، ٻڪري ۽ رڍ يا گھر جو سامان چوري ٿئي.....ته غريب اھا پڪ ڪري گھر ويھي رھندو آھي ته ڪجھ به نه ٿيندو.
جواب: اسان ڳوٺاڻا۔۔۔۔!!! واه ڙي عاشق! اصل ڳالهه اهري پيرائتي لکي اٿئي جو ڳاله ائين پڙهي ويس جيئن محبوبه جو خط ۔۔۔ اک ڇنڀ ۾۔ واه واه بيشڪ اسين سنڌي سڏرائيندا ئي مالوند هياسون ۔۔۔ اسانجي گهرن ۾ مينهن کي ته اصل امڙ ڀٽاريءَ جو لقب مليل آهي ۔۔۔ ڀلا امڙ ڇو نه چئون، پنهنجي اصل مينهن جو به ايترو کير ناهيون پيئندا جيترو ڀٽاريءَ جو ۔۔۔ مينهن وري آهي به معصوم جانور جهڙوڪ امڙ ۔۔۔ گهرن ۾ اسانجي ايتري خدمت نه ٿيندي هئي جيتري مينهن جي يا جانورن جي ڪئي ويندي هئي ۔۔۔ هر تهذيب جون پنهنجيون پنهنجيون خوبيون ۽ حسن هجي ٿو ۔۔۔ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو حسن به من موهيندڙ آهي ۔۔۔ چوري چڪاري به ضرور ٿئي ٿي ۔۔۔ پر ڳوٺاڻا پنهنجي ڳوٺن ۾ چوڪيداري نظام ڪري ڇڏين ٿا ۔۔۔ پر پوءِ به اهو آزار اڃان ختم ناهي ٿيو ۔۔۔ اڳ مينهون چوريون ٿينديون هيون هاڻ ٽي ويون ۽ ٻيو سامان گهڻو چوري ٿئي ٿو ۔۔۔ يار عاشق ڳوٺ ياد ڪرائڻ جي مهرباني ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسان ڳوٺاڻا۔۔۔۔!!! محترم سائين اوھان اسان جي پوسٽ تي ڪجھ لفظ لکيا اھا اسان جي لا وڏي اعزاز جي ڳالھ آھي۔ مان مڃان ٿو ڳوٺ جي زندگي تمام حسين ۽ پرسڪون آھي۔ جيڪڏھن خانداني جھڙا ۽ قبائلي جھڙا نه ھجن ته اڃان به حسين۔۔۔۔۔۔۔۔ جانورن جو خيال ۽ انھن سان پيار ڪرڻ ڳوٺاڻا ماڻھون عبادت سمجھندا آھن
جواب: اسان ڳوٺاڻا۔۔۔۔!!! عاشق اڄ وري ڳوٺ جي ياد اچي وئي ۔۔۔۔۔۔ جڏهن شام جون مينهن جو ڌڻ ڪاهي انهن کي ٻاهر چڪر هڻائبو يا وري کين واهه تي وٺي وهانجاريندا هئاسين۔ پنهنجي ڀورين يا ڪارين مينهن جا تازا کير، مکڻ ۽ لسيون ياد اچي ويون۔ ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجي جانورن سان گهڻو پيار ڪندا آهن۔ اها مينهن هجي، ڳئون هجي، ٻڪري هجي، ڏاند هجن، گڏهه هجن، گهوڙا هجن ايتري تائين جو هنن کي پنهنجا ڪتا به گهڻو پيارا ٿين۔ ڪجهه ماڻهن کي وري پکين سان پيار ٿئي، ڪو ڪڪڙ سان ته ڪو تتر سان دل لڳايو ويٺو هوندو آهي۔ مونکي ياد آهي ته منهنجي بابا وٽ هڪ ويڙهه ۽ ميل جو ڀلوڙ ڪڪڙ هوندو هو، ان کي بادام، ڪُٽيون ۽ گهڻي خدمت ڪندو هوس۔ هڪ ڏينهن مان وجهه وٺي صبح جو سوير بادام کائي ڇڏيا۔ بابا آيو ته سمجهي ويو، ڪاوڙ ۾ ڏٺائين ضرور پر مونکي ڪجهه نه چيائين پر ايترو ضرور چيائين پُٽن کان وڌيڪ پيارا ڪڪڙ ناهن۔ پوء اهو ڪُڪڙ هڪ گدڙ جي هٿان مري پيو هو ۽ بابا ڪجهه ڏينهن تائين گهڻو غمگين هو۔ مونکي ڪُڪڙن جي ويڙهه کان نفرت هئي پر بابا جي ڪري مونکي به ڏک ٿيو هو۔ اڄڪلهه هڪ مينهن جو ملهه لک روپئي کان به مٿي آهي اهڙي وقت ۾ جي ڪا مينهن يا ڪو ڍور چوري ٿي وڃي ته وڏي ڏک جي ڳالهه آهي۔
جواب: اسان ڳوٺاڻا۔۔۔۔!!! سائين ڪڪڙ جا شوقين اسانجي ڳوٺن ۾ تمام گھڻا آھن۔۔۔۔۔ڪي ته سنڌي ڪڪڙ جي ميل کي سنڌ جي ثقافت سمجھندا آھن۔۔۔پر ائين نه آھي، مونکي به ڪڪڙ ۽ تترين جو شوق تمام گھڻو آھي۔