حيدرآباد ۾ به ڌار صوبي جي چاڪنگ۽ بينر لڳي ويا آهن۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ڪراچي ۾ ڌار صوبي بابت ديوارن تي چاڪنگ ڪرڻ بعد ڪالهه وري حيدرآباد شهر ۾ بينر هڻي ديوارن تي چاڪنگ ڪئي وئي آهي، ميران محمد شاهه روڊ، پوسٽ آفيس ۽ ٻين هنڌن تي لڳايل بينر اڇي رنگ جا آهن، جنهن تي ڪاري پرنٽنگ سان لکيو ويو آهي ته مون کي نه ماريو، اها اسان جي التجا آهي، اسان پنهنجي پيارن جا لاش کڻي ٿڪجي پيا آهيون، اسان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي، مفاهمت جي نالي تي اسان جي ڪرنگهي جي هڏي تي چڀندڙ خنجر اسان کي مفلوج ڪري رهيو آهي، امن جي نالي تي حق جي ڳالهه ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، اسان اهو واضح ڪيون ٿا ته پنهنجو حق وٺڻ کانسواءِ سڪون سان نه ويهنداسين ۽ اسان جي حق جي تقاضا آهي ته اسان کي هن زمين جو فرزند تسليم ڪري، انساني بنيادن تي شهري علائقن کي شهري صوبو قرار ڏنو وڃي، اسين سمجهون ٿا ته اسان جي وڏن 1857ع ۾ جيڪي قربانيون ڏنيون، هاڻي ان جو ثمر حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ان کانسواءِ ديوارن تي شهري صوبي جي چاڪنگ پڻ ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان چوڻ چاهيون ٿا ته جيڪي اهڙا بينر هڻي رهيا آهن اهي پنهنجي سڃاڻپ سان ظاهر ٿين ته هو ڪير آهن؟، هن جو ڪهڙي تنظيم يا گروهه سان تعلق آهي، باقي جيڪڏهن قتل عام جي ڪهاڻي کي کڻجي ته اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جو قتلام جيترو ”جيڪو قائد جو غدار آ، اهو موت جو حقدار آ“ جي نعري تي ڪيو ويو آهي، اوترو فوجي آپريشن سنڌي مهاجر جهيڙن ۾ به نه ٿيو آهي، هن چيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت ڪنهن به معاهدي ۾ اهو نه هو ته ڪو هندستان مان ماڻهو هتي ايندا يا هتي جا ماڻهو هندستان ويندا، اها صرف مخصوص مفادن جي سازش هئي، جنهن تحت قتلام ڪرايو ويو، هن چيو ته اسان انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ برابر جي شهري وارا حق ڏنا اهي ڪئمپن ۾ نه ٿا رهن ۽ نه وري انهن جي ڪا خاص سڃاڻپ آهي، هو سمورن اختيارن ۽ حقن کي استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هو پنهنجي وطن جي ڳالهه ڪن ٿا ته هو جنهن کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا اوڏانهن هليا وڃن، سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به نه ٿيندي ۽ جيڪي اهي خواب ڏسندا، پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي تقسيم ٿي ويندا، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌ جو هر غيرتمند پٽ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ آخري حد تائين ويندو، پوءِ ڀلي ان کي پنهنجي وطن خاطر سر ڏيڻو پوي يا دشمن جو سر وٺڻو پوي، جڏهن ته جسقم جي سربراهه بشير قريشي چيو آهي ته انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ هزارين سالن کان رهندڙ سنڌين کان وڌيڪ سهولتون ميسر آهن، باقي سنڌ جي تاريخي وحدت خلاف ڳالهائڻ يا ان جي سوچ رکڻ به سنڌ دشمني جو عمل آهي، جنهن کي ڪو به غيرتمند پٽ برداشت نه ڪندو، هن چيو ته اها خوني راند ڪرائڻ جي سازش آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي معاملي ۾ حساس آهن، هو سنڌ وطن خلاف ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، اها جيڪا خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي سنڌ جا وارث ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا.

    (روزاني ڪاوش 18" آگسٽ" جي ٿورن سان)
     
  2. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حيدرآباد ۾ به ڌار صوبي جي چاڪنگ۽ بينر لڳي ويا آهن۔

    سائين گُل حسن معاف ڪجو قبلا، اسين پاڻ قومپرست پارٽي سان تعلق رکندڙ آهيو۔ هي جيڪي اسان جا سنڌي اڳواڻ اٿو نه اهي سنڌ امڙ کي هٿ سان وڪيو ويٺا آهن مٺا ڏوھ ڪنهنجو به ڪونهي ، سنڌي پاڻ انهن ڌارين سان ٻڌل آهن، نه ته ڌارين جي مجال آ جو اچي سنڌ ۾ رهن، اسان سنڌي سٻاجھڙا آهيو، اسان کان ظُلم نه ٿيندو آهي اسان رحمدل آهيو، اسان ڌارين کي به جيء ۾ جاوين ڏيندا آهيون پر ٻيلي اسان کي ڪهڙي خبر ته هلي هلي نيٺ ڀڙوا ٿيندي ۽ اسان جي ئي سنڌ امڙ تي قبضو ڪندا، او ادا اسان هاڻي ايترا ته باقغي ٿي چُڪا آهيو جيڪڏهن ڪو ڌاريو سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته گولي هڻندي دير نه ڪنداسينس اسين هاڻي ايترا تنگ ٿي چُڪا آهيون ، اسان جا اڳواڻ ڀاڙيا آهن ، رڳو بيان بازي ڪندا، باقي سُتا ايسين وارن بند ڪمرن ۾ پيا هوندا آهن، انهن کي گھرجي ته رستن روڊن تي اچي عوام کي گڏ ڪن ۽ هڪ انقلابي نعرو هڻي سنڌي قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪن، ادا،،،،،،،،، جيئي سنڌ منهنجي ڪا ڳالھ بُري لڳي هُجي ته هٿ ٻڌي معافي ٿو وٺان ڀا
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: حيدرآباد ۾ به ڌار صوبي جي چاڪنگ۽ بينر لڳي ويا آهن۔

    شرم اچڻ گهرجي اهڙن ماڻهن کي جيڪي سنڌ ۾ ڌار صوبي جي چاڪنگ يا حمايت ڪن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حيدرآباد ۾ به ڌار صوبي جي چاڪنگ۽ بينر لڳي ويا آهن۔

    ادا عُرس ڀا شرم انهن کي ايندي آ جنهن ۾ شرم حيا هوندو آهي انهن کي ڪهڙي شرم جنهن ۾ حيا جو ڪو ٽڪو نه هُجي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حيدرآباد ۾ به ڌار صوبي جي چاڪنگ۽ بينر لڳي ويا آهن۔

    سنڌ جا دشمن ڏينهن به ڏينهن سگهارا ٿيندا وڃن، سنڌ جي سڄڻن کي پنهنجي رفتار ٻيڻي ڪرڻي پوندي ته جيئن دشمنن جو مقابلو برابريءَ جو ٿي سگهي ۔۔۔

    سنڌ جو هر هڪ ماڻهون قومي غيرت سان اڳتي وڌي ۽ هٿياربند جدوجهد جي شروعات ڪري ٻي صورت ۾ ڳالهين سان پٽ ناهن ٿيندا ۔۔۔ عمل ۽ فهم سان سنڌ بچائڻ جون ترغيبون ٿيڻ گهرجن ۔۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: حيدرآباد ۾ به ڌار صوبي جي چاڪنگ۽ بينر لڳي ويا آهن۔

    ادا شرم هجي آ ته ڪڏهن به اها سوچ نه ڪن ها ته اسان ڪير آهيون ۽ اسان کي هن ملڪ ۾ ڪنهن پنهنجي جيءُ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجي بک کي نه ڏسندين به اسان جون پيٽ بکايل کي ڳڀو ڏنو تن کي ڏڪڻ لاَ ڪپڙو ڏنو ۽ انهن کي ئي ڏک ڏيون پيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو