سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

'سچل سارو سچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سچل سچي ڳالهه عشق دي ..........
    محمد سليمان وساڻ

    سچل سچي ڳالهه عشق دي
    ٻيا مڙئي پنڌ اجايا


    جڏهن به تصوف جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ جي انهن صوفي شاعرن جو نالو ايندو جن پنهنجي فڪر ۽ شاعريء ذريعي محبت جي سرهاڻ ۽ مهڪ سان دنيا کي واسيو آهي. اهڙي ئي تصوف جي مڪتبن مان هڪ درازا شريف به آهي. درازن جي دولهه سچيڏني جيڪو سچو ۽ سچل جي نالن سان به مشهور آهي پنهنجي صوفي فڪر ذريعي دنيا جي سڀني انسانن کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي.

    تصوف جو اهو تسلسل شاهه لطيف جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جڏهن لطيف درازن ۾ اچي چوي ٿو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو. دنيا ڏٺو ته اهو نينگر ميان عبدالوهاب سچل ۽ سچو ني نالي سان نروار ٿيو ۽ سندس شاعري ستن زبانن ۾ ڪيل آهي انڪري ئي کيس هفت زبان شاعر سڏيو وڃي ٿو. تصوف ۾ وحدت الوجود جو نظريو رکندڙ سنڌڙيء جي هن سر موڙ شاعر جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي، ناقص پيري ۽ تصنع سان مُزين فقيري عام هئي. پر هن پنهنجو آواز سچائي سان پيش ڪيو ۽ سندس ڳالهه وقت جا ملا ۽ پنڊت سمجهي ڪونه سگهيا. مذهبي انتها پسندي جي ان رجهان کي ڏسي سچل چيو ته :

    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
    آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.


    سندس شاعريء ۾ تصوف جا رنگ هجن ۽ موسيقي نه هجي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سندس شاعري اها سرائيڪي هجي يا سنڌي يا وري اردو مختف فنڪارن اهڙي ته رنگ ۽ سرور سان ڳائي آهي، جو ٻڌندڙ جهومندا رهندا آهن. سچل جي عشق ۽ رمز جو پيغام ڪنهن ڪتابن يا لائيبريرن ۾ قيد ناهي پر سنڌ ۽ هند کانسواء دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڳايو وڃي ٿو ۽ سچل جي سڃاڻ به سندس فلسفي ۽ فڪر جي ڪري آهي.

    انسان ذاتِ پات ۽ درجه بندي واري ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ ٻين اڳراين سان گڏ الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي پر سچل ان کي رد ٿو ڪري:

    نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان
    *
    ڪاٿَئِين ڪافر ڪاٿَئِين مومن، ڪاٿَئِين سوري سر هلائي
    ڪاٿَئِين گُسائين ، ڪاٿَئِين سنياسي ڪاٿَئِين بت بنائي.


    انسانيت، انسان ذات ۽ مخلوق سان بي پناھ پيار سچل سائين جي شاعريء مان نروار آهي. سندس شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ لاء به سچل جهڙي ذهن جو ماڻهو کپي پر هن تي تهمتون ۽ فتوائون جاري ڪيون ويو پر پوء هو محبت، سچائي ۽ پيار جو درس ڏيندو رهي ٿو ۽ سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايل آهن.

    سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
    شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي !


    سچل سرمست لاء عشق وڏي اهميت رکي ٿو. عشق کي انساني زندگي لاءِ سڀ کان اهم ٿو سمجهي ۽ فرمائي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو انسان ذات کي حقيقت تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي :

    عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
    ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
    بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
    نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.


    سچل عشق کانسواء ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو سمجهي ۽ ٻين ڪمن کي اجايو ٿو سمجهي. سندس خيال ۾ عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:

    خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون
    عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اهين دي ڪيهي ايهي عجب جيهي.


    رمضان جي 14 کان سچل جي نگري سندس عشق جي فلسفي ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ لاء گڏ ٿيل عاشقن ۽ سندس ڪلام سان پئي گونجي. سنڌ جي مختلف واهڻن ۽ وستين کان هلندي ماڻهن جو پنڌ درازا ڏانهن آهي. سچل جي نگري سچ جي نعرن ۽ سچائيء جي فڪر سان واسيل آهي. انسانيت جا نعرا سچل جي نگري ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اهو پيغام ڏئي رهيا آهن :

    مرد ٿا سچ چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي!

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جولائي 2014
    23 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

    سنڌ ۾ ڪافي صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن اهڙن صوفي بزرگن مان سچل سرمست به هڪ آهي سائين توهان هن بزرگ جي ياد ۾ هي مضمون لکي بزرگن جي ياد کي تازو رکيو آهي سندن هڪ بيت منهنجي به ذهن ۾ تري آيو آهي اگر ڪا غلطي هجي ته درست ڪندا


    مـــهر ســندا مــــينهڙا والي وســـائين شـــــل
    جهـــريل مـنهـنجي جـهوپڙي بنا جهــلي جهل
    ڪاهل تي ڪهل ڪندين شال ڪريم تون.


    سچل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

    سچل سچي ڳالهه عشق دي ٻيا مڙئي پنڌ اجايا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    حضرت سچل سرمست دنيا جو اهو صوفي بزرگ آهي جنهن عشق جي ذريعي مالڪ حيقيقي سان ملڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ حقيقت به اها آهي ته عشق جو جام پئندڙ کي دنيا جي ضرورت نه هوندي آهي۔۔۔۔۔۔ سچل جي شاعري ۾ صوفي ازم جو اهڙو رنگ سمايل آهي جو پڙهڻ سان دل کي سڪون اچيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هڪ جامع ء موقعي جي مناسبت سان بهترين موضوع ونڊ ڪرڻ ئي سليمان وسان جي خاصيت آهي ، جنهن سان ئي سنڌ سلامت تي جامع تحريرون محفوظ ٿين ٿيون۔۔۔۔۔۔۔۔ الله کيس اڃان به علم ۾ اضافو ڪري آمين

    بهترين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

    سنڌ سوين سورھ، درويش ۽ ڏاھا پيدا ڪيا آھن۔۔۔۔سچل سارو سچ۔
    تمام بھترين سائين سليمان صاحب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

    سچل تي ڳالهائڻ ائين آهي جيئن سنڌ جي آسمان تي چوڏهين جي چنڊ جي سونهن ۽ روشني تي ڳالهائجي ۔۔۔ بس ايترو ئي چئبو

    نازڪ سندو نِينهُن، آهي اِئين جيڏيون؛
    پنهنجي رائِي ريج ڪَري، جيئن ساوڻ مِينهُن؛
    راز رکي ٿو ريهُن، مَن ۾ محبوبيءَ جو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

    ساڳو ئي ليک محترم صفدر وڳڻ صاحب جن روزانه هلال پاڪستان ۾ پڻ ڇاپيو آهي۔

    هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهجي ٿو۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سچل سچي ڳالهه عشق دي .......... ( محمد سليمان وساڻ)

    سائين تمام بهترين ۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سچل سارو سچ! تمام بھترين ڀيٽا، ھو به ڀيٽا ھجي يا مبارڪ ڏيڻ ڪو اوھان وٽان سکي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻي ڀيٽا ...،

    شاه ڪريم، شاه سچل، شاه عنايت ۽ سچل سميت ڪيترن بزرگن سنڌ جي مٽيءَ کي محبت ڀريو ڪري رکيو هو ... پر افسوس صد افسوس ...!!! پاڪستان جي ٺهڻ سان سنڌ جي مٽيءَ مان ان عشق جي کٿوريءَ جي خوشبو ڏينهن به ڏينهن ختم ٿيندي وڃي ۽ سنڌ تي ڌارين جي غلبي سبب رت جي راند هلي رهي آهي ...

    درگاه تي وڃو ته سلام ڀرجو ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    سچل سارو سچ ، جو لوچي سو لهي ، بهترين ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي ،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. chandio

    chandio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 مئي 2010
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ماڳ:
    ڳوٺ شهبيگ خان چانڊيو تعلقه ڀرياسٽي
    سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
    شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    اَصل لاڪَؤن آھي انھيءَ سان، ھن نماڻِيءَ جو ناتو.
    ته ڪو ٿي ڪري جوڳِي اِيندم، ڄاڻُ نه ھِيئن مُون ڄاتو.
    ڏسِي صورتَ ساري سُھڻِي، عشق اُنھيءَ سان مون لاتو.
    ھِيءَ نماڻِي عيبَنِ ھاڻِي، پيچ پاڻھي تَن پاتو.
    سَھَو �سچو� ري ڏسي اَسان جي، چِتُ نه دلبر چاتو.
     
  17. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    سٺيون ڪاوشون سائين
    تمام بهترين
     
  18. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تمام بهترين
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک ڪريان توڙي زاري ، پر دوست چَوي تون ڪھڙو !

    ھَٿين ڀي پَوان پيرين ڀي پوان، پايان ڳچيءَ ڳاري.
    آءٌ اُھائِي يار اوھان جي، تنھنجي محبت ماري.

    [​IMG]


     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو