قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيس بوڪ تي آزاد سنڌيء جي پروفائل تي اشفاق احمد پنهنجو هڪ واقعو پيش ڪيو آهي۔

    روم جي هڪ شهر ۾ منهنجو ٽريفڪ چالان ٿيو، مصروفيت سبب جرماني جي فيس وقت تي ادا نه ڪري سگهيس۔ عدالت وڃڻو پئجي ويو۔ جج صاحب جي سامهون پيش ٿيس ۽ ان وجهه دريافت ڪئي۔ آء جواب ۾ عرض ڪيو ته مان پروفيسر آهيان ۽ مصروف ايترو هيس جو وقت نه ملي سگهيو۔ مون اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي مس ڪئي ته جج صاحب اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا ته ” اي ٽيچر ان دي ڪورٽ“ ، ان تي هال ۾ موجود سڀ ماڻهو اٿي بيٺا ، مونکان معافي گهريائون ۽ چالان رد ڪري ڇڏيائون۔


    ” ان ڏينهن مان ان قوم جي ترقيء جو راز ڄاڻي ورتو “

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    اسان وٽ به استادن جي کوڙ ساري عزت آهي۔۔۔۔۔ توهان ڏٺو ڪون ڪجهه ڏينهن پهريان ڪئين پريس ڪلب ڪراچيء تي استادن کي ڏنڊا هيان ويا۔۔۔۔۔۔۔ ء پاڻ واري تعليم جي منسٽر جا بيان ته استاد نه بدمعاش آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پوء اسان وٽ ترقي به اهڙي ئي ٿيندي نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    بيشڪ اهي قومون ترقي ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ تعليم ۽ تعليمدانن جو قدر ڪنٿيون، انکان علاوه قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو ۔۔۔ يورپ، آمريڪا، آسٽريليا، ڪئنڊا، اوڀر ايشيا جا ملڪ، يا اولهه ايشيا جا ملڪ يا وري آفريجا جا ملڪ تعليم جي فراواني ۽ قانون جي حڪمراني سان هن وقت پوري دنيا ۾ منهن مٿاهان ڪري هلن ٿا ۽ ڏينهن ۽ رات ترقي جون منزلو طع ڪنٿيون ۔۔۔ انهن جي علمي ڪاوشن ۽ قانوني اصلاحن سان پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي ڀيٽ ڪرڻ ائين آهي جيئن سج کي ڏيئي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪجي ۔۔۔

    سامراجي ڇاڙتا، ظالم حڪمران ۽ فوج، مٿيون ظالم طبقو، نوڪر شاهي ۽ پير، مير انهن سڀني ملي پاڪستان کي هڪ آتش فشان ملڪ ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ عوام هڪ آتش فشان تي ويٺيل مجبور مخلوق آهي ۔۔۔ جنهن ۾ نه انصاف آهي، نه قانون آهي، نه تعليم ۽ تعليمدان جو قدر آهي ۽ نه وري مقدس پيشي سان تعلق رکندڙ ڪامورا ڪي پنهنجي روح ۾ رحم جهڙي ڪا شئي رکنٿا ۔۔۔

    هن سڄي ساري صورتحال جو هڪ ئي حل آهي، خوني انقلاب، جنهن ۾ عوام انهن سڀني ظالمن جو حساب ڪري ۔۔۔ بي صورت ۾ اهي حالتون ائين ئي رهنديون ۔۔۔ اوهان دوستن کي تازو شمشير الحيدري جي انٽرويو ۾ چيل هڪ جملو ياد ڏياريان، جنهن ۾ هن امن پسند معزز ۽ بزرگ انسان پڻ ” تلوار“ کڻڻ جو سبق ڏنو آهي ۔۔۔

    ٽٽون کي ٽارو، تازي کي اشارو ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    اڙي يار عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان به انهن ئي استادن وٽ پڙهيا آهيون

    پر استاد ان وقت خوب محنت ڪندا هئا ۔۔۔۔۔۔۔ صرف حڪمرانن کي غلط چوڻ صحيح ناهي۔ اهو استاد جيڪو 70 هزار پگهار کڻي رهيو آهي اهو ٻه ڪلاڪ به ڪونه ٿو پڙهائي۔ ان ۾ حڪومت به ذميوار آهي جنهن وٽ چيڪ ۽ بئلنس جو ڪو نظام ئي ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پوء به جي استاد همت ڪري پاڻ پنهنجو پورو وقت ڏي ته شاگردن وٽ سندس عزت ضرور وڌندي۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    ه ” اي ٽيچر ان دي ڪورٽ“ ،
    واه سائين واه ترقي به ته انهن قومن ڪئي آهي نه

    .....................................

    ه ” اي ٽيچر ان دي ڪورٽ“ ،
    واه سائين واه ترقي به ته انهن قومن ڪئي آهي نه

    .....................................

    ه ” اي ٽيچر ان دي ڪورٽ“ ،
    واه سائين واه ترقي به ته انهن قومن ڪئي آهي نه
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت



    بلڪل استاد جي عزت ڪرڻ ڪو انهن قومن کان سکي ۽ ها اتي استاد به استاد هوندا آهن
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    ادا سليمان وساڻ صاحب۔ڪاش اسان وٽ به ان ڪليبر جا استاد ٿي وڃن جن کي ڏسي دل هڪدم انهن جي تعظيم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي انهن جي ڪردار ،پيشئي جي وفادري جا اسان مثال ٻين کي ٻڌائڻ ۾فخر محسوس ڪيئون۔هڪ بهترين استاد پنهنجي محنتن سان معاشري کي بهترين فرد ڏئي سگهئي ٿو ۔انهي ڪري اسان جي مذهب ۾ به استاد جي تمام گهڻي تعظيم ڪرڻ جو حڪم مليل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب لک قرب

    گهڻن ڏينهن کان اوهان کي سنڌ سلامت تي مِس ڪري رهيا آهيون۔ اوهان جا ڪمينٽش ۽ اوهان جا ليک هر وقت ياد هوندا آهن۔ اوهان بلڪل صحيح فرمايو آهي ته اسان وٽ اهڙن استادن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي۔ پر اميد جو دامن ناهي ڇڏيو ۽ ان آسري تي آهيون ته استاد پنهنجو ساڳيو مان ۽ عزت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويندا۔
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    تقريبا هر انسان ڪنهن نه ڪنهن نموني شاگرد ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني استاد هوندو آهي جو سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل هر وقت دنيا ۾ هلندو رهي ٿو بس اهو فرق آهي جو هڪ مثالي استاد بنجڻ تمام مشڪل ڪم آهي ۔

    الرحمن علم القرآن ۔ ​

    رحمان الله جل جلاله محبوب کي قرآن سيکاريو ڪائنات جي سردار کي الله تعالي پڙهائي موڪليو ​

    بعثت انا معلما ۔​

    مان دنيا ۾ استاد بنائي موڪليو ويو آهيان ​

    محبوب استادي درجي ۾ تشريف فرما ٿيا ته صحابه فيض يافته شاگرد بڻيا
    ان مڪتبه مان حضرت ابوبڪر ، حضرت عمر ، حضرت عثمان ۽ حضرت علي المرتضي حيدر ڪرار رضي الله عنهم جهڙا جليل القدر شاگرد نڪتا جن وري پنهنجي علمي استعداد سان دنيا کي واسي ڇڏيو ۽ اهوسلسلو هلندو پيو اچي هر پيء پنهنجي اولاد لاء شفيق پيء سان گڏ هڪ سٺي استاد جو ڪردار به ادا ڪندو آهي ۔

    الله تعالي اسان کي بهترين استاد بنجڻ جي توفيق عطا فرمائي۔​
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه

    ادا عرس توهان جي ڪيل ڳالهه تي ڪافي ساترو کليو آهيان

    هههههههههههههه
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: قومن جي ترقيء جو راز ۽ استاد جي عزت

    بيشڪ

    سدائين گڏ
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان به اڄ جيڪو ڪجهه آهيون اهو پنهنجي استادن جي ڏسيل واٽ ۽ سندن ڪاوشن سبب آهيون ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو