منهنجو هڪ سچل !!! (عرس جي مناسبت سان)

'سچل سارو سچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    منهنجو هڪ سچل !

    [JUSTIFY]عرف عام ۾ سچل سرمست، قول ۽ فعل جي اعتبار سان ”سچل“، سندن شعله نوا شاعريءَ ۾ ”سچُو“ ۽ ”سچيڏنو“ جي نالي سان شهرت ماڻيندڙ جيجل سنڌ جي قابل رشڪ مٽيءَ ”درازا“ جي هفت زبان شاعر سچل سرمست جي ٿورن ئي عقيدت مندن کي اها خبر هوندي ته ڪو سندن اصل نالو عبدالوهاب آهي! سنڌي، اردو، عربي، فارسي، سرائيڪيءَ سميت ستن مختلف زبانن ۾ في البديهه شاعريءَ جا نوان انداز متعارف ڪندڙ، سنڌ ڌرتيءَ جي هن قابل فخر ۽ صوفي با صفا فرزند سابق رياست خيرپور جي ننڍي ڳوٺ درازا ۾ 1152 هه/1739ع ۾ جنم ڇا ورتو، ڄڻ هتان جي مٽيءَ کي روحاني زرخيزي ملي پئي! تصوف ۾ وحدت الوجود جو نظريو رکندڙ هن سرمست جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي، ناقص پيري ۽ تصنع سان مُزين فقيري ته عام هئي. پاڻ ابتدائي پَٽي دستور موجب پنهنجي چاچي ۽ پير و مرشد خواجه عبدالحق کان پڙهيائون. بعد ۾ جڏهن هن سرمست راه تصوف ۾ قدم رکيو ۽ تصوف جي اونهائين جي اظهار لاءِ شاعريءَ جو انتخاب ڪيو ته نه صرف سندن وجدانيت منفرد بڻي پر ان سان گڏ گڏ صوفي ازم جي موسيقيءَ به سرمستيءَ جو سفر نئين انداز ۾ شروع ڪيو. اچو ته سندن جذبات ۽ وجدانيت جي هڪ جهلڪ پسون:

    ميري آنکهون ني اي يارو! عجب اسرار ديکهي تهي
    ميانِ اَبر اس خورشيد کي ديدار ديکهي تهي​


    اڄ درازا جي قابل رشڪ مٽي جي خوشبو مهڪي اٿندي انهن جي آجيان ڪرڻ لاءِ، جيڪي هن سرمست سان عشق جي حد تائين شغف رکي سندن آسڻ پهچي رهيا آهن. جيڪي عشق جي مڌ سان سيراب ٿي هن سرمست جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ ان جي حضور با ادب حاضر ٿي رهيا آهن. ڪي سنڌ جي حدود کان ٻاهران اچي رهيا آهن ته ڪي وري لطيف جي ڌرتيءَ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين کان درازا ڏانهن ڀيرو ڀڃي رهيا آهن پنهنجا غم اورڻ لاءِ، دردن جو درمان ڳولهڻ لاءِ، اميدن جو چراغ ٻارڻ لاءِ،ِ سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ علمي ٻاٽ ۾ ڪا لاٽ ٻاري موجوده ”انڌيري“ کي شرمائڻ جو سليقو سکڻ لاءِ. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي دردن جي درمان لاءِ لطيف سرڪار جيان سچل جي تعليمات به ”مسيحا“ آهي. سندن فڪر جيئن ڪالهه اسانجي ڪمزورين جو ”درمان“ هو، ائين اڄ به آهي ته سڀاڻي به رهندو. سندن فڪر ڇا آهي؟ سندن زباني:

    مرد ٿا سچ چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي!

    سچ چئي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ ئي هن سرمست جي تعليمات جو نچوڙ آهي. علم روحانيت ۽ دنياءِ تصوف جو هي بحرِ بيڪران سلوڪ جي پانڌيئڙن کي سچ پڇو ته ”بحر لا ساحل“ محسوس ٿئي ٿو. ها پر سندن فيض جي پالوٽ جا سندن شخصيت جي منفرد هجڻ جيان رنگ ۽ انداز به مختلف آهن. هر هڪ کي ان جي ظرف مطابق توحيد جي مڌ جي صرف سرڪ ئي نه، پيالا ۽ مَٽ پيئارين ٿا. پوءِ محبت مان درازا پهچي ڀيرو ڀڃندڙ کڻي ڪو ٿر واسي هجي يا شڪارپوري! شيخ اياز به ان مئه مان حقيقي لذت وٺي پوءِ ئي ته دعا جا مجموعا سنڌ واسين کي ارپيا هئا. هو ڀٽ ڌڻيءَ جو عاشق، لال شهباز جو مداح هجڻ سان گڏوگڏ واقعي سچل سرمست جو به ديوانو هو. هڪ موقعي تي هن جا جذبات ڇلڪي پيا ۽ هن چئي ڏنو:

    آءُ درازا هل
    تنهنجا سارا مولوي
    منهنجو هڪ سچل!

    اڄ 14 رمضان المبارڪ سندن يوم وصال آهي. عاشق زهر پياڪ، وِهه ڏسي وهسن گهڻو ..... سچل جي اکين جيڪي عجب اسرار پسيا هئا، ڪڪر ۾ خورشيد جي جنهن ديدار جي هڪ جهلڪ درازا جي عبدالوهاب کي ”سچل سارو سچ“ بنايو هو، اڄ ان سچل جي ان جلوهء حقيقي طرف وڃڻ جو ڏينهن آهي. اچو ته درازا جو رخ ڪريون ۽ اشڪبار اکين سان نماڻو عرض ڪريون ته:

    تو ميري رات ڪو مهتاب سي محروم نه رکهه
    تيري پئماني مين هي ماه تمام اي ساقي! (اقبال)
    [/JUSTIFY]

    محمد يعقوب سنگراسي/ڪراچي

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو هڪ سچل !!! (عرس جي مناسبت سان)

    شَي آھيان ڪاڪيون ڪھڙِي، جا سمجھي نه ڄاڻان!

    بعضي ڀايان پُتلي، يا آھيان گُڏيءَ ڏور،
    يا گوءِ آھيان ھٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور.

    يا تا محل آھيان، جنھن ۾ شھنشاھ،
    ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو درنئون داناھ.

    يا تا گھوڙو آھيان، جو ھَلائي ھَسوار،
    يا تا موج درياھَ جِي، جا ٻوڙي ٿي ٻاھار.

    يا مِھنديءَ گل تا آھيان، جنھن اندر لالائِي،
    يا آھيان گل گلاب جو، جنھن سِر ۾ سرھائي.

    يا تا چشمو آھيان، جو اَبر ڀَريو آب،
    تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَھتابُ.

    يا تا پاڇوئي حق جو، آءٌ اَصل کَون آھيان،
    جنھن ۾ ڳالھ ناہِ تا، سو ڀي تا ناھيان.

    ڳالھ سَچوءَ تا سَمجھِي، کَون ھاديءَ اِھائِي،
    تا غير خدا جو ناھيين، آھين صاحب سدائي.

     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منهنجو هڪ سچل !!! (عرس جي مناسبت سان)

    ادا بهترين ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو