ابتدا راکِي سان انتها شادِي سان (کيم چند شرما)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]کيم چند شرما سان منهنجي ڏيٺ ويٺ تقريبن 30 سال پُراڻي آهي صفا ارڏو، جيڪا شي پسند آيس برملا پسنديدگيءَ جو اظهار ڪندو جيڪا ڳالهه پسند نه آيس صفا مُنهن تي چئي ڏيندو ڀلي ڪهڙو به لاٽ جو پُٽ هُجي هميشهه تلخ ادب ۽ معاشري جي اوڻائين کي پنهنجي نقطه نظر سان وائکو ڪندو آهي ، پنهنجي مذهبي نام نهاد ٺيڪيدارن سان ته ڪو ڀڳوان واسطي جو وير اٿس جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ان سان ته چوندو آهي ناز هن ظالم معاشري ۾ الائي تون ڪيئن اچي وين ، هرڪنهن سان پيار ونڊيندو آهين پر مونکي خبر آهي ته دل آزاري ئي تنهنجو نصيب ٿيندي آهي مان کلي جواب ڏيندو آهيانس ته شرما، مونکي دنيا جي پرواهه ڪانهي تون جو مون سان پنهنجا پرخلوص پيار ونڊيندو آهين ڪڙو مٺو سچ مون سان ڳالهائيندو آهين اهو منهنجي لاءِ ڪافي آهي سندس جيڪو اڄ نثري نظم جنهن جي غريباڻي ڊزائن مون ٺاهي اهو پڙهي توهان ضرور چرڪندا ، ڪافي ڏينهن کان سندس ڪڙي سچ سان لبريز کانئس کان ڪويتائن جي گهر ڪري رهيو هُئس پر همراهه اصل مڃي نه هن مهيني واري ڪوهستان مئگزين جي ڪاپي ۾ مئگزين جي پيش لفظ ۾ هي نثري نظم لکيل هو مونکي تمام سٺو لڳو سو توهان سان ونڊي رهيو آهيان. منهنجي هميشهه اها ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ جو جيڪو به شاعر هوندو آهي ان جو تعارف ضرور لکندو آهيان ڪافي ڏينهن اڳ منهنجي دوست حڪيم يوسف کتري جي ذاتي ويب سائٽ لاءِ کيم چند شرما مونکي پنهنجو مڪمل تعارف لکي ڏنو هو ، انهي تعارف جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ مون ڪئي هُئي جنهن کي پڙهي توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته کيم چند شرما ڪيڏو نه عجيب ۽ غريب شخص آهي . حڪيم يوسف کتري آف ٽنڊو محمد خان جي ذاتي ٿورن سان کيم چند شرما جو تعارف هتي پيش ٿو ڪريان[/JUSTIFY]

    دعاڳو

    نثاراحمد ناز

    ٽنڊو محمد خان

    13-8-2011

    آزاد ۽ نثري نظمن وسيلي معاشري جي منافقت، ڪٽر پڻي۽ ڪمينپڻي جي خلاف لکندڙ ٽنڊو محمد خان شهر جي ارڏي شاعر

    کيم چند شرما

    جو پنهنجي باري ۾ تکو مٺو تعارف


    ڪافر ڪوهستاني مان ”کيم چند شرما “ ٿي ويس

    [JUSTIFY]مُنهنجو جنم، منهنجي جنم پَتري موجب پهرين آگسٽ 1953 آهي، ۽ مُنهنجي جنم ڀومي وارو ڳوٺڙو ، مول شريف ان وقت ضلعو دادو ۽ موجودهه ضلعو ڄامشورو آهي. تعليم بي اي آهي. لڙڪپن ۾ حُسن بيني جو بيحد شوق ، بلوغت جي رڪاب ۾ پير وجهڻ کان پوءِ ڏسڻ سان گڏ سُپرش(ڇُهڻ) جو به اَٿاهه اشتياق جاڳيو پر حسينن جي گُهنڊ، گُهمنڊ ۽ غرور جي ڀوءَ کان قريبي قرابت ماڻڻ جي سگهه نه ساريندي نيپئر روڊ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وئيشا خانن ۾ حُسن جي هُٻڪار ۽ هُڳاءَ ورتيم 20 کان 25 روپين جي اگهن وارين بُربلين سان ڪلاڪ سوا ڪچهري ۽ رهاڻ جو رس ۽ سندن ريشمي جسم جي آغوش جي گرمائش ۽ حدت حاصل ٿيندي هئي. ماءُ جيجل جيڪا چُني جي پلاند مان ٻڌل پيسا کولي لڪائي ڏيندي هئي، اُها اڪثر وئيشا خانن ۾ خرچ ڪندو هئس. شباب جي شوق شراب جي شوق ۾ داخل ڪيو، 25 سال شراب جي مدهوشي، سرمستي ۽ پوءِ آخر ۾ بدمستي ۾ گُذاريم. هڪ حسينا جي ڳاڙهي گُلابي زبان مبارڪ مان جڏهن ڪارا ڪڌا، ڪوجها ڪُمهلا لفظ نڪرندي ٻُڌم تڏهن تشويش ۽ هجر ۾ شاعري جو شوق بيدار ٿي پيو.پهريئين شباب پوءِ شراب ۽ آخر ۾ شاعري جي ڀيانڪ بيماري ۾ وڪوڙجي ويس.1987ع جي اوائل ۾ محبوب جي بي رُخي ۾ شاعري جي علم عروض جي اڻڄاڻائي سبب دل کي تسڪين ۽ آنند ارپڻ خاطر آزاد نظمن ۾ ئي طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪيم.پوءِ آهسته آهسته شاعري جي ڪتابن جي مطالعي جو شوق رکي پابند شاعري ڏانهن پيرڙيون کڻڻ لڳس ۽ وڌيڪ پريشاني ۽ الم کان بچڻ خاطر گڏوگڏ ”اداره ڪوهستان“ جو اڪيلي سر وجود وجهي، پنهنجي هڙان ۽ گهران ٽئين ٽئين مهيني پبليڪيشن جو آغاز ڪيم ۽ پنهنجي اندر جي ويچارن کي پنهنجي پبليڪيشن ۾ ڇاپڻ شروع ڪري پنهنجي دردن کي عوام ۾ شيئر ڪرڻ لڳس. ڪاش لکڻ جي سگهه نه هُجي ها ته شايد گِدو واري چرين جي اسپتال ۾ داخل هُجان ها. ايتري مصروفيت هوندي به چنچل من تشنه تشنه رهيو. زندگي جي پهرئين محبوب جي بي رُخي منهنجي ستياناس ڪري ڇڏي،منهنجي من جي سرزمين جا سڀئي وڻ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، بس پوءِ پاڻ کي ڪتابن ڪاغذن ۽ قلم ۾ جذب ۽ گُم ڪري ڇڏيم، اُن کان پوءِ ڀي اندر ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ پئي محسوس ٿي. بنجر دل مان هوا ٿي ڪک ڪانا پئي اُڏاڻا. جن اندر کي بي انتها اشانت پئي ڪيو. نيٺ انهن گسن تي گهمندي ڀڪشوئن جيان ڀٽڪندي منهنجي دل جي خالي ڪشڪول ۾ هڪ گُلمان اچي ويٺو. اڄ تائين اُنهيءَ سان ئي پيار ڪندو آهيان. هو منهنجو احترام ڪندو آهي. هو رُسندو آهي ، آئون پريشان ٿيندو آهيان ، آئون ڪاوڙبو آهيان ، هُن کي ڪهل اچي ويندي آهي. بس هاڻي زندگي جي ٽرين کي هر ننڍي وڏي اسٽيشن تي بيهارڻ بجاءِ هڪ ئي اسٽيشن تي انجڻ ۽ پرزا ڪڍي اکوڙي الڳ ڪري هڪ هنڌ بيهاري ڇڏي اٿم. وري به خوش آهيان، حال جي هنج ۾ ، ماضي جي مامرن کي بلڪل دل تان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو اٿم. اديب ڪوبه وڻندو نه اٿم، ڪنهن به اديب جي تصنيف مڪمل مطالعي نه ڪئي اٿم. گُرو رجنيش جون تصنيفون اوجاڳا ڪري به مڪمل ڪندو آهيان. اُستاد بخاري منهنجي دل جي دفتر تي هووقت براجمان هوندو آهي. مان ڏات کان وانجهيل ۽ ڏانءُ سان واسيل اديب آهيان،مون کي ڪنهن به مذهب سان محبت ناهي ۽ نه ئي ڪي پنهنجي ڌرم مان مطمئن آهيان. ڪچهري ۽ رهاڻ ۾ مذهبي ڦڏن ۽ ساهن کڻڻ وارا ماڻهو نه وڻندا اٿم. جتي ڌرمي درشٽانگ هوندا آهن اُتي ڏاڍي مُنجهه ۽ بي سڪوني ٿيندي اٿم آئون پيار جون وارتائون ٻڌندو آهيان ۽ ڪندو آهيان. 50 سالن جي اورجا ۾ هڪ دفعو مندر ۾ هڪ ڇوڪري جي حُسن کي ڏسڻ ويس، ۽ حسينه جي مُهابي مندر جي مورتي مهندان مٿو ٽيڪيم پر اک ۽ دل اُن حسينه طرف کُتل هئي، خالي مٿو مورتي اڳيان ٽيڪيل هو. اداره ڪوهستان پاران 5 4 ٽماهي مئگزين شايع ڪيم ۽ ذاتي طور 6 ڪتاب (ناوليٽ) تخليق ڪيم. جنهن ۾ 1. ڳالهيون ڳُجهه اندر جون 2. وڏيرڪو فيصلو3. ممتا 4. ڀوپا ۽ ڀوت 5. ڪوهستان جو نوجوان هندو رسمن جي ڦاسي تي لٽڪيل 6. مهاراج ۽ مندر باقي ”گيتا کان اُتم ماتا“ شاعري جو مجموعو زير اشاعت آهي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]هڪ نيڪ سيرت بُردبار هر حال تي راضي رهڻ واري ڌرم پتني آهي، 5 ڇوڪرا ۽ ٻه نياڻيون اٿم پر مونکي وڌيڪ پيار نياڻين سان آهي هر ڏُک ۽ سُک جي ڳالهه پنهنجي نياڻين جي ڀر ۾ ويهي ونڊيندو آهيان، مُنهنجا هر وقت دُعا جا هٿ نياڻين لاءِ فلڪ طرف کڄيل هوندا آهن. پُٽن سان پيار گهٽ، نه هُئڻ برابر، ڳالهائڻ تمام گهٽ، گهٽ قرابت ۽ ويجهڙائپ هئڻ ڪري بظاهر احترام گهڻو ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته گهٽ گهرائپ سبب هو منهنجي مزاج ۽ اوزان کان گهٽ آشنا آهن، انهي ڪري جيترو ڀوء اٿن اوتري دل ۾ مون لاءِ نفرت به اٿن. هن وقت حُجت ۽ پيار گهر ۾ ڌرم پتني سان ۽ گهر کان ٻاهر چوواٽي ۽ شاهراهن تي ح.م دوست سان ، اڪثر گهمڻ ڦرڻ ح. م سان يا بلڪل تنها! 5 سال لينگوينج ٽيچر ٿي ڪراچي ۾ رهيس. باقي ڊاڪٽري ۾ شاعري جيان بنان ڏات جي، بنان سَنَد جي عطائي ڊاڪٽر ٿي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]شاعري ۾ ڪئين تخلص رکيم، آغاز ۾ ”ڪافر ڪوهستاني“ ان کان پوءِ ”کيم چند خيال“، ”شرما شيدائي“ هن وقت گسجي پيسجي خالي ”کيم چند شرما“ بچيو آهيان، روزنامه هلال پاڪستان ۾ تقريبن 30 کن مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون ۽ ان کان علاوه متعدد ادبي رسالن ۾ شاعري ۽ ڪهاڻيون ڇپيون آهن. پر وسائل نه هئڻ سبب شهرت پلئه نه پيئي. ادبي دنيا ۾ گُمنام ئي رهجي ويس.(اڄ تائين) پر ان هوندي به ڪو پيار جو پانڌيئڙو پنهنجي پيار جي پيڙاءُ مونسان ونڊڻ چاهي ته کيس نراش ڪونه ڪندس هو بي دڙڪ مونسان پنهنجي پتر (خط) وسيلي هيٺين ائڊرس تي همڪلام ٿي سگهي ٿو.[/JUSTIFY]

    کيم چند شرما

    ايڊيٽر ڪوهستان مئگزين، ٽالپر ڪالوني لڳ مڪي مسجد ٽنڊو محمد خان سنڌ


    ابتدا راکِي سان انتها شادِي سان (کيم چند شرما)​


    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ابتدا راکِي سان انتها شادِي سان (کيم چند شرما)

    شاعري ته عجيب وغريب لڳي۔۔۔اوھانجي سھڻي چترڪاري۔

    کيم چند شرما
    جو تعارف ڏاڍو دلچسپ ۽ بھترين لڳو۔۔۔کيم جو ڪي ڳالھيون مونکي سوچڻ تي مجبور ٿيون ڪن ته ڪن ڳالھين تي افوس ٿو ٿئي۔
    خير اسان وري اڃان اور قسم جا ماڻھون آھيون۔۔۔ھر ھڪ جو پنھنجو پنھنجو انداز ھوندو آھي محترم کيم جن لاجواب شخصيت لڳا۔
    محترم جو تفصيلي تعارف ڪرائڻ جي مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو