گل حسن لاکو
سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ ڌار صوبي بابت ديوارن تي چاڪنگ ڪرڻ بعد ڪالهه وري حيدرآباد شهر ۾ بينر هڻي ديوارن تي چاڪنگ ڪئي وئي آهي، ميران محمد شاهه روڊ، پوسٽ آفيس ۽ ٻين هنڌن تي لڳايل بينر اڇي رنگ جا آهن، جنهن تي ڪاري پرنٽنگ سان لکيو ويو آهي ته مون کي نه ماريو، اها اسان جي التجا آهي، اسان پنهنجي پيارن جا لاش کڻي ٿڪجي پيا آهيون، اسان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي، مفاهمت جي نالي تي اسان جي ڪرنگهي جي هڏي تي چڀندڙ خنجر اسان کي مفلوج ڪري رهيو آهي، امن جي نالي تي حق جي ڳالهه ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، اسان اهو واضح ڪيون ٿا ته پنهنجو حق وٺڻ کانسواءِ سڪون سان نه ويهنداسين ۽ اسان جي حق جي تقاضا آهي ته اسان کي هن زمين جو فرزند تسليم ڪري، انساني بنيادن تي شهري علائقن کي شهري صوبو قرار ڏنو وڃي، اسين سمجهون ٿا ته اسان جي وڏن 1857ع ۾ جيڪي قربانيون ڏنيون، هاڻي ان جو ثمر حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ان کانسواءِ ديوارن تي شهري صوبي جي چاڪنگ پڻ ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان چوڻ چاهيون ٿا ته جيڪي اهڙا بينر هڻي رهيا آهن اهي پنهنجي سڃاڻپ سان ظاهر ٿين ته هو ڪير آهن؟، هن جو ڪهڙي تنظيم يا گروهه سان تعلق آهي، باقي جيڪڏهن قتل عام جي ڪهاڻي کي کڻجي ته اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جو قتلام جيترو ”جيڪو قائد جو غدار آ، اهو موت جو حقدار آ“ جي نعري تي ڪيو ويو آهي، اوترو فوجي آپريشن سنڌي مهاجر جهيڙن ۾ به نه ٿيو آهي، هن چيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت ڪنهن به معاهدي ۾ اهو نه هو ته ڪو هندستان مان ماڻهو هتي ايندا يا هتي جا ماڻهو هندستان ويندا، اها صرف مخصوص مفادن جي سازش هئي، جنهن تحت قتلام ڪرايو ويو، هن چيو ته اسان انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ برابر جي شهري وارا حق ڏنا اهي ڪئمپن ۾ نه ٿا رهن ۽ نه وري انهن جي ڪا خاص سڃاڻپ آهي، هو سمورن اختيارن ۽ حقن کي استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هو پنهنجي وطن جي ڳالهه ڪن ٿا ته هو جنهن کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا اوڏانهن هليا وڃن، سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به نه ٿيندي ۽ جيڪي اهي خواب ڏسندا، پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي تقسيم ٿي ويندا، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌ جو هر غيرتمند پٽ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ آخري حد تائين ويندو، پوءِ ڀلي ان کي پنهنجي وطن خاطر سر ڏيڻو پوي يا دشمن جو سر وٺڻو پوي، جڏهن ته جسقم جي سربراهه بشير قريشي چيو آهي ته انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ هزارين سالن کان رهندڙ سنڌين کان وڌيڪ سهولتون ميسر آهن، باقي سنڌ جي تاريخي وحدت خلاف ڳالهائڻ يا ان جي سوچ رکڻ به سنڌ دشمني جو عمل آهي، جنهن کي ڪو به غيرتمند پٽ برداشت نه ڪندو، هن چيو ته اها خوني راند ڪرائڻ جي سازش آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي معاملي ۾ حساس آهن، هو سنڌ وطن خلاف ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، اها جيڪا خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي سنڌ جا وارث ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
(روزاني ڪاوش 18" آگسٽ" جي ٿورن سان)
(روزاني ڪاوش 18" آگسٽ" جي ٿورن سان)