سياحت جي حوالي سان سنڌ جو هڪ مثالي هنڌ؛ مائي مَت مڱرياڻي جو مزار

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سياحت جي حوالي سان سنڌ جو هڪ مثالي هنڌ؛ مائي مَت مڱرياڻي جو مزار

    نواز ڪنڀر

    [JUSTIFY]سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڪيترائي قبرستان، بزرگن جا آستانا ۽ تڪيه آهن، جيڪي تاريخي اهميت سان گڏ فن تعمير جا شاهڪار آهن. مڪلي کان ويندي سونڊا ۽ گورا قبرستان کان ويندي مير شهداد جي قبن تائين ڪيترائي اهڙا قبرستان آهن، جتي دل چوندي آهي ته جيڪر دفن ٿجي، پر ان ۾ تڪڙ جو عنصر شامل ڪو نه هوندو آهي. ڪافي قبرستانن جي حالت ڏسي ماڳهين مرڻ تان ئي ارواهه کڄي ويندو آهي، پر انسان جي چاهڻ نه چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ خير! جي سنڌ ۾ پر آڳاٽي قبرستان يا اڪيلي قبر وارن هنڌن کي تلاش ڪبو ته مائي مت منڱرياڻي جي قبر کي پڪ سان شروعاتي قبرن ۾ ڳڻڻو پوندو. هيءَ مائي تعلقي سانگهڙ جي ديهه اڪن واري ۾ سانگهڙ کان 25–30 ڪلوميٽر اتر اوڀر سانگهڙ، خيرپور جي دنگ تي ڍنڍن، ٻيلاٽن ۽ ڀٽن جي وچ ۾ ٿر ۽ مکي جي سنگم تي ابدي آرامي آهي. مائي مت جنهن ڍنڍ جي ڪناري تي آرامي آهي، اها اڄڪلهه ته مائي مت جي ڍنڍ سڏبي آهي، پر ان جو اوائلي نالو ٻيلهاري ڍنڍ هو، ٻيلهاري ۽ جڊي واري ٻه جاڙيون ڍنڍون هيون/آهن، جن جي ڀرسان واقع آڌيو تل (پاڻي جو دٻو) ڪلو وارو تل ۽ ڪنڊن واري تل مان اڄ سوڌو لوڻ نڪري ٿو. مکي ۽ اڇڙي ٿر جا ماڻهو 1942ع واري مارشل لا ۾ دربدري کانپوءِ اهو لوڻ ڪڍي ڪوٽ نواب، ڀڳ ۽ نئون ڪوٽ واري پاسي گڏهن تي کڻي وڪڻي واپسي ۾ ان وٺي ايندا هئا، مال ۽ لوڻ سندن گذر سفر جو ذريعو هو. ٻيلگهاري ڍنڍ ڀرسان جنهن دڙي تي مائي مت رکيل آهي، ان کي به ٻيلگهاري ۽ مائي مت وارو دڙو سڏجي ٿو. اڳ ۾ ان کي ڀرنگهه وارو سڏبو هو.، جنهن تي چوڌاري نظر ڪجي ته ڍنڍون، ڀٽون، ٻيلاٽ، سانگ، هڙيون، پاڻي ۽ ساوڪ نظر ايندا.

    جيڪڏهن حڪومت کي ڪڏهن ڪو خيال اچي ته ايڪو ٽوئرزم جي حوالي سان سڪون جي متلاشي، قدرتي نظارن کي ڳوليندڙن لاءِ هي هنڌ هڪ مثالي هنڌ جي حيثيت رکي ٿو. سياري ۾ هتي اچي پهرن جا پهر ته ڇا سڄي حياتي گهاري سگهجي ٿي ۽ جي هتي سياري ۾ ايندڙ پرديسي پکي به آيل هجن ته اهو نظارو ۽ گهڙيون ته تا قيامت نه وسرڻ جهڙيون ٿيو پون. مائي مت جي حوالي سان ملندڙ روايتن مطابق سندس والد آٿلو فقير کي ست نياڻيون هيون، اڪثريت مطابق آٿلو فقير ذات جو منڱريو هو. جيڪو هندستان جو رهاڪو هو، پر ڪنهن ڳالهه تان ڀائرن کان ڪاوڙجي، مال ڪاهي هتي ڀرپاسي ۾ اچي آباد ٿيو. کيس ست ڌيئرون هيون، ڌيئرون جڏهن وڏيون ٿيون ته کيس ڀائرن جي ضرورت پئي، هو واپس هندستان ويو ۽ ڌيئرن جا سنڱ کين گهر ويٺي ڏئي آيو، هڪ ڏينهن جڏهن ڀائر پٽن جي شادي ڪرڻ واسطي اچي ڳوٺ پهتا ته آٿلي جي زال ان وقت اٽو پئي ڳوهيو، ڌيئرن پڇيو ته امان مهمان ڪير آهن؟ ته ماءُ کين سندن شادي ٿيڻ بابت ٻڌايو، اها ڳالهه آٿلي جي ڌيئرن کي ڪو نه آئڙي ۽ هنن رب کي ٻاڏايو، اهي مختلف هنڌن تي وڃي پهتيون، پر زندگي جي جنگ هارائي، ابدي آرامي ٿي ويون. انهن ستن مان هڪ کيرتي فقيرياڻي، ڏاڏي کجور کان ۽ ڪنڊي واري ڍنڍ کان اتر ۾ بلاڪ کن تي آهي، ٻئي کوندي فقيرياڻي ڏاڏي اجو فقير تي رکيل آهي، جڏهن ته هتي وارا ماڻهو ڏاڏي کجور کي به مائي مت جي ڀيڻ ٻڌائين ٿا، پر خود ڏاڏي کجور جا پونئر اهڙي ڪا به ڳالهه نٿا ڪن.

    وقت گذرندو ويو، ڪنهن کي ڪا ڪل نه هئي ته مايون ڪيڏانهن ويون ۽ هندستان مان سيڙجي آيل گهوٽن ۽ ڄاڃين تي ڇا گذريو، پر خدا جي قدرت هڪ رات جڏهن علي بخش ابو پوٽو ولد نور محمد جيڪو هن ئي هنڌ ڀرسان مال سانگي رهندو هو، سو لوڻ کپائي، رات جو دير سان ڳوٺ پهتو ته ان کي هڪ پوڙهي مال جي دونهين تي بيٺل نظر آئي، صبح جو ڳالهين ڳالهين ۾ ڳالهه نڪتي ۽ اهو طئي ٿي ويو ته اها ڪا به گهر جي عورت ڪو نه هئي، جنهن بعد دونهين تان پير کنيا ويا، پر اتي رڳو ٻن ڀينرن جا ئي نشان هئا، نه اچڻ جا نه وڃڻ جا! پوءِ مائي مت امام بخش جي ڏاڏي ۽ علي بخش جي گهر واري مائي ماٺڻي کي خواب ۾ آئي ۽ پنهنجي باري ۾ سڄو قصو ٻڌايائين ۽ اهو به ته هو موجوده هنڌ تي رکيل آهي، ائين مائي ماٺڻي موجوده قبر ٺهرائي ۽ مائي مت جي پهرين مجاور به ٿي،

    سندس وفات بعد امام بخش جي والده مائي وسندي مجاور ٿي. جنهن بعد هاڻي ويهارو کن، سالن کان علي اڪبر ولد امام بخش مجاور آهي، موجوده ننڍڙي مزار به علي اڪبر ئي ٺهرائي آهي، مائي مت تي هر سومر، چنڊ جي چوڏهين تي ۽ ڪڻڪون کڻي سالياني واڙي به ٿئي، جنهن ۾ علائقي جا ماڻهو ڦنڊرون، گابا ۽ ٻڪر اچي ڪهن ۽ ديڳون به لهنديون آهن، ته ڳوٺاڻن جي روزانه هڪجهڙي نموني گذرندڙ زندگي ۾ ٿوري تبديلي ۽ نواڻ ايندي آهي. سينا بازن ۽ سيمينارن جي عادي ماڻهن کي اهي ڳالهيون ڀلي ته زمانه جهاليت جون لڳن، پر انهن ميلن ملاکڙن ۾ ٻيو ڪجهه نه ته به ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه تفريح ضرور ملي ٿي، هتي ماڻهو پنهنجون ڏکن سورن ۽ بيمارين کان بچاءَ جون باسون به باسيندا آهن، ته ڄڃ روانگي کان اڳ هتان حاضري ڀرائي پوءِ اڳتي وينديون آهن. فائيو اسٽار هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جهيڙين اسپتالن جا هيراڪ ٻڌائين ته هي ڳوٺاڻا ماڻهو جن کي علاج جي فسٽ ايڊ جهڙي به ڪا سهولت ڪونهي، اهي مزارن ۽ مجاورن ڏانهن نه ڏسن ته پوءِ ڪنهن ڏانهن ڏسن؟ جيڪڏهن انهن کان اهو آسرو، اها اميد به کسي ڇڏجي، ٻيو ڪجهه ڏجي به نه ته پوءِ هي ته ڪٿي جا به نه رهندا! ڳوٺاڻا هتان مال جي بيماري ۾ ڪنڊي جو ڇوڏو لاهي مال کي پياريندا آهن ۽ مال جي بيماري جي صورت ۾ هتان واري کڻي، ٻني ۾ ۽ مال جي وٿاڻ ۾ وجهندا آهن. جتي حڪومتي ادارا ڪرپشن ۽ نااهلي جي ور چڙهيل هجن، نام نهاد سول سوسائيٽي رڳو وٺڻ ڄاڻندي هجي،

    ڪجھه ڏيڻ ان سکيو ئي نه هجي، اتي جي اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو ته پوءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟ ماڻهو مزارن تي جن مصيبتن ۽ غمن مان ڇوٽڪاري لاءِ وڃن ٿا، انهن جو ڪو سولو رستو ۽ قابل عمل علاج ۽ حل به ته ٻڌايو وڃي. اڄ ڪو ماڻهو شايد ئي مليريا جي بيماري جي علاج لاءِ ڪو تعويذ ڪرائيندو هجي، ڪا باس باسيندو هجي، ڪو پڙ چاڙهيندو هجي، پر ڪاري ڪامڻ ۽ ڪينسر جي بيمارين ۾ هو سڀ ڪجهه ڪري ٿو، ڇو؟ ان لاءِ ته اڄ مليريا جو علاج عام آهي، پر ڪاري ڪامڻ ۽ ڪينسر جي علاج جي هڪ ته ماڻهن کي خبر ناهي ۽ جي آهي ته اهو ڏاڍو مهانگو آهي، پوءِ ماڻهو قبرن ۽ مزارن ڏانهن نه ڏسن ته پوءِ ڪيڏانهن وڃن؟ ماڻهو ٽريڪٽر جي خراب ٿيڻ تي تعويذ ڇو نٿا وٺن؟ ڍڳي جي بيمار ٿيڻ تي ماني ۽ پاڻي ڇو ٿا پڙهائين ۽ تعويذ وٺن؟؟ ماڻهو ڇا به ڪن پر پاڻ اچون ٿا وري مائي مت ڏانهن. مائي ڏانهن وڃڻ جا ٻه رستا آهن، هڪ ڊيم جي اندران ڍنڍن ۽ ڍورن مان ۽ ٻيو آهي، مٿان ئي مٿان روڊ ۽ واري منجهان، جي واري مٿان هلندي وڃبو ته ڀٽن جا ڪيئي خوبصورت نظارا ۽ وڻ، جن ۾ ڪنڊي، آسي، لوا، ليون، ڦوڳ، کٻڙ، ڪرڙ، ٿوهو، اڪ، ٻوهه، سيڻ، کپ، ڦاڙهيون، ڪونڀٽ، نم، بهڻ، ٻٻر، گگرال وغيره نظر ايندا، پر جي ڊيم مان اچبو ته جيڪر ڊيم ڀريل هوندو ته هڪ ئي ٻيڙي ۾ ٻيلاٽن جو پاسو وٺبو، ماڻهو ناري جو سير ڪندا وڃي ڪناري تي پهچندا، پر جي ڊيم ۾ هوندو پاڻي گهٽ، ته پوءِ ائين ٻيڙيون بدلائڻيون پونديون جيئن ڪنهن ڳوٺ وڃڻ لاءِ بسون ۽ ڊاٽسنون بدلائڻيون پونديون آهن. جيئن ڳوٺاڻن کي بسن جا اسٽاپ ساريل آهن، ائين هتي جي ماڻهن کي اهو ساريل آهي ته فلاڻي گهيڙ تي فلاڻي جي ٻيڙي بيٺي هوندي، ڪاهي هلو پوءِ ڪٿي گپ ۾ پير ڪٿي ور ڪنجهي، هڪ هٿ سلوار ۾ ۽ هڪ هٿ ۾ جتي، گوڏي يا گوڏي کان مٿي پاڻي مان ٿيندا، ٻيڙيون بدلائيندا، زمين ڏسندا، مختلف پکين کي ڏسندا، ڍنڍن جا گاهه ڳنون، ٻڪن، ڪيهوري، نڙ، پن، ڊڀ، ڇٻر، سر، ڳنڍير وغيره ڏسندا ۽ انهن جا ڪم ۽ فائدا ٻڌندا وڃي مائي مت اڳيان سلام ورائيندا، جتي توهان سان گڏ ڀل ته سونهون يا گائيڊ ڀر ۾ ٺهيل اوطاق وٽ ئي بيهي رهندو، پر توهان مهمان هجڻ ڪري وڃي مائي مت جي ننڍڙي مزار تي قدرت ۽ فطرت جا نظارا ڏسي موٽي ايندو.

    هتي مرد ماڻهو مزار تي نه وڃن، بلڪه ٿورو پرڀرو بيهي دعا گهرن، پر انهن سڀني شين مان لطف وٺڻ لاءِ ۽ مقامي ڄاڻ وٺڻ لاءِ توهان سان گڏ مقامي سونهرن يا گائيڊ هجڻ تمام لازمي آهي، پر جي گائيڊ ملي وڃن محمد رحيم ڦوٽي ابو پوٽي جهڙا جن مقامي ڳوٺاڻن کي پاڻ سان ملائي ڳوٺاڻي تنظيم ”اڪن واري“ نالي سان ٺاهي ڪافي حد تائين ۽ ڪافي عرصي تائين وڻن جي غير قانوني ۽ ظالمانه واڍي کي روڪيو، پر هاڻ ڪم ڳرو ٿي چڪو آهي. هتي جنهن نموني هاڻ وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي، اهو ڏسي لڳي ٿو ته ڪجهه ئي عرصي ۾ هي مثالي ماحولياتي علائقو صفا پوٺو ٿي پوندو ۽ ان سان علائقي ۾ مال جو به چارو ختم ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ گھڻي مقدار ۾ حاصل ٿيندڙ کنئور ۽ ماکي به ختم ٿي ويندا ۽ هتي غربت اڃا به گهڻو وڌندي. هن وقت ماڻهن وٽ مائي مت تي وڃڻ کانسواءِ شايد ئي ڪو ٻيو گس بچيو هجي، جو هو وڃي ڪنهن کي دانهن ڏين ته هيڏو قدرتي حسن سان مالا مال علائقو دنيا جي نظرن ۾ اچڻ کان اڳ ئي چند بااثر ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ خاطر تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي.[/JUSTIFY]
    nawaz_kumbhar@yahoo.com
     
    جو يو امين هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سياحت جي حوالي سان سنڌ جو هڪ مثالي هنڌ؛ مائي مَت مڱرياڻي جو مزار

    ادا سٺي ونڊ آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سياحت جي حوالي سان سنڌ جو هڪ مثالي هنڌ؛ مائي مَت مڱرياڻي جو مزار

    ها ادا بلڪل هميشهه وانگر ونڊ سٺي ئي آهي۔
     
  4. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا سائين بهترين ڄاڻ ۽ سُڌِ ڏيڻ تي اوهان جا قُرب لک ٿورا............................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    اداسليمان وساڻ اسلام عليڪم، جڳھ جي حوالي سان ته محترم نواز ڪنڀر جو هڪ سٺو ليک آهي پر علاج جي حوالي سان انهن جيڪي ان جڳه کي اهميت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ان سان اسان معذرت سان متفق نه آهيون۔ان ڳاله تي اعتبار ڪرڻ سان اسان جو يقين الله پاڪ مان نڪري ان قبر ۾ رهندڙانسان جي طرف ٿئي ٿو وڃي ،جنهن جي اسان جي دين ۾ ڪا گنجائش نه آهي۔ اسان هت مناسب ٿا سمجهون ته حضرت موسئ ڪليم الله رحمت الله عليه (الله جو پاڪ نبي ۽ ٻانهون) جن جو زماني جو هڪ قصو هت ٻڌايون۔:_ حضرت موسئ ڪليم الله رح جن جي هڪ پاڙسيري هڪ دفعوانهن وٽ آيا ۽ عرض ڪيو ته پيٽ جي سور جي ڪري هنن کي ڏاڍي تڪليف آهي،ڪو علاج ڪيو۔حضرت موسئ ڪليم الله رح جن کي ياد آيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ هنن کي پيٽ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي هئي ۽ پاڻ جڏهن الله پاڪ سان همڪلام ٿئي اهئا تڪليف ٻڌائيون ته الله سائين جن هنن کي حڪم ڏنو هئو ته هنن جي گهر جي ڀرسان جيڪا ٻير بيٺل آهي ۔ان مان ڪجھ پتا ٽوڙي اٻاري انهن جو پاڻي پيو۔حضرت موسئ ڪليم الله جن ايئن ڪيو،انهئي سان انهن جي تڪليف دور ٿئي ويئي۔اهو سڀ ياد ايندي حضرت موسئ ڪليم الله رح جن پنهنجي پاڙسيري کي ساڳيو نسخو ٻڌايو۔جڏهن ان پاڙسيري اهو ٻير جي پنن جو پاڻي پيتو ته هن جي تڪليف وڌي ويئي،۽ حضرت موسئ ڪليم آلله رح جن ڏي ڀڄندا آيا ۽ شڪايت ڪيون۔حضرت موسئ ڪليم الله ڪوه طور تي وڃي الله سبحان تعالئ جن سان همڪلام ٿيا ۽ سڄو واقعو گوش گذار فرمايو۔الله پاڪ جو ارشاد آيو ” اي موسئ جڏهن توهانکي تڪليف ٿئي هئي ته اسان جي طرفان ان ٻير جي پنن کي حڪم ٿيل هئو ته اوهان جي لاء شفاء جو سبب بنجي وڃن۔انڪري اوهانجي تڪليف ختم ٿئي ويئي پر هن دفعي اسان جي طرفان اهڙو ڪو حڪم ان وڻ جي پنن لاء ڪونه هئو،انڪري توهانجي پاڙسيري جي تڪليف جو اهئي ساڳئي وڻ جا پن ترياق نه ٿيا۔ الله پاڪ جي پيغمبر سڳوري حضرت موسئ ڪليم الله جن جي مٿين قصي مان اهو صاف ظاهر آهي ته جيستائين الله پاڪ جو حڪم نه هوندو تيستائين ڪابه دوا مرض جي ترياق نه ٿو ٿئي سگهي چاهي ان جو ڏس الله پاڪ جي نبي سڳوري حضرت موسئ ڪليم الله رح جن ڏنو هجئي۔انهي ڪري وڻ جا ڇوڏا يا پن،يا ڪا ٻئا شي انهي مٿين مقام جي ڪڏهن به ڪنهن مرض ننڍو هجئي يا وڏو جي ترياق نه ٿئي ٿي سگهي جيستائين الله سائين جو حڪم نه هجئي۔ شاه عبدا لطيف ڀٽائي رح جن به پنهنجي شاعري ۾ الله پاڪ جي ان طاقت کي ورجايو آهي۔

    حبيب تون، طبيب تون،تون دارون کي دردن
    تون ڏيين، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن
    تڏ ڦڪيون فرق ڪن، جڏ امر ڪرين ان کي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني سائين

    اصل ۾ هتي هي سڀ ڪجهه تاريخي حوالي طور يا اتان جي ريتن رسن بابت ڄاڻ ڏيڻ هو۔ باقي ليکڪ يا شيئر ڪندڙ جو يا پڙهندڙ جو ان سان متفق هجڻ لازمي ناهي۔
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها ادا سنڌ جي سياحتي ۽ تاريخي حوالي سان ڄاڻ سان ڀريل مضمون آهي، پر سائين نواز ڪنڀر صاحب اتان جي ماڻهن جي ان ويساهه کي اهڙي ريت پيش ڪيو آهي ته اها سڀ نا اهلي اسان جي انتظاميه جي آهي ته اتان جا ماڻهون هڙين رسمن کي پنهنجو هيلو سمجهي ويٺا آهن، صرف انهن جي گهٽ ڄاڻ ۽ الله جل شانهُ جي ذات تي ويساهه نه هئيڻ ڪري اهي اهڙين ريتن جي ور چڙهي چڪا آهن، پر جئين ته ليکڪ صرف هڪ معلوماتي مواد فراهم ڪيو آهي جيڪو سندس جو قرب جو اهڙي ونڊ ڪيائين، باقي ٻين ڳالهين سان متفق هئيڻ ضروري نه آهي۔
    حبيب تون، طبيب تون،تون دارون کي دردن
    تون ڏيين، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن
    تڏ ڦڪيون فرق ڪن، جڏ امر ڪرين ان کي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    سياحت جي حوالي سان تمام خوبصورت ۽ ڪارائتو ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سياحت جو نالو اچي ۽ تصويرون نه هجن ته ليک اڌرور ٿو لڳي ،،،، باقي سنڌ سموري تاريخي حوالن ۽ ڏند ڪٿائن سان ڀريل آهي، ۽ سنڌ سموري، مختلف جاگرافيائي نظارن سبب سون لڳي پئي آهي، ڪٿي ڪاڇو ته ڪڇي ٿر، ڪٿي سائو ته ڪٿي سڪ، ڪٿي گهاٽا ٻيلا ته ڪٿي رڻ۔۔۔ ڪٿي درياهه ته ڪٿي سمنڊ ۔۔۔ مطلب جيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار ۔۔۔

    باقي هر هڪ قبيلي جو پنهنجو مذهب، هر هڪ قبر جو مامرو الڳ ۔۔۔۔ تنهنجو دين توسان منهنجو موسان ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو